رسائی کے لنکس

اسان کي مارٽن لوٿر ڪنگ جونيئر جي ميراث تي ڌيان ڏيڻ کپي، صدر بائيڊن


صدر جو بائيڊن مارٽن لوٿرڪنگ جونيئر جي ڏينهن تي منعقد خصوصي تقريب کي خطاب ڪندي. 16 جنوري 2023.
صدر جو بائيڊن مارٽن لوٿرڪنگ جونيئر جي ڏينهن تي منعقد خصوصي تقريب کي خطاب ڪندي. 16 جنوري 2023.

مارٽن لوٿر ڪنگ جونيئر جي سالگره جي موقعي تي صدر جو بائيڊن آچر ڏينهن آمريڪا جي ’فريڊم چرچ’ ۾ خطاب ڪيو، جيڪو عهدي تي موجود ڪنهن صدر پاران ان چرچ ۾ پهريون خطاب هو.

ان تاريخي خطاب ۾ صدر چيو ته جمهوريت جو هيءُ هڪ اهم موڙ آهي ۽ شهري حقن جي رهنما جي زندگي ۽ ميراث اسان کي رستو ڏيکاري ٿي ۽ اسان کي ان ڏانهن توجه ڏيڻ گهرجي.

ابينيزر بيپٽسٽ چرچ ۾ خطاب ڪندي صدر بائيڊن انهن سوالن جو حوالو ڏنو جيڪي ڪڏهن ڪنگ پاڻ قوم کان پڇيا هيا.هن چيو ته اسان هتان کان ڪاڏي وينداسين؟ اڄ جي ڏينهن منهنجو قوم کي اهو پيغام آهي ته اسان کي اڳتي وڌڻ گهرجي، اسان کي ڪٺو ٿيڻ کپي. جڏهن اسان جموريت کي آمريت تي، هڪ عزيز ڪميونٽيءَ کي انتشار تي فوقيت ڏيون، جڏهن اسان عقيدن جي عمل ڪرڻ وارن ۽ ’ڊريمرز’ جي ڪم ڪرڻ وارا بڻجڻ، بي خوف ٿيڻ تي ۽ هميشه پنهنجي عقيدي تي قائم رهڻ جو انتخان ڪيون.

ميڙ، منتخب عهديدارن ۽ معززين کي پنهنجي خطاب ۾ بائيڊن چيو ته هن ملڪ جي روح سربلند رکڻ جي جنگ لڙڻ هڪ دائمي عمل آهي. اهو اميد ۽ خوف جي وچ ۾، رحمدليءَ ۽ ظلم جي وچ ۾، انصاف ۽ بي انصافيءَ جي وچ ۾ هڪ مستقل جدوجهد آهي.

صدر انهن جي خلاف اشارو ڪيو جيڪي نسل پرستي، انتها پسندي ۽ بغاوت کي هوا ڏين ٿا. هن چيو ته جمهوريت جي تحفظ جي لاءِ، عدالتن ۽ بيلٽ باڪسز، مظاهرن ۽ ٻين طريقن سان جدوجهد جاري رهي آهي. اسان جي بهترين ڪارڪردگيءَ سان آمريڪي عهد کٽندو، ليڪن مون کي توهان کي اهو ٻڌائڻ جي ضرورت ناهي ته اسان جي ڪارڪردگي هميشه بهترين نه هوندي آهي. اسان ناڪام ٿيندا آهيون ته ڪري پوندا آهيون.

ابينيزر چرچ ۾ بائيڊن اهو خطاب پاڻ کي درپيش هڪ نازڪ موقعي تي ڪيو آهي جڏهن خميص ڏينهن اٽارني جنرل ميرڪ گارلينڊ ان ڳالهه جي پڇا ڳاڇا جي لاءِ هڪ خصوصي وڪيل مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو ته صدر 2017 ۾ نائب صدارت ڇڏڻ کان پوءِ خفيه دستاويزن کي ڪنهن هينڊل ڪيو.

