رسائی کے لنکس

صدر جو بائيڊن اڄ رات ٻيو ’اسٽيٽ آف دي يونين’ خطاب ڪندو


صدر جو بائيڊن پهرين مارچ 2022 تي ڪانگريس جي گڏيل اجلاس ۾ پهريون ’اسٽيٽ آف دي يونين’ خطاب ڪندي. (فائيل فوٽو)
صدر جو بائيڊن پهرين مارچ 2022 تي ڪانگريس جي گڏيل اجلاس ۾ پهريون ’اسٽيٽ آف دي يونين’ خطاب ڪندي. (فائيل فوٽو)

صدر جو بائيڊن اڄ اڱاري ڏينهن پنهنجو ’اسٽيٽ آف دي يونين’ خطاب ڪنهن حد تائين مايوس ڪن رپورٽ ڪارڊ سان ڪري رهيو آهي.

واشنگٽن پوسٽ-اي بي سي نيوز جي هڪ عام جائزي مان معلوم ٿئي ٿو ته 62 في صد آمريڪين جي مطابق هو پنهنجي عهدي جي ٻن سالن ۾ تمام گهڻو ڪامياب نه رهيو يا تمام گهٽ ڪامياب رهيو يا بالڪل ڪامياب نه رهيو.

ساڳئي وقت، بائيڊن اڪثر ڌيان ڇڪائيندو رهيو آهي ته هن لکين نيون ملازمتون پيدا ڪيون آهن، موسمياتي تبديليءَ کي منهن ڏيڻ ۽ ملڪ جي پراڻي سڙڪن ۽ پلن جي ڄار جي مرمت جي لاءِ قانون سازي منظور ڪرائي آهي، ۽ ساڳئي وقت مغربي ملڪن جي اتحاد کي اڳواڻي فراهم ڪئي آهي، جيڪي يوڪرين جي خلاف روسي جارحيت جي خلاف وڙهي رهيا آهن.

وائيٽ هائوس جي پريس سيڪريٽريءَ ڪرين زان پيئر چيو آهي ته ان جي برعڪس اڱاري جي رات ڪانگريس جي گڏيل نشست جي آڏو پيش ٿي کيس عوام کي پڪ ڏيارڻ جو موقعو ملندو. سومر جي شام تائين صدر پنهنجي ويجهن صلاح ڪارن سان گڏ پنهنجي تقرير جي باري ۾ مشورو ۽ مسودي تي نظرثاني ڪري رهيو هو.

هن ٻڌايو ته بائيڊن وٽ رڳو ڪانگريس سان ئي نه بلڪه آمريڪين سان به ان باري ۾ سڌو سنئون ڳالهه ڪرڻ جو موقعو ملندو ته هن پويان ٻه سال ڇا ڪجهه ڪيو ۽ هو ملڪ جي مستقبل کي ڪيئن سنواريندو.

سياسي ماهر اينڊريو سيلگ سوهن جيڪو غير وابسته رسرچ آرگينائزيشن، ’پبلڪ ايجنڊا’ جو سربراه آهي، چيو آهي ته بائيڊن کي گهڻن ئي آمريڪين جي سامهون سڀ کان اهم موضوع يعني معيشت تي ڳالهه ڪرڻ جي گهرج آهي. ان کان سواءِ ممڪن آهي ته هو پرڏيهي پاليسيءَ، عام صحت، پوليس جي اصلاحات، گن ڪنٽرول ۽ اميگريشن سميت ٻين اهم معاملن تي به ڳالهه ڪري.

هن وڌيڪ چيو ته ’اسٽيٽ آف دي يونين’ خطاب ۾ بائيڊن کي اهو چيلنج آڏو آهي ته هو عالمي معاملن جو ذڪر ڪندي پاڻ کي اهڙي رهنما جي طور تي پيش ڪري ته هو عام معاشي چيلنجن کان نه صرف آگاه آهي، بلڪه انهن سان نبرڻ جي لاءِ تيار آهي، جيڪي آمريڪين کي درپيش آهن.

بروڪنگز انسٽي ٽيوٽ ۾ گورننس جي هڪ تجزيه ڪار، وليم گالسٽائن جو چوڻ آهي ته بائيڊن جي تقرير ۾ پاليسيءَ کان سواءِ ٻيا به ڪيترا موضوع شامل ٿي سگهن ٿا.

