رسائی کے لنکس

يوڪرين جي بهادر عوام ۽ فوج جا حوصله بلند آهن، ڪاميابي سندن قدم چمندي، ماهرن جو بيان


يوڪرين تي پينل ڊسڪشن: وي او اي جي قائم مقام ڊائريڪٽر يولنڊا لوپيز ۽ وي او اي جي ڊجيٽل اسٽريٽجي جي ڊائريڪٽر، ميٿيو بيز ابتدائي ڪلمات ادا
يوڪرين تي پينل ڊسڪشن: وي او اي جي قائم مقام ڊائريڪٽر يولنڊا لوپيز ۽ وي او اي جي ڊجيٽل اسٽريٽجي جي ڊائريڪٽر، ميٿيو بيز ابتدائي ڪلمات ادا

پوئين سال فيبروريءَ ۾ روس يوڪرين جي خلاف جارحيت ڪئي، جيڪا اڄ سوڌي جاري آهي. پنهنجي محدود وسيلن جي باوجود يوڪرين جي بهادر قوم پاڻ کان وڏي ۽ طاقتور مخالف جو مقابلو ڪري رهي آهي، جنهن جو حوصلو اڄ به بلند آهي.

وائس آف آمريڪا اربع ڏينهن شام جو يوڪرين جي باري ۾ مذاڪري جي محفل منعقد ڪئي، جنهن کي يوٽيوب ۽ فيس بڪ تي براه راست نشر ڪيو ويو. ان ۾ وي او اي جي قائم مقام ڊائريڪٽر يولنڊا لوپيز ۽ وي او اي جي ڊجيٽل اسٽريٽجي جي ڊائريڪٽر، ميٿيو بيز ابتدائي ڪلمات ادا ڪيا. ان کان پوءِ ’پينل ڊسڪشن’ ۾ ماهرن جارج باروز، ميلنڊا هارنگ ۽ رسلان پيٽرڪ موجود سامعين ۽ آن لائين موصول ٿيڻ وارن سوالن جا جواب ڏنا.

ماهرن چيو ته يوڪرين کي 1991 ۾ آزادي ملي ۽ ان جموريت، روشن خيالي، ترقيءَ جي مغربي قدرن کي پروان چڙهائڻ ڏانهن قدم وڌايو.سندن بقول، اڄ يوڪرين نيٽو جو ميمبر آهي ۽ ’’مطلق العنان نازي سوچ رکندڙ’’ پوٽن جي ارادن کي ناڪام بنائڻ لاءِ آمريڪا سميت سمورا آزاد جمهوري سوچ جا حامل ملڪ روس جي خلاف جنگ ۾ يوڪرين جي هر طرح سان مدد ڪري رهيا آهن. سال گزرڻ باوجود يوڪرين مضبوطيءَ سان پنهنجي اصولي موقف تي قائم آهي ۽ دليريءَ سان جارحيت جو مقابلو ڪري رهيو آهي.

پنهنجي ابتدائي ڪلمات ۾ يولنڊا لوپيز چيو ته ٻي مهاڀاري لڙائيءَ جي دور ۾ جڏهن 81 سال اڳ وائس آف آمريڪا جو بنياد رکيو ويو، ان وقت اداري جو اعلانيه ’مشن’ آزاد، حقيقت تي مبني، اصل، تفصيلي خبرون ۽ تبصرا ڏيڻ هو ته جيئن ’’نازي پروپيگنڊا جو توڙ پيش ڪيو وڃي’’. اڄ عالمي برادريءَ جو واسطوهڪ ڀيرو ٻيهر آمريت جو پرچار ڪرڻ وارن، ’هولوڪاسٽ جي حامين’ ۽ ڪميونزم جي غلط بيانيءَ ۽ پروپيگنڊا سان آهي، جنهن جو توڙ پيش ڪرڻ وائس آف آمريڪا جي ذمي آهي ۽ ’’اسان اها ذمي داري ايمانداريءَ ، جذبي ۽ موثر قوت سان ڪري رهيا آهيون’’.

