رسائی کے لنکس

بنگلا ديش ۾ عام چونڊون جنوري 2024 ۾ ٿينديون


سلهٽ ۾ بنگلا ديش نيشنلسٽ پارٽي (بي اين پي) جي حامين جي سياسي ريلي. 20 نومبر 2022. (فائيل فوٽو)
سلهٽ ۾ بنگلا ديش نيشنلسٽ پارٽي (بي اين پي) جي حامين جي سياسي ريلي. 20 نومبر 2022. (فائيل فوٽو)

بنگلا ديش جي وزير اعظم شيخ حسينه واجد تازو هڪ عوامي جلسي کي خطاب ڪندي، چيو آهي ته ملڪ ۾ ايندڙ عام چونڊون جنوري 2024 جي پهرئين هفتي ۾ ٿينديون.

سال 2018 ۾ شيخ حسينه کي ٽئين مدت جي لاءِ ٻيهر منتخب ڪيو ويو هو، جيڪو ان ملڪ ۾ هڪ رڪارڊ آهي. سندس پارٽيءَ کي وڏي پيماني تي ڪاميابيءَ جي خلاف تشدد ۽ ڌانڌليءَ جا الزام لڳيا هيا. ڪاڪسز بازار ۾ ٿيڻ واري ان جلسي ۾ وزير اعظم عوام کي اپيل ڪئي ته اهي عوامي ليگ کي ٻيهر ووٽ ڏين.

ملڪ جي ٻي وڏي حزب مخالف جي جماعت، بنگلا ديش نيشنلسٽ پارٽي (بي اين پي) جو رهنما وحيد الزمان ملائيشيا ۾ جلاوطنيءَ جي زندگي گزاري رهيو آهي ۽ اڳئين انتخابات جي منصفانه ٿيڻ جي باري ۾ فڪرمند آهي. هن چيو آهي ته تازن هفتن دوران بنگلاديش جي حڪومت 2018 جي قومي چونڊن دوران جهڙو ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو هو، ان ڪري اهو يقين ڪرڻ مشڪل آهي ته ايندڙ قومي چونڊون منصفانه ٿينديون.

مخالف ڌر جي اتحاد الزام مڙهيو آهي ته 2018 جي انتخابات ۾ اليڪشن ۽ سيڪيورٽي عمل دارن جي موجودگيءَ ۾ پوليس جي مدد سان سموري ملڪ جي پولنگ بوٿن ۾ بيلٽ باڪسن کي غير قانوني طور تي ڀريو ويو هو. گڏيل قومن جي اداري ۽ آمريڪا سميت ڪيترن ملڪن تازو حسينه جي حڪومت تي زور ڏنو آهي ته هوءَ ايندڙ قومي چونڊون منصفانه طريقي سان ڪرائي.

راج شاهيءَ ۾ ٿيل هڪ جلسو. 3 ڊسمبر 2022. (فائيل فوٽو)
راج شاهيءَ ۾ ٿيل هڪ جلسو. 3 ڊسمبر 2022. (فائيل فوٽو)

آڪٽوبر جي مهيني ۾ بنگلا ديش جي دوري دوران، آمريڪي نائب پرڏيهي وزير وينڊي شرمين بنگلاديشي عهديدارن تي زور ڏنو هو ته انساني حقن کي برقرار رکن ۽ ملڪ ۾ آزادانه، منصفانه ۽ پرامن قومي چونڊن جو انعقاد يقيني بڻائن.

هوڏانهن، آمريڪي پرڏيهي محڪمي جي ترجمان، نيڊ پرائس 7 نومبر تي بنگلا ديش ۾ سياسي عمل ۽ آئنده انتخابات جي حوالي سان چيو آهي ته آمريڪا کي اميد آهي ته بنگلا ديش جا شهري انهن انتخابات ۾ ڀرپور شرڪت ڪن ۽ ووٽرن کي آزادانه، شفاف ۽ منصفانه چونڊن جي ذريعي پنهنجا نمائندا چونڊڻ جو موقعو ڏين.

ملڪ جي سڀني کان وڏي مخالف ڌر جي جماعت، بي اين پي جو رهنما وحيد الزمان ملائيشيا ۾ جلاوطنيءَ جي زندگي گزاري رهيو آهي ۽ ايندڙ چونڊن جي منصفانه ٿيڻ جي باري ۾ فڪرمند آهي.

XS
SM
MD
LG