پاڪستان جي پرڏيهي معاملن جي وزير بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو آهي ته ماضيءَ ۾ جڏهن به اسلام آباد ۽ واشنگٽن جي وچ ۾ دوريون پيدا ٿيون يا ٻه طرفي رابطن ۾ گهٽتائي آئي، ته ان جي نتيجي ۾، سندس بقول، اهي ٻنهين ملڪن جي لاءِ مشڪلات جو ڪارڻ بڻيون آهن.
جمعي ڏينهن اسلام آباد ۾ اخباري ڪانفرنس ۾ موجوده حڪومت جي خارجه پاليسيءَ جي ترجيحات ۽ ڪاميابين جو وچور بيان ڪندي، پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان جي پرڏيهي پالسيءَ جي حوالي سان مشڪل دور ختم ٿي چڪو آهي.
هن چيو ته اپريل ۾ پاڪستان جو پرڏيهي وزير مقرر ٿيڻ کان پوءِ پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ اعلي سطح جي رابطن جي ڪري ٻنهين ملڪن جي تعلقات ۾ بهتري آئي آهي.
بلاول ڀٽي چيو ته آمريڪا اسان جو تاريخي دوست آهي ۽ پاڪستان ۽ آمريڪا جڏهن به ملي ڪم ڪيو آهي ته ٻنهين ملڪن ان تعاون جي نتيجي ۾ گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو آهي.
هن چيو ته اپريل ۾ پرڏيهي وزير ٺهڻ کان پوءِ هن پهريون ٽيلي فونڪ رابطو آمريڪا جي پرڏيهي وزير اينٽني بلنڪن سان ڪيو ۽ ٻنهين ملڪن جي وچ ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ٿيو ته ماضيءَ جي برعڪس ٻنهين ملڪن جي تعلقات ۾ وڌيڪ وسعت پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي.
اسلام آباد مان محمد جليل اختر جي رپورٽ مطابق، بلاول ڀٽي وڌيڪ چيو ته ماضيءَ ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا جي تعلقات ۾ ڌيان دهشت گرديءَ ۽ افغانستان تي مرڪوز رهندو هيو، ليڪن، سندس بقول، هاڻي ٻئي ملڪ ٻه طرفن تعلقات کي افغانستان جي نظر سان نه ٿا ڏسن. هن چيو ته هاڻي پاڪستان جي ترجيح امداد جي بجاءِ واپار تي آهي. هاڻي آمريڪا ۽ پاڪستان جا تعلقات دهشت گرديءَ ۽ سيڪيورٽي تعاون سان گڏ و گڏ واپار، صحت عامه ۽ ٻين شعبن ۾ به بهتري آڻي رهيا آهن.
بين الاقوامي معاملن جي تجزيه ڪار ظفر جسپال چيو آهي ته پاڪستان کي اهو احساس ٿي چڪو آهي ته هاڻي اهڙي امداد نه ملندي جيئن سرد جنگ جي دور ۾ ۽ بعد ۾ افغانستان جي جنگ جي ڪري پاڪستان کي ملندي رهي آهي.
ليڪن جسپال چيو ته ان جي باوجود پاڪستان جي جاگرافيائي محل وقوع ۽ جوهري ملڪ هئڻ جي ڪري پنهنجي اهميت آهي، جڏهن ته آمريڪي عالمي طاقت هئڻ جي ڪري به پاڪستان جي لاءِ اهم آهي. هن چيو ته ان ڳالهه کي سامهون رکندي پاڪستان ۽ آمريڪا ٻه طرفن تعلقات تي توجه ڏيندا، جيڪو، سندس بقول، ٻنهين ملڪن جي لاءِ بهتر ٿيندو.
هن چيو ته هاڻي ٻنهين ملڪن جو توجه گهڻ رخي لاڳاپن ڏانهن آهي جنهن ۾ واپار، سفارتي ۽ سيڙپ جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ شامل آهي.
افغان طالبان حڪومت کي تسليم ڪرڻ جو اڪيلي سر فيصلو نه ڪندا سين
افغان صورت حال جو ذڪر ڪندي، بلاول ڀٽي چيو ته پاڪستان طالبان حڪومت کي تسليم ڪرڻ جي لاءِ اڪيلي سر ڪو فيصلو نه ڪندو، بلڪه باقي دنيا سان گڏ هلندو.
هن افغانستان جي طالبان انتظاميا تي زور ڏنو ته اهي بين الاقوامي برادريءَ سان ڪيل پنهنجن وعدن کي پورو ڪن ۽ افغانستان جي سڀني شهرين جن ۾ عورتون به شامل آهن انهن جا بنيادي حق يقيني بنايا وڃن. ليڪن، ان سان گڏ هن اهو به چيو ته دنيا کي به افغانستان سان رابطا برقرار
رکڻ گهرجن ۽ ماضيءَ جي غلطين کي دهرائڻ نه کپي ته جيئن ڪو انساني بحران پيدا نه ٿئي.
داخلي سلامتي ۽ دهشت گرديءَ کان ڇوٽڪاري جي پاليسيءَ تي نظرثانيءَ جي ضرورت آهي
پاڪستان ۾ دهشت گرديءَ جي وڌندڙ آزار جو ذڪر ڪندي، بلاول ڀٽي چيو ته پاڪستان جي داخلي سلامتي ۽ دهشت گرديءَ کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ رياست جي پاليسيءَ جو بند ڪمري ۾ جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي.
هن چيو ته خيبر پختونخوا ۽ ڏکڻ وزيرستان جي عوام هميشه امن جي حمايت ڪئي آهي ۽ دهشت گرديءَ جو مقابلو ڪيو آهي. سندس بقول، جيڪڏهن اتان جا رهواسي محسوس ڪن ٿا ته ڪي مبينه دهشت گرد واپس اچي رهيا آهن ۽ هو ان جي خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن ته، سندس بقول، اهو سندن حق آهي. ليڪن ٻئي پاسي هن چيو ته جيڪڏهن خيبرپختونخوا جي عوام کي دهشت گردن جي واپسيءَ جي باري ۾ تاثر صحيح يا غلط آهي ته اها رياست ۽ حڪومت جي ذمي داري آهي ته اهي امن و امان قائم ڪرڻ جي لاءِ رياست جي رٽ کي يقيني بنائن.
جڏهن بلاول ڀٽي کان پڇيو ويو ته بندش پيل شدت پسند گروپ، تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) سان نبرڻ لاءِ جنگ يا مذاڪرات مان ڪهڙو رستو درست ٿيندو، ته هن چيو ته هي ايترو سولو معاملو ناهي. ليڪن، هن چيو ته ماضيءَ جي حڪومت جي فيصلن جي باري ۾ هو مختلف نڪته نظر رکندو آهي.
ياد رهي ته گزريل سال افغان طالبان جي ذريعي ٽي ٽي پي ۽ پاڪستان جي حڪومت جي وچ ۾ مصالحتي مذاڪرات شروع ٿيا، ليڪن اڃان تائين انهن ۾ ڪا واضح پيش رفت سامهون نه آئي آهي، جڏهن ته ٻئي پاسي ان عرصي جي دوران خيبر پختونخوا ۾ دهشت گرديءَ جي واقعن ۾ نمايانا ضافو ٿيو آهي.