هن چيو ته روس يوڪرين تي لڙائي مسلط ڪئي، جنهن معاملي تي وي او اي ’’سچ جي بنياد تي، آزاد ۽ تفصيلي خبرون پيش ڪري رهيو آهي’’. هن چيو ته ’’اولهه جا ملڪ، آمريڪا ۽ سمورا آزاد جمهوري ملڪ’’ سچ تي ٻڌل سوچ سان گڏ بيٺا آهن، جڏهن ته ’’روس غلط بياني ۽ پروپيگنڊا ذريعي’’ دنيا تي اثر انداز ٿيڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته وائس آف آمريڪا اڄ به دنيا ۾ خبرن ۽ تجزين جو اوترو ئي مقبول ادارو آهي جيترو 80 سال اڳ هيو. اڄ اداري جا پروگرام 100 ملڪن ۾ ۽ دنيا جي 48 زبانن ۾ پيش ڪيا وڃن ٿا، جن کي ٻڌندڙ، ڏسندڙ ۽ پڙهندڙ شوق سان آزاد، درست خبرون، وڊيوز ۽ ويب سائيٽ ۽ ٽيلي ويزن تي تفصيلي خبرون ٻڌن، ڏسن ۽ پڙهن ٿا.

پنهنجي ابتدائي ڪلمات ۾ ميٿيو بيز چيو ته اهو به وقت هيو جڏهن ريڊيو ئي دنيا جي سامعين تائين پهچڻ جو واحد ذريعو هو، اسان ان وقت به موثر نموني ۾ اطلاع ۽ خبرون پهچائڻ جو ڪم ڪيو. ريڊيو جي جاءِ هاڻي ٽيليويزن، ويب ۽ ڊجيٽل ميڊيا والاري آهي ۽ زياده تر سامعين ۽ ناظرين ٽيليوزن، ويب ۽ ڊجيٽل ميڊيا تي مشتمل آهن. هن چيو ته اڄ وائس آف آمريڪا جون نشريات دنيا جي 100 کان وڌيڪ ملڪن ۾ هفتي ۾ 326 ملين نوجوانن تائين پهچي رهيون آهن.

هن چيو ته سال 2020 ۾ عالمي سطح تي ڪووڊ 19 جي باري ۾ وڌ ۾ وڌ معلومات حاصل ڪرڻ وارا، سامعين ۽ ناظرين وي او اي جا پروگرام ٻڌي، ڏسي ۽ پڙهي رهيا هيا، جڏهن ته 2022 ۾ يوڪرين جي لڙائيءَ جي باري ۾ مختلف زبانن جي پروگرامن ۾ يوڪرين جي باري ۾ ’’وڌ ۾ وڌ دلچسپي ڏٺي وئي’’. هن چيو ته سوشل ميڊيا تي 120 ملين شائقين پوسٽن کي پڙهن ٿا، ويب تي 80 ملين وزيٽرز اچن ٿا، جڏهن ته سال ۾ اداري جون 2 بلين وڊيوز ڏٺيون وڃن ٿيون.

ان کان پوءِ ماهرن يوڪرين جي موضوع تي پنهنجا خيال پيش ڪيا ۽ سامعين جي سوالن جا جواب ڏنا.

جارج باروز چيو ته باوجود گهٽ وسيلن ۽ ٿوريءَ فوج جي يوڪرين دليريءَ سان روس جي جارحيت جو مقابلو ڪري رهيو آهي. هن چيو ته، ’’يوڪرين جي عوام ۽ ملٽريءَ ٻنهين جو حوصلو بلند آهي، جڏهن ته روسي ’فائر پاور’ وڌيڪ هاڃيڪار آهي پر روسي جارح فوج جو حوصلو پست آهي’’. هن چيو ته لڙائي ايتري آسان ڪونهي، ليڪن يوڪرين کي مغرب جي حمايت جي تمام گهڻي ضرورت آهي.

سوال ڪيو ويو ته پوٽن جو مقصد ڇا آهي؟ آمريڪا 5000 ميل پري يوڪرين جي مدد ڇو ڪري رهيو آهي؟ ڇا داءَ تي لڳل آهي؟ يوڪرين کي ڪهڙيون مشڪلون درپيش آهن؟

هن چيو ته روس جا ارادا صاف ظاهر آهن. ’’هو نه ٿو چاهي ته سندس پاڙي جو هڪ ملڪ جمهوريت، آزاد خيالي ۽ ترقيءَ جي مغرب جي وزني قدرن ۽ ’انٽرنيشنل آرڊر’ تي عمل ڪري. ليڪن ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه هئڻ گهرجي ته اسان يوڪرين جي مڪمل حمايت ڪري رهيا آهيون’’.

