رسائی کے لنکس

پنهنجي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ لاءِ بائيڊن جي ڪانگريس جي رهنمائن سان ملاقات


صدر بائيڊن پاران وائيٽ هائوس ۾ ڪانگريس جي رهنمائن سان ملاقات. 29 نومبر 2022.
صدر بائيڊن پاران وائيٽ هائوس ۾ ڪانگريس جي رهنمائن سان ملاقات. 29 نومبر 2022.

صدر جو بائيڊن اڱاري ڏينهن ان اميد جو اظهار ڪيو ته قانون ساز حڪومت کي درڪار رقمون منظور ڪرڻ، يوڪرين جي لاءَ وڌيڪ مدد ڏيڻ ۽ ريلوي ڪارڪنن جي هڙتال کي روڪڻ جي لاءِ ملي ڪم ڪندا. هن اها ڳالهه وائيٽ هائوس ۾ ڪانگريس جي رهنمائن سان ملاقات جي موقعي تي پنهنجي تقرير ۾ چئي.

ليڪن، ريپبلڪن پارٽيءَ پاران ايوان نمائندگان ۾ متوقع اسپيڪر چتاءُ ڏنو آهي ته جڏهن سندس پارٽي ايوان جو ڪنٽرول سنڀاليندي ته صورت حال ’’مختلف ٿي ويندي’’.

اها ميٽنگ اهڙي وقت ٿي جڏهن بائيڊن ان ڳالهه جو خواهش مند آهي ته ٽين جنوري کان اڳ جڏهن ايوان نمائندگان ۾ ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جو ڪنٽرول ڍرو ٿي وڃي، هو چاهي ٿو ته ان وچ ۾ وڌيڪ قانون سازي ڪئي وڃي، ۽ 16 ڊسمبر تي حڪومت کي ’شٽ ڊائون’ کان بچائڻ لاءِ ڪانگريس اڳتي وڌي قدم کڻي. بائيڊن اهو به چاهي ٿو ته ڪووڊ 19 کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت کي جيڪا واڌو رقم گهربل آهي ۽ يوڪرين جي معيشت جي مدد جي لاءِ روسي جارحيت جي دفاع جي لاءِ يوڪرين کي آمريڪي مدد درڪار آهي تنهن جو بندوبست ٿي سگهي.

بائيڊن ڪانگريس کان مطالبو ڪيو ته اها ريلوي ۽ ان جي ڪارڪنن جي وچ ۾ سمجهوتو طئي ڪرائڻ لاءِ اڳتي وڌي ته جيئن 9 ڊسمبر تي ريلوي جي هڙتال جي ڌمڪيءَ جو بروقت تدارڪ ڪري سگهجي.

هلندڙ سال جي مالي بجيٽ منظور ڪرڻ جي سلسلي ۾ قانون ساز ڪيترا مهينا پوئتي آهن ۽ عارضي بندوبست جي اقدام تي هلي رهيا آهن، جڏهن ته وفاقي ادارن خبردار ڪيو آهي ته کين رقمن جي دستيابيءَ جي کوٽ آڏو آهي.

بائيڊن قانون سازن کي چيو ته ’’حڪومت کي گهربل رقمون فراهم ڪرڻ جي لاءِ مون کي اميد آهي ته اسان گڏجي ڪم ڪري سگهنداسين’’.

اها ملاقات ’ روزويلٽ روم’ ۾ ٿيو جنهن ۾ صدر بائيڊن ڪانفرنس ٽيبل جي اڳيان ويٺو جڏهن ته هڪ پاسي کان ايوان جي ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جي اسپيڪر نينسي پيلوسي ته ٻئي پاسي سينيٽ ۾ اڪثريتي پارٽي جو ليڊر چڪ شومر ويٺو هو.

ريپبلڪن پارٽيءَ جي ٿورائيءَ واري اڪثريت وارو ليڊر ڪيون مڪ ڪارٿي شومر جي ڀر ۾ جڏهن ته سينيٽ ۾ اقليتي ليڊر مچ مڪونيل پيلوسيءَ جي پاسي ۾ خاموش ويٺل هيو.

ملاقات جي شروع ۾ بائيڊن چيو ته مون کي اميد آهي ته درپيش معاملن تي سمجهوتي تي پهچڻ لاءِ اسان سڀ گڏجي ڪم ڪنداسين. قانون ساز هڪ ڪلاڪ کان ڪجهه وڌيڪ دير تائين صدر سان اجلاس ڪندا رهيا، جنهن دوران نائب صدر ڪامله هيرس ۽ اعلي صلاح ڪار به شريڪ ٿيا.

امڪان اهو ئي آهي ته مڪ ڪارٿي جنوريءَ ۾ ايوان جو نئون اسپيڪر نامزد ٿيندو، جنهن لاءِ سڀ کان پهريان کيس پنهنجي پارٽيءَ کان 3 جنوريءَ کان اڳ حمايت حاصل ڪرڻي پوندي. وائيٽ هائوس ۾ اخباري نمائندن سان ڳالهائيندي، مڪ ڪارٿيءَ چيو ته لڳي ٿو ته بائيڊن کي احساس ٿي ويو آهي ته ايوان ۾ ري پبلڪن پارٽيءَ جي ڪنٽرول سنڀالڻ کان پوءِ صورت حال مختلف ٿي ويندي.

پوين ٻن سالن دوران ايوان ۾ ري پبلڪن پارٽيءَ جي اقليتي قائد صدر بائيڊن سان مشڪل سان ڪا ڳالهه ٻولهه ڪئي هوندي. هن چيو ته هو ڪنهن سان به گڏ ڪم ڪري سگهي ٿو، ليڪن 8 نومبر جي مڊٽرم چونڊون ظاهر ڪن ٿيون ته آمريڪا ’چيڪ اينڊ بيلينس’ ۾ يقين رکي ٿي.

وائيٽ هائوس مان واپس ويندي، شومر ۽ پيلوسيءَ چيو ته اجلاس ’’سٺو’’ ۽ ’’تعميري’’ هيو.

شومر چيو ته ’’ڪمري ۾ نيڪ خواهش نظر آئي’’. هن چيو ته سندن مقصد اهو هو ته ملاقات ۾ سوچ ۾ ويجهڙائپ ڏسڻ ۾ اچي.

XS
SM
MD
LG