رسائی کے لنکس

آمريڪا ۾ ’جمهوريت ڪانفرنس’، پاڪستان سميت 120 ملڪن کي سڏ


وائيٽ هائوس جي آڊيٽوريم ۾ جمهوريت جي پهرئين سربراه اجلاس جي افتتاحي تقريب کي صدر جو بائيڊن خطاب ڪري رهيو آهي. 9 ڊسمبر 2021. (فائيل فوٽو)
وائيٽ هائوس جي آڊيٽوريم ۾ جمهوريت جي پهرئين سربراه اجلاس جي افتتاحي تقريب کي صدر جو بائيڊن خطاب ڪري رهيو آهي. 9 ڊسمبر 2021. (فائيل فوٽو)

آمريڪا ۾ هلندڙ هفتي جمهوريت جي عنوان تي ٻي سربراهي ڪانفرنس ٿي رهي آهي، جنهن ۾ پاڪستان سميت 120 کان وڌيڪ ملڪن جي اڳواڻن کي شرڪت جو سڏ ڏنو ويو آهي، ليڪن پاڪستان پاران ان ۾ شرڪت جي سلسلي ۾ اڃان ڪو واضح بيان سامهون نه آيو آهي.

ان ڪانفرنس ۾ پاڪستان سان گڏ سندس پاڙيسري ملڪ ڀارت جا اڳواڻ به شرڪت ڪندا. اطلاعن مطابق، پاڪستان جي ٽن ويجهن دوست ملڪن چين، ترڪي ۽ سعودي عرب کي سڏ نه ڏنو ويو آهي، جڏهن ته تائيوان کي شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي.

’گلوبل ڊڪليريشن آف ميئرز فار ڊيموڪريسي’ جي عنوان سان ورچوئل اجلاس آمريڪا جي پرڏيهي محڪمي ۽ بين الاقوامي ترقيءَ جي آمريڪي اداري (يو ايس ايڊ) جي سهڪار سان ٿي رهيو آهن، جنهن ۾ جمهوري قدرن، شهرن ۽ مڪاني حڪومتن جي ڪردار سان گڏ عالمي سطح تي جمهوريت جا معاملا ويچار هيٺ ايندا.

پاڪستان هيليتائين ان اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ جي باري ۾ ڪجهه نه چيو آهي. ڪانفرنس اڱاري کان شروع ٿيندي. هوڏانهن پاڪستان ڊسمبر 2021 ۾ ان سلسلي جي پهرين ڪانفرنس ۾ به ڪنهن سبب ٻڌائڻ بنا شرڪت نه ڪئي هئي.

ان وقت تاثر اهو هو ته پاڪستان شايد چين جي چوڻ تي ان ڪانفرنس ۾ شرڪت نه ڪئي هئي.

پاڪستان کي ڪانفرنس ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر شريڪ ٿيڻ جو سڏ هڪ اهڙي موقعي تي ڏنو ويو آهي جڏهن پاڪستان ۽ آمريڪا ۾ مختلف سطح تي رابطن ۽ لاڳاپن ۾ گرم جوشي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ٻئي پاسي، اسلام آباد هڪ مشڪل اقتصادي صورت حال ۾ آهي.

هڪ طرف پاڪستان عالمي مالياتي اداري (آئي ايم ايف) جي ’بيل آئوٽ پيڪيج’ جي بحاليءَ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي ته ٻئي پاسي پاڪستان پنهنجي دوست ملڪن کان به مدد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

آمريڪا چين جي بجاءِ تائيوان کي هن اجلاس ۾ سڏايو آهي جنهن جي ڪري، ڪن مبصرن جي نظر ۾، پاڪستان جي لاءِ هن اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ مشڪل معاملو ٿي ويو آهي.

پاڪستان جي پرڏيهي آفيس ڪانفرنس ۾ شرڪت جي حوالي سان وائس آف آمريڪا جي درخواست جي باوجود هينئر تائين پنهنجو ڪو موقف نه ڏنو آهي.

پاڪستان جي لاءِ صورت حال ڏکي ٿي وئي آهي’

ڏهه ڏينهن اڳ پرڏيهي آفيس جي ترجمان، ممتاز زهرا بلوچ کان جڏهن نيوز بريفنگ جي دوران پڇيو ويو هو ته پاڪستان آمريڪا ۾ ٿيڻ واري جمهوريت جي سربراهي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو يا نه؟ تنهن تي هن چيو هو ته هن مرحلي تي اڃان ڪو فيصلو نه ٿيو آهي.

بين الاقوامي ناتن جي تجزيه نگار حسن عسڪريءَ چيو آهي ته اهو چوڻ ڏکيو آهي ته پاڪستان هن اجلاس ۾ شرڪت ڪندو يا نه.، ليڪن چين جي بجاءِ ڪانفرنس ۾ تائيوان کي سڏ ڏيڻ جي ڪري پاڪستان جي لاءِ صورت حال مشڪل ٿي وئي آهي.

حسن عسڪريءَ وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي واضح ڪرڻ وارن جي لاءِ اها هڪ مشڪل صورت حال آهي، هڪ پاسي پاڪستان کي چين جي ضرورت آهي جڏهن ته ٻئي پاسي آمريڪا کي به ناراض نه ٿو ڪرڻ گهري.

هڪ اڳوڻي سفارت ڪار، اعزاز چوڌريءَ چيو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان سربراهي سطح تي هن ڪانفرنس ۾ شرڪت نه ٿو ڪري ته پوءِ به شايد پاڪستان علامتي طور تي پرڏيهي وزير جي سطح تي هن ڪانفرنس ۾ وفد موڪلي سگهي ٿو، ته جيئن پاڪستان توازن کي برقرار رکي، ته جيئن نه چين ناراض ٿئي ۽ نه ئي آمريڪا ڏانهن ڪو غلط تاثر وڃي.

(جليل اختر جي رپورٽ)

XS
SM
MD
LG