سوال جي جواب ۾ جارج چيوتي اڃان جنگ بندي جو مرحلو نه آيو آهي، ليڪن لڙائيءَ جا پنهنجا اصول هوندا آهن. جڏهن ضرورت پئي، مذاڪرات ۾ سرسي حاصل ڪرڻ جي لاءَ ضروري آهي ته ميدان جنگ ۾ ڪاميابيءَ جا جهنڊا کوڙيا وڃن. يوڪرين کي ڊونباس ۽ ٻين علائقن تان قبضو ڇڏائڻ جي ضروت آهي. اصول اهو ئي آهي ته مضبوطيءَ سان تڏهن ئي ڳالهائي سگهبو جڏهن لڙائي ۾ ڪامياب ٿبو.

هن چيو ته طاقتور روسي ڪنوينشنل هٿيارن جو توڙ ڪرڻ يوڪريني فوج جو ڪمال آهي. هن چيو ته يوڪرين آمريڪا ۽ مغرب کان ملندڙ هٿيارن جو موثر نموني استعمال ڪري رهيو آهي، ۽ جنگ جي پڄاڻيءَ تي اولهه جي ملٽري اڪيڊمين کي گهرجي ته اهي يوڪرين جي تجربي کي سامهون رکن.

جارج باروز اميد ظاهر ڪئي ته لڙائي ختم ٿيڻ تي 80 لک يوڪريني شهري، جن ۾ اڪثريت نوجوان عورتن جي آهي، يقيني طور تي پاڙيسري يورپي ملڪن مان يوڪرين واپس ايندا ۽ پنهنجي ملڪ جي نئين سر اڏاوت ۾ حصو وٺندا.

ميلنڊا هارنگ چيو ته آثار اهي آهن ته هيءَ لڙائي جلدي ختم نه ٿيندي. هن چيو ته يوڪرين جا بيشمار فوجي ۽ شهري مارجي ويا آهن، ’’جن تي روسي فوج ظلم ۽ بربريت جي انتها ڪري ڇڏي آهي’’.

سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بهار جي موسم ايندي ئي لڙائي تيز ٿي سگهي ٿي، ۽ ضرورت ان ڳالهه جي ضرورت آهي ته اسان لڙائيءَ ۾ يوڪرين جي هر طرح سان مدد ڪيون، جنهن ۾ هٿيارن جي مدد کان سواءِ معاشي مدد به شامل آهي. ان سلسلي ۾ هن بائيڊن انتظاميه کي ساراهيو جنهن پوئين سال فوجي هٿيارن کان علاوه يوڪرين جي اسڪولن، اسپتالن ۽ سڙڪن جي نئين سر تعمير جي لاءِ 9 ارب ڊالرن جي امداد ڏني.

هڪ سوال جي جواب ۾ ميلنڊا ان ڳالهه سان اتفاق ڪيو ته 1991 ۾ آزادي حاصل ڪرڻ واري ملڪ يوڪرين جي ’’معاشري ۾ ڪرپشن جو آزار رهيو آهي’’، جنهن کي منهن ڏيڻ جي ضرورت رهي آهي. ليڪن، هن چيو ته ’’ڪيئف نئون برلن ثابت ٿيندو’’، ڇو ته ڪئيف هڪ بهترين ۽ پر ڪشش شهر آهي.

بوچا جي شهر ۾ ٿيل جنگي جرائم جو ذڪر ڪندي، ميلنڊا چيو ته بي گناه شهرين تي بربريت ڪري، روس انسانيت سوز عمل ڪري رهيو آهي.

رسلان پيٽرڪ چيو ته وائس آف آمريڪا سميت دنيا جي آزاد ميڊيا يوڪرين مان حقائق تي مبني خبرون جاري ڪري رهيا آهن، جيڪا پنهنجي جاءِ تي وڏي خدمت آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ رسلان چيو ته باوجود هٿيارن جي ڪمي، کائڻ جي لاءِ شين جي اڻاٺ ۽ هر طرف تباهي۽ جي منظر جي، يوڪرين جو عوام پنهنجي مستقبل جي باري ۾ ’’پراعتماد آهي’’. يوڪريني هڪ ئي ڳالهه چون ٿا ته ڪاميابي يوڪرين جي ئي ٿيندي چاهي ڪجهه به ٿئي

هن چيو ته ڪوشش ٿي رهي آهي ته روسي عوام کي قائل ڪيو وڃي ته روس يوڪرين تي لڙائي ٿوپي آهي، جنهن جو روس وٽ ڪو جواز ڪونهي.

XS
SM
MD
LG