رسائی کے لنکس

بلوچستان مان لاپتا ٿيڻ وارن جي تعداد ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌارو


فائيل فوٽو
فائيل فوٽو

پاڪستان جي بلوچستان صوبي ۾ گمشدگيءَ جو معاملو هڪ دفعو وري شدت اختيار ڪري رهيو آهي. لاپتا ماڻهن جي ڳولها جي لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيم، ’وائس فار بلوچ مسنگ پرسنز’ دعوا ڪئي آهي ته سال 2019 ۽ 2021 جي ڀيٽ ۾ هلندڙ سال جبري گمشدگين ۾ اضافو ٿيو آهي.

هوڏانهن انساني حقن جي تنظيم، آيڇ آر سي بلوچستان به جبري گمشدگين تي پنهنجي ءَ ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي هڪ رپورٽ مرتب ڪئي آهي.

خضدار مان جبري طور لاپتا ٿيڻ وارن نوجوانن جي وڊيو وائرل

بلوچستان جي ضلعي خضدار جي علائقي زهريءَ مان مبينه طور تي فٽ بال جي هڪ رانديگر جي زوريءَ گمشدگيءَ جو واقعو پيش آيو آهي.

سماجي رابطي جي ويب سائيٽ، ٽوئٽر تي هڪ وڊيو ڪلپ گردش ڪري رهي آهي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ نوجوان جنهن جو نالو يحيي زاهد آهي اهو فٽ بال ميچ کيڏي رهيو آهي. هيءَ وڊيو خضدار ضلعي جي تعلقي زهريءَ جي علائقي نورگامه جي آهي. جڏهن فٽ بال ميچ جي وڊيو ٺاهي پئي وئي ته ڏسي سگهجي ٿو ته ڪجهه نامعلوم مسلح ماڻهو فٽ بال جي ميدان ۾ داخل ٿين ٿا.

غلام مرتضي زهريءَ پنهنجيءَ رپورٽ ۾ چيو آهي ته ميدان ۾ موجود هڪ رانديگرنالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي وائس آف آمريڪا کي ٻڌايو آهي ته يحيي زاهد اسان سان گڏ فٽ بال کيڏي رهيو هو تي ڇهن کان ست ڄڻا جيڪي مسلح هيا اوچتو ميدان ۾ داخل ٿيا ۽ يحيي جي پويان ڀڄڻ لڳا.هن ٻڌايو ته مسلح ماڻهو سادي لباس ۾ هيا جيڪي مبينه طور تي اردو ۽ پنجابي ڳالهائي رهيا هيا، جنهن مان گمان ٿئي ٿو ته اهي سيڪيورٽي فورسز جا اهل ڪار هيا.

تربت مان ٻن شاگردن جي مبينه جبري گمشدگي

ٻئي پاسي بلوچستان جي ضلعي ڪيچ جي علائقي تربت مان ٻن شاگردن کي مبينه طور تي سيڪيورٽي فورسز حراست ۾ وٺي لاپتا ڪيو آهي.

تربت مان ملندڙ اطلاعن مطابق، تربت يونيورسٽيءَ جا ٻه شاگرد ستار بلوچ ۽ اسلم بلوچ کي موٽر سائيڪل تي يونيورسٽي ويندي لاپتا ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ’وائس فار بلوچ مسنگ پرسنز’ هاڻي تائين ان واقعي جي تصديق نه ڪئي آهي.

هڪ مهيني ۾ 50 ڄڻن جي جبري گمشدگيءَ جي دعوا

وائس آف آمريڪا سان گفتگو ڪندي ’وائس فار بلوچ مسنگ پرسنز’ جي چيئرمين، نصرالله بلوچ چيو آهي ته گزريل ٻن مهينن دوران بلوچستان مان ماڻهن کي جبري طور تي لاپتا ڪرڻ جي واقعن ۾ اضافو ٿيو آهي.

تنظيم پاران مرتب ڪيل انگن اکرن مطابق، گزريل ٻن مهينن دوران بلوچستان جي مختلف علائقن مان 50 کان وڌيڪ ماڻهن کي جبري طور تي لاپتا ڪيو ويو آهي. ان ٻڌايو ته هڪ مهيني ۾ چار لاپتا ماڻهو لڀي ويا آهن ۽ پنهنجي گهرن ڏانهن واپس پهچي ويا آهن.

ياد رهي ته 30 سيپٽمبر تي ڪوئٽا جي علائقي سرياب روڊ ولي جيٽ مان هڪ نوجوان حافظ محمد ياسر لاپتا ٿيو هو جيڪو اڃان تائين بازياب نه ٿيو آهي.

