رسائی کے لنکس

صدر بائيڊن ۽ سندس گهر واريءَ جي سالياني آمدني ڪيتري آهي ۽ هنن گهڻو ٽيڪس ڀريو؟


صدر جو بائيڊن ۽ خاتون اول جل بائيڊن (فائيل فوٽو)
صدر جو بائيڊن ۽ خاتون اول جل بائيڊن (فائيل فوٽو)

آمريڪا جي صدر جو بائيڊن ۽ سندس گهر واريءَ جل بائيڊن جي پوئين سال جي آمدني پنج لک 79 هزار 514 ڊالر هئي، جنهن تي هنن هڪ لک 37 هزار 658 ڊالر فيڊرل انڪم ٽيڪس ادا ڪئي. صدارتي جوڙيءَ پنهنجي گڏيل حاصلات تي 23.8 سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪئي، جڏهن ته آمريڪا ۾ هر گهراڻو سراسري 14 سيڪڙو ٽيڪس ڀريندو آهي.

صدر بائيڊن ۽ سندس گهر واريءَ جي ڪمائيءَ ۾ گزريل سالن دوران معمولي گهٽتائي ٿي آهي. ان کان اڳ 2020 ۽ 2021 ۾ سندن آمدني ڇهه لک ڊالر کان مٿي هئي. آمريڪا جي انگ اکر رکڻ واري اداري مطابق، آمريڪا ۾ سراسري طرح ڪمائي 69 هزار 717 ڊالر آهي.

وائيٽ هائوس اڱاري ڏينهن صدر بائيڊن ۽ سندن گهر واريءَ ۽ نائب صدر ڪاملا هيرس ۽ سندس مڙس ايم هوف جا ٽيڪس ريٽرنز جاري ڪيا.

آمريڪا ۾ صدرن جي سالياني آمدني ۽ ٽيڪس جا تفصيل جاري ڪرڻ رواجي ڳالهه آهي. ليڪن صدر بائيڊن ۽ سندس پوئين هم منصب ڊونلڊ ٽرمپ جي دور ۾ اها روايت جاري نه رکي وئي هئي ڇو ته هن پنهنجي ٽيڪس ڀرڻ جو رڪارڊ ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو. ليڪن انهن جي ڇهن سالن جي ٽيڪس ادائگيءَ جو رڪارڊ پوئين سال آمريڪي ڪانگريس جي هڪ ڪاميٽيءَ جاري ڪيو هو.

صدر بائيڊن ۽ سندس گهر واريءَ جي ڪمائي 2019 کان پوءِ گهٽي آهي. سال 2019 ۾ سندن سالياني آمدني 10 لک ڊالر هئي جنهن ۾ ڪتابن جي وڪري، تقريرن ۽ ’يونيورسٽي آف پنسلوانيا’ ۽ ’ناردرن ورجينيا ڪميونٽي ڪاليج’ ۾ پڙهائڻ جي شعبي مان آمدني ٿيندي هئي.

غريب ترين سينيٽر

صدر بائيڊن نائب صدر به رهيو آهي ۽ ڊلاويئر مان سينيٽر رهي چڪو آهي. هو پنهنجي تقريرن ۾ اڪثر ان ڳالهه جو حوالو ڏيندو رهيو آهي ته هو سينيٽ جو سڀني کان غريب ميمبر رهيو آهي. بائيڊن چيو ته هو ايترو غريب هو جو هو واشنگٽن ۾ گهر جي رهائش جو خرچ نه پيو ڀري سگهي ۽ ريل تي سفر ڪندو هو.

هلندڙ هفتي هڪ تقريب کي خطاب ڪندي صدر بائيڊن چيو ته هو 36 سال سينيٽر رهيو آهي، جنهن دوران هو نه ئي ڊلاويئر ۾ گهر ٺاهي سگهيو ۽ نه ئي پنهنجي فيمليءَ لاءِ واشنگٽن ۾ گهر وٺي سگهيو.

