رسائی کے لنکس

نقيب الله قتل ڪيس، عدالت رائو انوار سميت سمورن ملزمن کي رها ڪري ڇڏيو


رائو انوار ۽ نقيب الله محسود (فائيل فوٽو)
رائو انوار ۽ نقيب الله محسود (فائيل فوٽو)

ڪراچيءَ جي انسداد دهشت گرديءَ جي عدالت نقيب الله قتل ڪيس ۾ اڳوڻي پوليس آفيسر رائو انوار سميت سمورن ملزمن کي بري ڪري ڇڏيو آهي.

عدالت فيصلو ڪيو آهي ته پروزيڪيوشن ملزمن تي الزام ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي. اهو پاڪستان جي تاريخ جو سخت بي رحميءَ جو واقعو ٻڌايو ٿو وڃي.

دهشت گرديءَ کان بچاءَ جي عدالت ان ڪيس ۾ 51 شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪيا هيا ۽ آخري دليلن کان پوءِ 14 جنوريءَ 2023 تي ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪيو ويو آهي.

نقيب الله جي خاندان پوليس جو موقف مسترد ڪندي پوليس مقابلي کي جعلي قرار ڏنو هو.

اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار ڪيس جو فيصلو اچڻ کان پوءِ عدالت کان ٻاهر ميڊيا سان گفتگو ڪندي چيو آهي ته اهو ننڍو ڪيس هو، جيڪو اڄ پڄاڻيءَ تي پهتو. نقيب الله محسود مطلوب شخص هو. ان جي خلاف اخبارن ۾ اشتهار ڏنا ويا هيا. ميڊيا تي ان جون جيڪي تصويرون شائع ٿيون اهي جعلي هيون.

ڪيس جي حوالي سان، هن چيو ته هن مقدمي ۾ 25 بي گناه ماڻهن کي چالان ڪيو ويو.

واضح رهي ته هن مقدمي ۾ ايس ايڇ او امان الله مروت سميت ست ملزم مفرور آهن، جڏهن ته اڳوڻو ايس ايس پي رائو انوار عدالت کان ضمانت وٺي چڪو آهي.

جنوري 2018 ۾ ڪراچيءَ جي ملير ضلعي ۾ ٿيندڙ هڪ مبينه پوليس مقابلي ۾ ٽن شهرين کي ماريو ويو هو.

پوليس دعوا ڪئي هئي ته انهن ٽنهين ملزمن جو تعلق شدت پسند ۽ بندش پيل تنظيم، تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) سان آهي ۽ اهي شهر ۾ دهشت گرديءَ جي ڪنهن وڏي ڪاروائيءَ جي تياري ڪري رهيا هيا.

اها مشتبه ڪاروائي ان وقت ملير ضلعي جي ايس ايس پي رائو انوار جي سربراهيءَ ۾ پوليس جي هڪ ٽيم ڪئي هئي.

ڪاروائيءَ کان ڪجهه ڏينهن پوءِ نقيب الله محسود جي سوشل ميڊيا تي تصويرون وائرل ٿيون ته معلوم ٿيو ته نقيب الله محسود دهشت گرد نه بلڪه ماڊل هيو.

ان معاملي تي ايف آئي آر جي مطابق، نقيب الله محسود جي پيءُ ماءُ کي به سندس قتل جو پتو سوشل ميڊيا جي ذريعي ڪجهه ڏينهن گزرڻ کان پوءِ پيو.

نقيب الله جي والد محمد خان ۽ سندس ويجها ساٿي نقيب الله محسود جي ڪنهن به قسم جي ڏوهن ۾ ملوث هئڻ جي هميشه ترديد ڪندا رهيا آهن ۽ ان جي قتل کي عدالت کان مٿاهون واقعو قرار ڏيندا رهيا آهن.

واقعي کان پوءِ سوشل ميڊيا تي مطالبن جي نتيجي ۾ سنڌ حڪومت واقعي جي تعقيقات جي لاءِ ڪاميٽي قائم ڪئي جنهن پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو ته پوليس جعلي مقابلي ۾ نقيب الله محسود سميت ٽن ماڻهن کي قتل ڪيو هو ۽ ايس ايس پي رائو انوار هڪ ٻن نه بلڪه 400 کان وڌيڪ مبينه جعلي پوليس مقابلن ۾ ملوث رهيو آهي.

گرفتاريءَ کان پوءِ رائو انوار کي ملير ڪينٽ ۾واقع سندس گهر کي سب جيل قرار ڏئي هن کي اتي قيد رکيو ويو هو.

بعد ۾ جولاءِ 2018 ۾ انسداد دهشت گرديءَ جي عدالت کان هن قتل جي ڪيس جي ضمانت ملي هئي.

ان ڪيس ۾ 25 مارچ 2019 تي ايس ايس پي رائو انوار سميت 18 ملزمن تي فرد جرم عائد ڪئي وئي هئي ۽ مقدمي جي ڪاروائيءَ جو باقاعده آغاز ٿيو هو.

سمورن ملزمن فرد جرم کان انڪار ڪيو هو جڏهن ته ان کان اڳ عدالت نقيب الله محسود تي دائر غير قانوني اسلحو رکڻ، پوليس مقابلا ۽ دهشت گرديءَ جي مقدمن کي خارج ڪيو هو.

XS
SM
MD
LG