رسائی کے لنکس

بلوچستان ۾ لاپتا ماڻهن جي تعداد ۾ اضافو ڇو ٿي رهيو آهي؟


لاپتا افراد جي رهائيءَ جي لاءِ احتجاجي مظاهرو
لاپتا افراد جي رهائيءَ جي لاءِ احتجاجي مظاهرو

هڪ ڀيرو وري پاڪستان جي بلوچستان صوبي ۾ جبري گمشدگين جي واقعن ۾ اضافو نظر اچي رهيو آهي. لاپتا ماڻهن کي بازياب ڪرائڻ جي ڪم سان وابسته تنظيمن جو موقف آهي ته گزريل چئن مهينن دوران جيڪي شخص لاپتا ٿيا انهن جي اڪثريت شاگردن جي آهي.

تجزيه ڪارن جو چوڻ آهي ته ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ هڪ بلوچ خاتون شاري بلوچ جي پاران چين جي استادن تي ٿيڻ واري خودڪش حملي کان پوءِ بلوچ شاگردن جي جبري گمشدگيءَ جي واقعات ۾ اضافو ٿيو آهي.

بلوچستان ۾ جبري گمشدگين جي خلاف آواز اٿارڻ واري هڪ تنظيم، وائس فار بلوچ مسنگ پرسنز جي نائب سربراه، ماما قدير بلوچ وائس آف امريڪا سان گفتگو ڪندي ملڪ جي خفيه ادارن تي الزام مڙهيو ته انهن جي طرفان بلوچ شاگردن کي هراسان ڪيو پيو وڃي.

مرتضي زهري ڪوئٽه مان پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته ماما قدير ٻڌايو ته گزريل ڪجهه ڏينهن دوران عيد ملهائڻ لاءِ چار شاگرد ڪوئٽه کان ڪيچ وڃي رهيا هيا جڏهن مبينه طور تي سي ٽي ڊي ۽ ٻين خفيه ادارن جي عمل دارن کين مستونگ جي علائقي ۾ بس مان لاٿو ۽ پاڻ سان گڏ وٺي ويا، جن جو هينئر تائين ڪو پتو کرو ڪونهي ته هو ڪنهن حال ۾ آهن.

ياد رهي ته ماما قدير بلوچ ۽ سندن تنظيم جا ٻيا فرد سال 2009 کان لاپتا افراد جي بازيابيءَ جي لاءِ ڪوئٽه پريس ڪلب جي ويجهو علامتي احتجاج ڪندا رهيا آهن. سندن احتجاجي ڪيمپ گزريل 4600 ڏينهن کان اڃان تائين پريس ڪلب ويجهو موجود آهي. ماما قدير ۽ سندس ساٿي آڪٽوبر 2013 کان ڪوئٽه کان ڪراچيءَ تائين پنڌ لانگ مارچ به ڪري چڪا آهن.

هن سال بلوچستان جا ڪيترا شخص لاپتا ٿيا؟

وائس فار بلوچ مسنگ پرسنز جي انگن اکرن مطابق هلندڙ سال هينئر تائين 200 کان وڌيڪ افراد لاپتا ٿي چڪا آهن جن مان اڪثريت بلوچ شاگردن جي آهي جي بلوچستان يا ملڪ جي ٻين علائقن جي يونيورسٽن ۾ زير تعليم هيا.

تنظيم جي چيئرمين نصرالله بلوچ وائس آف امريڪا کي ٻڌايو آهي ته هلندڙ سال جيڪي 200 افراد لاپتا ٿيا هيا، انهن منجهان 65 اڳ ۾ ئي پنهنجي گهر واپس اچي چڪا آهن. هن چيو ته ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ چيني استادن تي ٿيل خودڪش حملي کان پوءِ رياستي ادارن طرفان بلوچ شاگردن جي جبري گمشدگي ۾ تيزي آئي آهي.
تنظيم جي اعداد و شمار مطابق گزشته سال 40 کان وڌيڪ لاپتا فرد بازياب ٿيا، جيڪي چئن کان ڇهن سالن کان لاپتا هيا، جڏهن ته 180 جي لڳ ڀڳ اهڙا شخص به واپس آيا جيڪي هڪ هفتي يا هڪ مهيني تائين غائب رهيا.

حڪومت جو موقف ڇا آهي؟

قانون ۽ انصاف جي وفاقي وزير، سينيٽراعظم نذير تارڙ هن هفتي اسلام آباد ۾ ڪابينا جي ذيلي ڪميٽيءَ جي اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ جبري گمشدگين جي معاملي تي غور ڪيو ويو.

اجلاس ۾وزارت داخله جي اعلي عمل دارن کان سواءِ سمنڊي معاملن جي وفاقي وزير، فيصل سبزواري ۽ غربت ۾ ڪميءَ جي شعبي جي وزير شازيه مري شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سابق سينيٽر فرحت الله بابر خصوصي شرڪت ڪئي ۽ لاپتا افراد جي معاملي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪميٽيءَ جي سامهون پنهنجيون تجويزون پيش ڪيون.

معاملي جي سنجيدگيءَ کي مد نظر رکندي، ڪميٽيءَ لاپتا ماڻهن جي معاملي کي جلد حل ڪرڻ جو عزم دهرايو ۽ آئنده اجلاسن ۾ سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي شرڪت يقيني بنائڻ تي اتفاق ڪيو.

ڪميٽيءَ فيصلو ڪيو ته لاپتا ماڻهن جي باري ۾ ڪم ڪرڻ وارين انساني حقن جي تنظيمن ۽ رياستي ادارن جي نمائندن کي به ايندڙ اجلاسن ۾ شرڪت جي دعوت ڏني ويندي.

گزريل مهيني پاڪستان جي وفاقي وزير داخله، رانا ثنا الله هڪ نجي ٽيلي ويزن کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو آهي ته لاپتا ماڻهن جا وارث ثبوت ڏين ته هو انهن جو پتو کرو لڳائڻ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

XS
SM
MD
LG