رسائی کے لنکس

اڳواٽ اعلان کان سواءِ صدر بائيڊن جو يوڪرين جو دورو، يڪجهتيءَ جو اظهار


ڪئيف پهچڻ تي صدر بائيڊن صدر زيلنسڪي ۽ يوڪريني خاتون اول سان گڏ. 20 فيبروري 2023.
ڪئيف پهچڻ تي صدر بائيڊن صدر زيلنسڪي ۽ يوڪريني خاتون اول سان گڏ. 20 فيبروري 2023.

آمريڪا جو صدر جو بائيڊن سومر ڏينهن روسي جارحيت جي شڪار يوڪرين ساڻ يڪجهتيءَ جي اظهار جي لاءِ بغير اڳواٽ اعلان جي ڪئيف جي دوري تي پهتو.

آمريڪي صدر هيءُ دورو اهڙي وقت ڪيو آهي جڏهن يوڪرين تي روس جي حملي کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ وارو آهي.

سومر ڏينهن يوڪرين جي گاديءَ واري هنڌ، ڪئيف پهچڻ کان پوءِ صدر بائيڊن يوڪرين جي صدر ولادومير زيلنڪسيءَ سان ملاقات ڪئي. جنهن کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي صدر بائيڊن يوڪرين جي لاءِ 50 ڪروڙ ڊالر جي واڌو امداد جو اعلان ڪيو ۽ کين يقين ڏياريو ته آمريڪا ۽ سندس اتحادي يوڪرين جي مدد جاري رکندا.

صدر بائيڊن چيو ته هڪ سال اڳ روس جي حملي جي شروع ۾ اهو خوف ڦهليل هو ته روس جي فوج ڪئيف تي ستت ئي قبضو ڪري وٺندي.

ليڪن، سندس بقول، ’’هڪ سال گزرڻ جي باوجود ڪئيف پنهنجي جاءِ تي پختو بيٺو آهي، جمهوريت قائم آهي ۽ دنيا توهان سان گڏ بيٺي آهي’’.

صدر بائيڊن چيو ته سندس خيال ۾ هي دورو ان ڪري به ضروري هو ته جيئن هن جنگ ۾ يوڪرين جي لاءِ آمريڪا جي حمايت جو اظهار ٿي سگهي ۽ ان متعلق ڪنهن قسم جو ڪو شڪ باقي نه رهي.

ملاقات کان پوءِ صدر زيلنسڪيءَ صحافين کي ٻڌايو ته هن آمريڪي صدر سان وڏي فاصلي تائين مار ڪرڻ وارن هٿيارن جي فراهميءَ کان سواءِ اهڙن هٿيارن جي رسد تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي جيڪي اتحادين پاران يوڪرين کي ملي سگهن ها پر هاڻي تائين نه مليا آهن.

صدر بائيڊن يوڪريني صدر سان گڏ ڪئيف ۾ واقع سينٽ مائيڪل ڪيٿيڊرل جو دورو به ڪيو. ٻئي صدر جنهن وقت گرجا گهر کان ٻاهر نڪري رهيا هيا ان وقت ڪئيف هوائي حملي جي سائرن جي آواز سان گونجي رهيو هو. پر ٻنهين صدرن بظاهر ان سائرن کي نظر انداز ڪيو.

ان کان پوءِ ٻنهين صدرن 2014 کان هينئر تائين مارجي ويل يوڪريني فوجين جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ ورکا ڪئي ۽ جان جو نذرانو ڏيڻ وارن جي ياد ۾ ڪجهه دير خاموشي اختيار ڪئي.

واضح رهي ته ڪئيف ۾ موجود آمريڪي سفارت خاني جي حفاظت تي لڳل ميريز جي هڪ ننڍي دستي کان سواءِ يوڪرين ۾ ڪٿي به آمريڪي فوج موجود ناهي. اهڙي وقت آمريڪي صدر جو يوڪرين جو دورو تمام اهم ۽ غير متوقع آهي، ڇو ته آمريڪي صدر جي ڪنهن اهڙي جنگ زده علائقي جو دورو جتان جي ايئراسپيس آمريڪا يا ان جي اتحادين جي ڪنٽرول ۾ نه هجي، اڻ ٿيڻي ڳالهه خيال ڪئي ٿي وڃي.

هينئر تائين اها ڳالهه واضح ناهي ته ڇا واشنگٽن روس کي صدر جي هن دوري متعلق اڳواٽ اطلاع ڏنو هيو، ته جيئن روس ڪئيف ۾ آمريڪي صدر جي موجودگيءَ دوران ڪو حملو نه ڪري.

صدر بائيڊن جي يوڪرين جي دوري متعلق قياس آرائيون ڪيترن هفتن کان جاري هيون ۽ امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته آمريڪي صدر 24 فيبروريءَ تي يوڪرين تي روسي حملي جي هڪ سال پوري ٿين تي ڪئيف جو دورو ڪندو. پر وائيٽ هائوس مسلسل اهڙي ڪنهن دوري جي منصوبه بنديءَ کان انڪار ڪندو رهيو هو.

صدر بائيڊن جنگ جي دوران ڪئيف جو دورو ڪرڻ وارو پهريون غير ملڪي اڳواڻ ناهي. گزريل سال جون ۾ فرانس جي صدر ايمانوئيل ميڪ خوان، جرمن چانسلر اولاف شلز ۽ اٽلي جي ان وقت جي وزيراعظم مارو دراگيءَ ريل گاڏيءَ ذريعي گڏجي ڪئيف تائين سفر ڪيو هو. برطانيه جي وزير اعظم رشي سونڪ به گزريل سال نومبر ۾ وزير اعظم جو منصب سنڀالڻ کان ستت ئي پوءِ ڪئيف جو دورو ڪيو هو.

آمريڪي صدر جي طور تي ڪنهن جنگ زده علائقي جو بائيڊن جو هي پهريون دورو آهي. آمريڪي صدر يوڪرين مان پولينڊ ويندو. سندس پولينڊ جي دوري جو اڳ ۾ ئي اعلان ڪيو ويو آهي.

(خبر ۾ شامل مواد اي ايف پي ۽ رائيٽرز تان ورتل آهي)

XS
SM
MD
LG