آمريڪي صدر جو بائيڊن ۽ چين جي صدر شي جن پنگ سومر ڏينهن پهرين روبرو ملاقات ڪئي. بائيڊن جي صدارتي عهدي سنڀالڻ کان لڳ ڀڳ ٻه سال پوءِ هيءَ ملاقات اهڙي وقت ٿي جڏهن ٻنهين سپر پاورز جي وچ ۾ اقتصادي ۽ بين الاقوامي سيڪيورٽي جي معاملن تي ڪشيدگي وڌي رهي آهي ۽ ٻئي عالمي اثر و رسوخ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن.
هن ملاقات کان پوءِ آمريڪي صدر جو بائيڊن چيو ته کيس يقين نه ٿو اچي ته چين جو رهنما تائيوان تي جلد ئي ڪنهن حملي جي منصوبه بندي ڪري رهيو آهي. ليڪن، هن چيو ته واشنگٽن آبناءِ تائيوان ۾ امن برقرار رکڻ جي لاءِ پرعزم آهي.
باليءَ جي هڪ صحت افزا هوٽل ۾ بائيڊن چين جي صدر شي جن پنگ سان ساڍن ٽن ڪلاڪن جي ملاقات کان پوءِ هڪ اخباري ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته آمريڪا عالمي سطح تي پوري توانائيءَ سان چين سان مقابلو ڪندو. ليڪن، هن چيو ته هو اختلافن طرف نه ٿو ڏسي، مان مقابلي کي ذمه داريءَ نڀائڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان.
تازن مهينن دوران تائيوان تي ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿيو آهي. چين جا لڙاڪا جهاز تائيوان جي فضائي حدن جي ويجهو سمنڊ ۾ ميزائيل ڪيرايا آهن ۽ چين امريڪي ايوان نمائندگان جي اسپيڪر نينسي پيلوسي آگسٽ ۾ تائيپي جي دوري تي احتجاج ڪيو هو.
چين جي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته شي بائيڊن کي چيو ته هو پنهنجي ان وعدي جو احترام ڪري ته آمريڪا تائيوان جي آزاديءَ جي حمايت نه ڪندو ۽ نه ئي آمريڪا چين تي ڪنٽرول جي لاءِ تائيوان کي هٿيار جي طور تي استعمال ڪرڻ جو ڪو ارادو رکي ٿو.
ان کان اڳ انڊونيشيا جي هڪ لگزري هوٽل ۾ ٻنهين رهنمائن هٿ ملائي هڪ ٻئي جو آڌرڀاءُ ڪيو، جتي اهي وڏي معيشتن جي گروپ، ’جي ٽوينٽي’ جي سربراه اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن.
گفتگوءَ جي آغاز ۾ صدر بائيڊن چيو ته سندس ۽ شيءَ جي اها ’’ذمي داري’’ آهي ته هو اهو ظاهر ڪري ته سندن قومون پنهنجي اختلافن کي سنڀالي سگهن ٿيون ۽ هڪ ٻئي سان تعاون جي شعبن جي نشاندهي ڪري سگهن ٿيون.
ان موقعي تي چيني صدر شي جن پنگ چيو ته کيس اميد آهي ته ٻئي رهنما تعلقات کي بلند سطح تي وٺي ويندا. هن چيو ته هو بائيڊن سان کليءَ طرح ۽ گهرائيءَ سان خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
خبرن جي اداري، ايسو سي ايٽڊ پريسس جي مطابق، ٻنهين رهنمائن پنهنجي پنهنجي ملڪن ۾ اندروني طور تي مضبوط سياسي موقف سان ملاقات ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ آيا آهن.
صدر بائيڊن جي ڊيموڪريٽڪ پارٽي گزريل هفتي ٿيڻ واري وچ مدتي چونڊن ۾ آمريڪي سينيٽ جو ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو آهي ۽ هاڻي هن وٽ ايندڙ مهيني جارجيا ۾ ٻيهر ٿيڻ واري اليڪشن ۾ پنهنجي ڪاميابيءَ کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو موقعو آهي. ٻئي طرف چين جي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي قومي ڪانگريس صدر شي کي گزريل مهيني ٽيون ڀيرو رڪارڊ پنجن سالن جي مدت لاءِ رهنما منتخت ڪيو آهي.
ملاقات کان اڳ صدر جو بائيڊن چيو هو ته سينيٽ ۾ ڊيموڪريٽس جي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ سان سندس چين جي صدر شي جن پنگ سان ڳالهه ٻولهه ۾ وڌيڪ تقويت ملندي.
بائيڊن آمريڪا جي رياست نيواڊا ۾ سينيٽر ڪيٿرين ڪارٽيز مستو جي ٻيهر انتخاب جي منظرنامي ۾ وائس آف آمريڪا سان ڪمبوڊيا جي گاديءَ واري هنڌ نوم پنهه ۾ دوري جي موقعي تي ڳالهائي رهيو هو.
چيني صدر سان پهرين ملاقات جي حوالي سان بائيڊن چيو ته هو ڄاڻي ٿو ته هو مضبوط ٿي رهيو آهي.
آمريڪا جي صدر ڪمبوڊيا جي گاديءَ واري هنڌ تي ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪن جي تنظيم، آسيان ۽ ايسٽ ايشيا سربراهي اجلاس ۾ رهنمائن سان ملاقات ڪئي.