رسائی کے لنکس

قطر: فٽ بال ورلڊ ڪپ دوران شراب جي وڪري تي پابندي


دوحه
دوحه

فٽ بال جي عالمي فيڊريشن ’فيفا’ ۽ قطر جي حڪومت عالمي ڪپ جي دوران شراب، بيئر ۽ الڪحل وارن مشروبات جي وڪامڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.

جمعي ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته فيفا عالمي ڪپ جي ميزبان قطر سان ٿيڻ واري ان ڳالهه ٻولهه کان پوءِ فيصلو ڪيو آهي ته ٽورنامنٽ جي دوران ان جي لاءِ ٺاهيل اٺن اسٽيڊيمز ۾ بيئر ۽ الڪحل وڪرو نه ڪيو ويندو. قطر اسلامي ملڪ آهي جتي الڪحل جي استعمال تي سخت پابندي آهي.

خبرن جي اداري، اي ايف پي جي مطابق، ورلڊ ڪپ جي افتتاح کان ٻه ڏينهن اڳ سامهون آيل هيءُ فيصلو حيران ڪن آهي.

برازيل
برازيل

فيفا پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته الڪحل جي اها پابندي فين زونز تي ٿيندي، جنهن کان پوءِ ورلڊ ڪپ جي دوران اسٽيڊيمز جي حدن ۾ به الڪحل يا بيئر جي وڪامڻ جي اجازت نه هوندي ،۽ اهڙا اسٽال هٽايا ويندا.

واضح رهي ته آچر تي ٽورنامنٽ جي آغاز کان اڳ ميدانن کان ٻاهر ڪيترا ئي درجن ’بيئر ٽينٽ’ لڳايا ويا هيا.

قطر ۾ ٿيڻ وارو فٽ بال جو عالمي ڪپ 29 ڏينهن جاري رهندو جنهن ۾ قطر جي حڪومت جي اندازي مطابق ڏهه لک راند جا شوقين شرڪت جي لاءِ ايندا.

فرانس
فرانس

بيئر تيار ڪرڻ واري ’اي بي انبيو’ وڏي عرصي کان فٽ بال جي عالمي ڪپ ۽ فيفا جي اسپانسر رهي آهي. ٽورنامنٽ ۾ بيئر جي وڪامڻ تي پابنديءَ جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته انتظاميا هن فيصلي کي سمجهڻ تي’اي بي انبيو’ کي ساراهي ٿي.

ٽورنامنٽ جي دوران اسٽيڊيمز جي ’وي آئي پي سوئيٽس’ ۾ به بيئر دستياب نه هوندو. ان کان سواءِ دوحه ۾ فيفا جي فين زونز، ڪن ذاتي زونز ۽ 35 هوٽلن ۽ ريستورانن ۾ به بيئر جي وڪامڻ تي پابندي هوندي.

(هن خبر ۾ شامل مواد خبرن جي ادارن، اي پي ۽ رائيٽرز تان ورتو ويو آهي)

XS
SM
MD
LG