بلوچستان جي گاديءَ واري هنڌ ڪوئٽه ۽ ڪوهلو سميت مختلف علائقن ۾ ٿيڻ وارن ڌماڪن ۾ فوج جي هڪ آفيسر سميت ڇهه اهل ڪار مارجي ويا آهن، جڏهن ته 26 ڄڻا زخمي ٿيا.
مجاز عمل دارن مطابق آچر ڏينهن ڇڪتاڻ واري علائقي، ڪوهلوءَ کان لڳ ڀڳ 80 ڪلوميٽر جي فاصلي تي ڪاهان جي علائقي ۾ فرنٽيئر ڪور (ايف سي) جي قافلي کي بارودي سرنگ سان نشانو بڻايو ويو.
سرڪاري ذريعن وائس آف آمريڪا کي آگاه ڪيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز ڪاهان جي علائقي ۾ بارودي سرنگن جي صفائيءَ ۾ مصروف هيون جڏهن اهو ڌماڪو ٿيو.
ڪوهلو ۾ سيڪيورٽي فورسز جي قافلي کي نشانو بنائڻ جي ذمي داري بندش پيل بلوچ هٿياربند تنظيم، بلوچستان لائبريشن آرمي (بي ايل اي) قبول ڪئي آهي.
بي ايل او جي ترجمان، جنيد بلوچ ميڊيا کي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستاني فوج جي قافلي ۾ شامل گاڏين کي ديسي ساخته بارودي مواد (آئي اي ڊي) جي حملي ۾ نشانو بڻايو ويو.
فوج جي تعلقات عامه جي شعبي (آئي ايس پي آر) هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ڪوهلوءَ جي علائقي ڪاهان ۾ مصدقه انٽيلي جينس اطلاعن مطابق، 24 ڊسمبر کان ڪليئرنس آپريشن جاري هيو. آپريشن جي دوران ڌماڪي ۾ ڪيپٽن فهد ۽ چار ٻيا عمل دار نشانو بڻيا.
آچر 25 ڊسمبر تي بلوچستان جي مرڪزي شهر ڪوئٽه ۾ هڪ کان پوءِ لڳاتار ٽي بم ڌماڪا ٿيا جن منجهان هڪ کي بم ڊسپوزل جي عمل دارن ناڪاره بڻائي ڇڏيو، جڏهن ته ٻئي ڌماڪي ۾ عورت، هڪ نينگري ۽ ٽن سيڪيورٽي عمل دارن سميت 12 ڄڻا زخمي ٿيا.
ڪوئٽه جي سيٽلائيٽ ٽائون جي علائقي ۾ ڌماڪي ۾ پوليس چوڪيءَ کي نشانو بڻايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ ٽي پوليس اهل ڪار زخمي ٿيا، جڏهن ته ٽيون واقعو سرياب روڊ تي موسي ڪالونيءَ جي ويجهو پيش آيو، جتي نامعلوم ماڻهن فورسز تي دستي بم سان حملو ڪيو. ليڪن هن واقعي ۾ ڪو جاني نقصان نه ٿيو.
غلام مرتضي زهريءَ ٻڌايو آهي ته دهشت گرديءَ جو هڪ ٻيو واقعو بلوچستان جي ضلعي زوب ۾ پيش آيو.
مڪاني انتظاميا وائس آف آمريڪا کي ٻڌايو ته زوب مان لڳ ڀڳ 100 ڪلوميٽر پري سمبازه جي علائقي ۾ سفغانستان جي سرحد جي ڀرسان واقع ’ايف سي’ جي چوڪيءَ تي حملو ڪيو ويو.
آئي ايس پي آر جي مطابق، زوب جي علائقي سمبازه ۾ هڪ دهشت گرد ماريو ويو جڏهن ته آپريشن جي دوران هڪ سپاهي هلاڪ ۽ ٻه عمل دار زخمي ٿيا.
ان کان علاوه آچر ڏينهن بلوچستان جي علائقن حب، تربت، خضدار ۽ ڪيچ ۾ به دستي بم حملا ٿيا.
صوبائي وزير داخلا مير ضيا الله لانگهي چيو آهي ته دهشت گرد افغانستان ۾ ٻيهر منظم ٿي رهيا آهي.
سرڪاري بيان ۾ داخلا جي وزير چيو ته دهشت گردن جي خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي. انٽيلي جينس ادارا دهشت گردن جي ٺڪاڻن تائين پهچي چڪا آهن.