هن چيو ته هاڻي جڏهن ته صدر ڪانگريس جي گڏيل نشست جي سامهون بيهندو ته کيس اهو ظاهر ڪرڻ جي ضرورت پوندي ته هو وائيٽ هائوس ۾ وڌيڪ مدت تائين رهڻ چاهي ٿو.

بائيڊن ڪيترا ئي ڀيرا چئي چڪو آهي ته هو 2024 ۾ انتخاب وڙهڻ جو ارادو رکي ٿو. ليڪن هاڻي تائين صدر پنهنجي اميدوار هئڻ جو باقاعده طور تي اعلان نه ڪيو آهي.

ڊيموڪريٽس جي اڪثريت جو خيال آهي ته صدر جو بائيڊن جي لاءِ صدارت جي هڪ مدت ڪافي آهي. ليڪن، صدر چاهي ٿو ته 2024 ۾ ٻيهر انتخاب ۾ حصو وٺي.

ايسو سي ايٽڊ پريس ۽ ’سي اين او آر سي سينٽر فار پبلڪ افيئرز رسرچ’ جي هڪ نئين جائزي مطابق صرف 37 في صد ڊيموڪريٽس صدر بائيڊن جي ٻي مدت جي لاءِ چونڊ ۾ حصو وٺڻ جي خواهش رکن ٿا.

اها شرح سال جي وچ مدتي چونڊن کان اڳ وارن هفتن دوران 52 في صد هئي. حالانڪه بائيڊن قانون سازيءَ جي پنهنجي ڪاميابين ۽ حڪومت ڪرڻ جي صلاحيت کي ساراهيندو رهندو آهي، ليڪن تازن جائزن مان معلوم ٿئي ٿو ته بالغ آمريڪين جي بنسبت گهٽ تعداد ان سان متفق آهي.

جائزي ۾ شريڪ جواب ڏيڻ وارن سان ’فالو اپ’ انٽرويو مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڪيترن ئي ماڻهن جي خيال ۾ 80 سال جي عمر ۾ ايترين ذمي دارين جو بار کڻڻ سولو ڪم ڪونهي.

آمريڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي عمر واري صدر بائيڊن کان اڪثر سندس عمر جي باري ۾ سوال ڪيو ويندو آهي، ڇو ته جيڪڏهن هو پورا اٺ سال ان عهدي تي ڪم ڪندو رهيو تي سندس عمر 86 سال ٿي ويندي. هو گهڻو ڪري دير تائين ڪم ڪندو رهندو آهي. ڪيترا ڪلاڪ بيٺو رهندو آهي ۽ سفر جي دوران ملڻ وارن اجنبين جا نالا ياد رکندو آهي، جيڪي ساڻس پنهنجي حياتيءَ جا تجربا ورهائڻ جي لاءِ آتا هوندا آهن.

هو اڌ صديءَ کان وٺي قومي سياسي شخصيت رهيو آهي. هو پهريون دفعو 1972 ۾ ڊلاويئر مان سينيٽر چونڊيو هو. صدر جي طور تي جڏهن هو اسٽيج تي پنهنجي خيالن ۾ رهندو آهي يا تقريرن جي دوران اٽڪندو آهي ته اهڙو عمل کيس ڏانهن ڌيان ڇڪائيندو آهي.

گالسٽائن چيو آهي ته جيڪڏهن توهان عام رائي جي جائزن کي ڏسو ته ڊيموڪريٽس، ريپبلڪنز ۽ غير جانبدارن جي اڪثريت جو خيال آهي ته هو ان منصب جون ذمي داريون سنڀالڻ جي لاءِ تمام گهڻو پيرسن ٿي چڪو آهي. اڄ کيس جي لاءِ درحقيقت سڀ کان اهم ڳالهه اها هوندي ته هو پنهنجي تقرير ۾ لازمي طور تي ان تاثر کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري.

جيڪڏهن هو اهو تاثر نه ڏئي سگهيو ته اهو سندس ٻيهر چونڊ جي لاءِ بيهڻ ۾ رڪاوٽ بڻجي سگهي ٿو. ان ڪري، هن خطاب ۾ تقرير جو انداز به تمام گهڻي اهميت رکي ٿو.

صدر آمريڪي ايسٽرن ٽائيم موجب رات نوين بجي خطاب ڪندو.

(وي او اي نيوز)

XS
SM
MD
LG