پگهار ۽ عطيا

آمريڪا جي صدر طور جو بائيڊن کي سالياني چار لک ڊالر پگهار ملندي آهي. سندس گهري واري ’ناردرن ورجينيا ڪميونٽي ڪاليج’ ۾ پڙهائيندي آهي، جتان کيس ساليانو 82 هزار 335 ڊالر پگهار ملندي آهي. صدارتي جوڙي رياست ڊلاويئر ۾ 29 هزار 23 ڊالر ۽ ورجينيا ۾ 3129 ڊالر رياست جو ٽيڪس ڀريندا آهن.

ان کان سواءِ صدر ۽ سندس گهري واري 20 مختلف عام ڀلائيءَ وارن ڪمن جي لاءِ 20 هزار 180 ڊالر چندو ڏيندا آهن. ان منجهان هنن سڀني کان وڌيڪ عطيو ’بيو بائيڊن فائونڊيشن’ کي ڏنو جيڪو پنج هزار ڊالر هيو.

بائيڊن خاندان ٻارن سان بدسلوڪيءَ جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ اها غير سرڪاري تنظيم صدر بائيڊن جي پٽ جي نالي سان ٺاهي هئي جنهن جو 2015 ۾ ’برين ڪينسر’ جي ڪري 46 ورهن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو.

بائيڊن ۽ سندس گهر واريءَ 1680 ڊالر ڊيلاويئر جي هڪ چرچ کي عطيو ڪيا ۽ ٻه هزار’فريٽرنل آرڊر آف پوليس فائونڊيشن’ کي ڏنا.

نائب صدر جي آمدني ۽ ٽيڪس

نائب صدر ڪاملا هيرس ۽ سندس مڙس جي ٽيڪس ريٽرنز مطابق گزريل سال سندن گڏيل ڪمائي چار لک 56 هزار 918 ڊالر هئي. هنن پنهنجي آمدنيءَ جو 20 سيڪڙو فيڊرل محصول ۾ ادا ڪيو جيڪو 93 هزار 570 ڊالر ٿين ٿا.

هنن 17 هزار 612 ڊالر ڪيلي فورنيا انڪم ٽيڪس ادا ڪيو جڏهن ته سندس مڙس نو هزار 697 ڊالر ڊسٽرڪٽ آف ڪولمبيا ۾ ٽيڪس ادا ڪيا. نائب صدر ڪاملا جي مڙس ’جارج ٽائون يونيورسٽي آف لا’ سان لاڳاپيل آهي. ڪاملا هيرس ۽ سندس مڙس 23 هزار ڊالر عطيو ڪيا.

صدر بائيڊن ذاتي آمدن متعلق شفافيت جا پرجوش حامي رهيا آهن. هنن 2020 ۾ پنهنجي صدارتي مهم دوران پنهنجي 22 سالن جي ٽيڪس رٽرنز جاري ڪيا هيا. هي بنيادي طور تي صدارتي مهم ۾ پنهنجي مقابلي ۾ ڊونلڊ ٽرمپ کي سڌو سنئون چيلنج ڪيو هو. ڇو ته صدر ٽرمپ اهو دليل ڏيندا هيا ته هڪ آڊٽ کيس پنهنجا ٽيڪس جا تفصيل جاري ڪرڻ کان روڪي ٿي، جڏهن ته آمريڪا جي ’انٽرنل روينيو سروس’ پوين چئن ڏهاڪن کان وڌيڪ مدت کان صدر ۽ نائب صدر جي آمدنيءَ ۽ ٽيڪس جي آڊٽ کي لازمي قرار ڏنل آهي.

آمريڪا ۾ هلندڙ هفتي اڱاري ڏينهن فيڊرل ٽيڪس جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ هئي.

(هن خبر ۾ شامل مواد ايسو سي ايٽڊ پريس تان ورتل آهي)

XS
SM
MD
LG