رسائی کے لنکس

جنرل اسيمبليءَ ۾ يوڪرين جي قرارداد جي ڀرپور حمايت


روس جي يوڪرين تي جارحيت کي هڪ سال پورو ٿيو. جنرل اسمبليءَ ۾ يوڪرين جي قرارداد تي ووٽنگ، اليڪٽرونڪ بورڊ تي تفصيل ڏسي سگهجن ٿا. 23 فيبروري 2023.
روس جي يوڪرين تي جارحيت کي هڪ سال پورو ٿيو. جنرل اسمبليءَ ۾ يوڪرين جي قرارداد تي ووٽنگ، اليڪٽرونڪ بورڊ تي تفصيل ڏسي سگهجن ٿا. 23 فيبروري 2023.

گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ خميص ڏينهن هڪ قرارداد جي ڀرپور اڪثريت سان حمايت ڪئي جنهن ۾ يوڪرين ۾ جيترو جلدي ممڪن ٿئي عالمي اداري جي چارٽر جي اصولن مطابق هڪ جامع، انصاف تي ٻڌل ۽ جٽادار امن جو مطالبو ڪيو ويو.

يوڪرين جي پيش ڪيل قرارداد جي متن جي حمايت ۾ 141 ۽ مخالفت ۾ ست ووٽ پيا، جڏهن ته 32 ميمبر غير حاضر رهيا.

قرارداد ۾ امن جي تلاش جي اهميت تي زور ڏنو ويو ۽ ان ۾ اسيمبليءَ جي ان مطالبي کي به ورجايو ويو ته روس فوري، مڪمل ۽ غير مشروط طور تي پنهنجي فوجي دستن کي يوڪرين جي سرزمين تان پنهنجي بين الاقوامي طور تي تسليم شده سرحدن جي اندر واپس وٺي ۽ جارحيت ختم ڪري.

جنرل اسيمبليءَ ۾ قرارداد تي ٿيڻ واري ووٽنگ جا نتيجا اسڪرين تي نمايان آهن. 23 فيبروري 2023
جنرل اسيمبليءَ ۾ قرارداد تي ٿيڻ واري ووٽنگ جا نتيجا اسڪرين تي نمايان آهن. 23 فيبروري 2023

گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ جو خصوصي هنگامي اجلاس، جيڪو اربع ڏينهن شروع ٿيو ۽ ووٽنگ ٿيڻ تائين خميص ڏينهن جاري رهيو. اجلاس روس جي حملي کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي سڏايو ويو هو.

ان بحث ۾ روس سميت 75 ملڪن حصو ورتو.

آمريڪي سفير لنڊا گرين فيلڊ قرارداد جي زوردار حمايت جي ساراهه ڪندي چيو ته اسان سفارت ڪاريءَ جي صلاحيت، مذاڪرات جي طاقت ۽ امن جي فوري ضرورت تي يقين رکئون ٿا ۽ اسان کي اميد آهي ته اسان جي ڪوششن سان خطي ۾ امن قائم ٿيندو.

يوڪرين جي پرڏيهي وزير دميترو ڪوليبا عالمي برادريءَ کي اپيل ڪئي ته اهي سندس ملڪ جي حمايت ڪن.

يوڪرين جو پرڏيهي وزير دميترو ڪليبا
يوڪرين جو پرڏيهي وزير دميترو ڪليبا

ڪوليبا ووٽنگ کان پوءِ صحافين کي ٻڌايو ته ’’اڄوڪو ووٽ ان ڳالهه جو هڪ وڌيڪ ثبوت آهي ته رڳو مغرب ئي يوڪرين جي حمايت ڪندو آهي، بلڪه اها حمايت تمام وسيع آهي ۽ اها وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم رهندي’’.

روسي سفير واسيلي نيبنزيا ميمبر ملڪن تي زور ڏنو ته اهي قرارداد جي مسودي جي خلاف ووٽ ڏين. هن چيو ته هن قرارداد ۾ ’’ڪو ٺوس دليل ڪونهي ۽ اهو حقيقت تي مبني ناهي’’.

هن چيو ته ماسڪو امن جي راه ۾ رڪاوٽ ناهي.

روسي سفير چيو ته اسان سنجيده ۽ طويل مدتي سفارتي حل جي ڳولها جي لاءِ تيار آهيون. اسان ڪيترن ئي موقعن تي اها ڳالهه چئي آهي. هن چيو ته اسان جا مخالفين اڃان تائين پنهنجي ان بي معني وهم ۾ مبتلا آهن ته اهي ايٽمي طاقت کي هارائي سگهن ٿا.

(مارگريٽ بشير)

XS
SM
MD
LG