وائيٽ هائوس ڇنڇر ڏينهن انڪشاف ڪيو ته وڌيڪ خفيه دستاويزات ولمنگٽن، ڊلاويئر جي ويجهو سندس رهائش گاهه منجهان مليا آهن.

هن چيو ته اها ان باري ۾ فيصلي جي گهڙي آهي آيا اسان اهڙي قوم آهيون جيڪي آمريت جي جاءَ تي جمهوريت جو انتخاب ڪندا آهيون؟ اهو سوال 15 ورهه اڳ نه پيا پڇي سگهون ڇو ته هر ڪنهن جو خيال هو ته جمهوريت قائم ٿي چڪي آهي. ليڪن ائين ناهي.

صدر چيو ته آمريڪين کي انتشار جي جاءِ تي ڪميونٽيءَ جو انتخاب ڪرڻو پوندو. اهي اسان جي وقت جا اهم سوال آهن ۽ اهو ئي سبب آهي جو مان صدر جي طور تي هتي توهان آڏو موجود آهيان. مون کي پڪ آهي ته ڊاڪٽر ڪنگ جي زندگي ۽ ميراث اسان کي رستو ڏيکاريندي ۽ اسان کي ان تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.

ابينيزر بيپٽسٽ چرچ ۾ ٿيڻ واري هن سروس ۾ ڪنگ جي 95 سالن جي ڀيڻ، ڪرسٽين ڪنگ فارس سميت سندس خاندان جي ڀاتين شرڪت ڪئي.

آمريڪا ۾ شهري حقن ۽ نسلي برابريءَ جي لاءِ جدوجهد ڪرڻ واري ڊاڪٽر مارٽن لوٿر ڪنگ جونيئر جي سالگره جون تقريبون جمعي کان جاري آهن. مارٽن لوٿر ڪنگ جونيئر 15 جنوري 1929 تي پيدا ٿيو. ليڪن سندس ياد ۾ هر سال جنوريءَ جي ٽئين سومر تي آمريڪا ۾ عام موڪل ڪئي ويندي آهي.

ڪنگ جونيئر ڊي جي موڪل نسلي انصاف جي ايجنڊا جي فروغ جو ٻيو سال آهي جنهن دوران پوليس اصلاحات کان وٺي رائي جي حق کي تقويت پهچائڻ ۽ اقتصادي ۽ تعليمي فرق کي مٽائڻ جا قدم کڻڻ شامل آهن.

مارٽن لوٿر ڪنگ ڊي تي قومي موڪل پهريون ڀيرو 1986 ۾ ڪئي وئي هئي. ان کان پوءِ هر سال ان ڏينهن تي ڊاڪٽر ڪنگ جي خدمتن جي اعتراف ۾ سموري آمريڪا ۾ ريليون ۽ ٻين تقريبن جو اهتمام ڪيو ويندو آهي.

ڪنگ جونيئر ان وقت سياه فام شهرين جي حقن جي لاءِ تحريڪ جو آغاز ڪيو هو جڏهن آمريڪا ۾ انهن جي خلاف نسلي تعصب عروج تي هو. ڊاڪٽر ڪنگ جي پرامن تحريڪ حڪومت ۽ ادارن کي پنهنجيون پاليسيون بدلائڻ تي مجبور ڪيو هو.

هو 15 جنوري 1929 ۾ جارجيا جي رياست جي شهر ايٽلانٽا ۾ پيدا ٿيو. مارٽن لوٿر ڪنگ 1955 ۾ شهري حقن جي هڪ تنظيم جو آغاز ڪيو هو ۽ تمام تيزيءَ سان سياه فام طبقن ۽ انهن جي حامي سفيد فامن ۾ مقبوليت حاصل ڪئي هئي.