محمد ياسر کان علاوه ان تنظيم کي بلوچستان جي علائقي خضدار ۽ سنڌ جي گاديءَ واري هنڌ، ڪراچيءَ مان ٻن بلوچ نوجوانن جي گمشدگيءَ جي شڪايت ملي آهي جنهن مطابق، 26 سيپٽمبر تي سراج احمد ولد بهرام جيڪو پير شاه جو رهائشي هيو عوامي هوٽل خضدار ۽ 28 سيپٽمبر تي لياريءَ مان سراج ولد اصغر کي سندن گهرن ۾ حراست ۾ ورتو ويو ۽ هينئر تائين لاپتا آهن.

وائس فار بلچ مسنگ پرسنز جي انگن اکرن ۾ دعوا ڪئي وئي آهي ته بلوچستان مان هاڻي تائين لاپتا ٿيڻ وارن جو تعداد 7000 جي لڳ ڀڳ آهي. سال 2019 کان اڄ تائين بازياب ٿيڻ وارن جو تعداد 640 آهي. تنظيم دعوا ڪئي آهي ته ٻن مهينن دوران وڌيڪ 50 ماڻهو لاپتا ٿيا آهن.

نصرالله بلوچ دعوا ڪئي آهي ته بلوچستان ۾ ستن انڪائونٽرز ۾ 45 ماڻهو هلاڪ ٿيا آهن، جن مان ڪيترا ماڻهو اهي هيا جيڪي لاپتا جي فهرست ۾ شامل هيا.

هن چيو ته گزريل ڏينهن دوران ڊيرا مراد جماليءَ ۾ سي ٽي ڊيءَ جن چئن ماڻهن کي مقابلي ۾ مارڻ جي دعوا ڪئي هئي انهن منجهان ٻن جي خاندان وارن سڃاڻپ اڪبر ۽ جيسف ولد نواب جي نالن سان ڪئي آهي. ٻئي ڀائر جولاءِ ۾ ڊيرا مراد جماليءَ مان لاپتا ٿيا هيا.

ان سلسلي ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ ’وائس فار بلوچ مسنگ پرسنز’ هڪ ريلي ڪڍي هئي ۽ ڪوئٽا پريس ڪلب جي سامهون احتجاجي مظاهرو به ڪيو هو.

گمشدگين تي ’ايڇ آر سي’ بلوچستان جو تشويش جو اظهار

ٻئي پاسي بلوچستان ۾ انساني حقن جي لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيم، ايڇ آر سي بلوچستان مان لاپتا ٿيڻ جي حوالي سان هڪ رپورٽ جاري ڪئي آهي جنن ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته صوبي ۾ هڪ مهيني دوران مبينه طور تي سيڪيورٽي فورسز 38 ماڻهن کي جبري طور تي لاپتا ڪيو آهي.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هلندڙ سال سيپٽمبر ۾ ٻن عورتن ۽ ٽن ٻارن سميت 24 ڄڻا ماريا ويا.تنظيم اها رپورٽ گڏيل قومن جي اداري جي انساني حقن جي هائي ڪمشنر جي دفتر جمع ڪرائي آهي.

ٻن ڏينهن ۾ ٻه ڄڻا بازياب

هوڏانهن ’وائس فار بلوچ مسنگ پرسنز’ سماجي رابطي جي ويب سائيٽ، ٽوئٽر تي هڪ بيان جاري ڪيو آهي جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گزريل ٻن ڏينهن دوران ٻه لاپتا شخص ملي ويا آهي، جيڪي پنهنجي گهرن ڏانهن پهچي ويا آهن. انهن منجهان هڪ شخص جو نالو عارف بلوچ جڏهن ته ٻئي جو نالو ڊاڪٽر جميل بلوچ ٻڌايو ٿو وڃي.

حڪومت جو موقف ڇا آهي؟

ٻئي طرف جبري گمشدگين جي حوالي سان سيڪيورٽي ذريعن جو موقف رهيو آهي ته اڪثر لاپتا ماڻهو ٻاهرين ملڪن ڏانهن فرار ٿي چڪا آهن يا ڪن بندش پيل عسڪري تنظيمن ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي آهي، ان ڪري انهن جي خاندان پاران لڳايل الزام بي بنياد آهن.

بلوچستان حڪومت ان معاملي تي چوندي رهي آهي ته سندس ڪوششن سان هاڻي تائين 400 کان وڌيڪ لاپتا ماڻهو ملي چڪا آهن جيڪي پنهنجي گهرن ڏانهن واپس پهچي چڪا آهن، جڏهن ته باقي لاپتا ماڻهن جي ڳولها جي ڪوشش ٿي رهي آهي.

هوڏانهن بلوچستان ۾ لاپتا ماڻهن جي تعداد ۾ واڌ جي حوالي سان جڏهن بلوچستان جي صوبائي وزير داخلا، مير ضيا الله لانگهي کان ٽيلي فون تي سندس موقف ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ڪو جواب موصول نه ٿيو آهي.

XS
SM
MD
LG