رسائی کے لنکس

’بل فائيٽنگ’ راند آهي يا تشدد، فرانس ۾ بحث جاري


بل فائيٽ (فائيل فوٽو)
بل فائيٽ (فائيل فوٽو)

سورهن ورهن جو بيٽسٽ فرانس جي ڏاکڻين شهر، آرلس ۾ ’بل فائٽر ’جي تربيت وٺي رهيو آهي. هن چيو آهي ته قانون ساز جيڪي هن راند تي ملڪ ۾ پابندي لڳائڻ گهرن ٿا انهن جي ذهن ۾ اها سڌي سنئين ڳالهه ڇو نه ٿي وهي ته تفريح ڪنهن کي چئبو آهي.

تقريبن هڪ درجن شاگردن منجهان بيٽسٽ، جيڪو ’آرلس بل فائيٽنگ اسڪول’ ۾ وهڙن جي آڏو روايتي ڳاڙهو ڪپڙو لهرائڻ سکي رهيو آهي، چيو آهي ته ’ڪوريڊاڪ’ جي نالي سان ڄاتل سڃاتل بل فائٽر راند هڪ ’’روايت، هڪ تفريح ۽ ڏاند سان گڏ هڪ رقص آهي’’.

’ڪوريڊا’ جنهن ۾ عام طور تي چمڪندڙ لباس پاتل هڪ ’ميٽاڊور’ جي تلوار سان جاندار کي ماريو ويندو آهي، ان راند کي پسند ڪرڻ وارا ان جهوني روايت کي برقرار رکڻ جي حق ۾ آهن، جڏهن ته ناقدين جي لاءِ اها هڪ ظالمانه رسم آهي جنهن جي جديد معاشري ۾ ڪا جاءِ ڪانهي.

روزنه اخبار ’جرنل ڊو ڊماشي’ جي هڪ تجزيه ڪار مطابق، تقريبا 75 في صد فرانس جي شهرين بل فائيٽنگ تي پابندي لڳائڻ جي حمايت ڪئي آهي ۽ کاٻي پاسي جي قانون ساز، ايمرڪ ڪارون ان پابنديءَ جي لاءِ هڪ بل پيش ڪيو آهي جنهن تي خميص ڏينهن پارليمان ۾ بحث ڪيو ويندو.

گزريل ڇنڇر۽ آچر تي ڏکڻ فرانس جي ڪيترن ئي شهرن ۾ جتي ’ڪوريڊا’ جي اڄ به اجازت آهي، مظاهرا ڪندڙن حمايت ۽ مخالفت ۾ ريليون ڪڍيون. انهن منجهان هڪ بينر نمايان هيو جنهن تي لکيل هو؛ ’ڪوريڊا ڪا لڙائي نه ڪندو آهي. بس تشدد جي شڪار هڪ معصوم کي ڦاهو ڏيندو آهي.

قانون ساز ايمرڪ ڪارون چيو آهي ته هن ڇوٽ کي جنهن ۾ فرانس جي ڪجهه حصن ۾ بل فائيٽنگ جي اجازت ڏني ويندي آهي ۽ جتي هر سال 1000 جي لڳ ڀڳ وهڙا ماريا ويندا آهن، ختم ڪرڻ کپي. هن اخباري نمائندن کي ٻڌايو ته ان روايت جو اخلاقي طور تي ڪو جواز پيش نه ٿو ڪري سگهجي.

تجويز ڪيل بل ڪيترين ئي سياسي جماعتن، ويندي ڪيرون جي کاٻي پاسي واري نويس اتحاد جي وچ ۾ به رائي جي تقسيم موجود آهي، جنهن جي منظوريءَ جو امڪان گهٽ آهي. ليڪن ان فرانس ۾ هڪ پرجوش بحث کي ٻيهر شروع ڪرايو آهي.

نيمز شهر ۾’ڪوريڊا’ جي انچارج ميونسپالٽي جي ڪائونسلر، پادري فريڊرڪ چيو آهي ته ان جي ٻه هزار سال پراڻي تاريخ آهي.

ميونسپالٽيءَ جو چوڻ آهي ته نيمز ۾ هر سال منعقد ٿيڻ وارن 14 بل فائيٽنگ شوز مان لڳ ڀڳ 60 ملين يوروز جي آمدني ٿيندي آهي.

ٻئي پاسي، احتجاج ڪرڻ واري، ٽفني سينامارٽن لارن دليل ڏنو آهي ته اسان جي ساٿي شهرين جي هڪ وڏي اڪثريت بل فائيٽنگ جي مخالفت ڪندي آهي جنهن ۾ وهڙي کي مارڻ جو شو چيو ويندو آهي. سندس لفظن ۾ ’’تشدد ڪنهن قسم جو تفريحي شو نه ٿو سڏائي سگهي’’.

بل فائيٽنگ جنهن جو آغاز اسپين ۾ ٿيو هو اتي به ان تي بحث مباحثو جاري آهي. سال 2010 ۾ ڪاتالونيا ۾ ان تي پابندي لڳائي وئي هئي. ليڪن آئيني عدالت ڪجهه سالن کان پوءِ اها پابندي غلط قرار ڏيندي بل فائيٽنگ کي ثقافتي اثاثو قرار ڏنو هو. جانورن جي ڀلائيءَ جي سوچ رکندڙن جي پاران پيش ڪيل بل اتي به زير بحث آهي، ليڪن ان بل ۾ فائيٽنگ جو ذڪر ڪونهي.

’آرلس بل فائيٽنگ اسڪول’ جي صدر، بويس ليپاس چيو آهي ته جڏهن کان ’بل فائيٽنگ’ شروع ٿي آهي تڏهن کان وٺي ان تي پابنديءَ جا مطالبا ڪيا پيا وڃن، پر اهي ڪوششون ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيون آهن.

XS
SM
MD
LG