واشنگٽن ڊي سيءَ ۾ مارٽن لوٿر ڪنگ جونيئر جو يادگار
واشنگٽن ڊي سيءَ ۾ مارٽن لوٿر ڪنگ جونيئر جو يادگار

آمريڪا ۾ ان دور ۾ نسلي تعصب زور تي هيو ۽ عوامي هنڌن تي به سياه فام ماڻهن کي سفيد فام کان الڳ رکيو ويندو هو. ليڪن مارٽن لوٿر ڪنگ ان فرق کي مٽائڻ جي جدوجهد شروع ڪئي ۽ برابريءَ وارن حقن حاصل ڪرڻ جي لاءِ عدم تشدد تي مبني تحريڪ جو آغاز ڪيو.

سنه 1950 جي ڏهاڪي دوران ڪنگ جونيئر ان وقت وڌيڪ مشهور ٿيو جڏهن الاباما جي رياست جي شهر منٽگمريءَ ۾ هڪ سياه فام خاتون روزا پارڪس سفيد فام شخص جي لاءِ بس ۾ سيٽ خالي ڪرڻ کان انڪار ڪيو جنهن تي هن کي گرفتار ڪيو ويو.

مارٽن لوٿر ڪنگ ۽ سندس ساٿين ان تي ڀرپور احتجاج ڪيو ۽ ڏهن ڏينهن تائين سياه فام ماڻهن ۽ انهن جي حامي سفيد فام ماڻهن بسن جو بائيڪاٽ ڪيو. ان احتجاج کان پوءِ عهديدارن کي بسن ۾ امتيازي سلوڪ تي مبني روايت ختم ڪرڻي پئي. اها مارٽن لوٿر ڪنگ جونيئر جي تحريڪ جي هڪ وڏي ڪاميابي هئي.

اگسٽ 1963 تائين نسلي مساوات جي لاءِ جاري جدوجهد آمريڪا ۾ ڦهلجي چڪي هئي. ان دوران وفاقي گاديءَ واري هنڌ واشنگٽن ڊي سيءَ تائين مارچ جو اعلان ڪيو ويو جنهن ۾ شريڪ سياه ۽ سفيد فام ماڻهن جو تعداد اڍائي لکن تائين پهچي ويو هو. هي احتجاج پر امن هو جنهن ۾ ڪا گرفتاري عمل ۾ نه آئي هئي.

ان مارچ کي ڊاڪٽر ڪنگ جو مشهور خطاب ’آئي هيو اي ڊريم’ بنيادي طور تي ملڪ جي ڏکڻ تائين ڦهليل سياه فامن جي تحريڪ جو پر اثر پيغام هو.

پنهنجي خطاب ۾ ڊاڪٽر ڪنگ چيو هو ته ’’هڪ ڏينهن ايندو جڏهن معصوم سياه فام ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ننڍيءَ عمر ۾ سفيد فام ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين سان ڀاءُ ڀيڻ وانگر هٿ ملائي سگهندا’’.

هن 1964 جي سول رائيٽس ايڪٽ ۽ 1965 جي ووٽنگ رائيٽس ايڪٽ جي منظوريءَ ۾ مدد ڪئي هئي.

ڊاڪٽر ڪنگ جونيئر کي سندس خدمتن جي اعتراف ۾ 1964 ۾ امن جو نوبيل انعام ڏنو ويو.

ان دوران آمريڪا ۾ محروم طبقن ۽ مزدورن جي احتجاج ۾ شريڪ ٿيندو رهيو. هو ٽين اپريل 1968 تي سينيٽري ورڪرز جي هڙتال ۾ شرڪت جي لاءِ رياست ٽينيسيءَ پهتو جتي چوٿين اپريل 1968 تي ميمفس جي شهر جي هڪ هوٽل ۾ هن کي گولي هڻي قتل ڪيو ويو.

لورين هوٽل جتي مارٽن لوٿر ڪنگ رهيو هو هاڻي اهو سول رائيٽس جو حصو بڻايو ويو آهي ۽ هر سال اتي سندس ياد ۾ تقريب منعقد ڪئي ويندي آهي.

(هن رپورٽ جو مواد اي پي ۽ رائيٽرز تان ورتو ويو آهي)

XS
SM
MD
LG