عالمي مذاڪرات جي لاءَ آمريڪي پرڏيهي وزير اينٽني بلنڪن ايندڙ هفتي وسطي ۽ ڏکڻ ايشيا جو دورو ڪندو.
ان کان اڳ هن يوڪرين جي حوالي سان اقوام متحده جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ چين جي اعليٰ سفارت ڪارن سان ملاقات ڪئي.
پرڏيهي ناتن جي آمريڪي محڪمي خميص ڏينهن اعلان ڪيو ته بلنڪن چين ۽ روس سميت دنيا جي وڏن صنعتي ۽ ترقي ڪندڙ ملڪن جي 20 پرڏيهي وزيرن جي گروپ جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ڀارت وڃڻ کان اڳ قزاقستان ۽ ازبڪستان جو سفر ڪندو.
هي دورو اهڙي وقت ٿي رهيو آهي جڏهن يوڪرين ۾ روس جي جنگ ۽ هند بحرالڪاهل ۾ چين جي موقف تي آمريڪا جي روس ۽ چين سان تعلقات ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي. ٽنهين ملڪن عالمي اثر و رسوخ وڌائڻ جي لاءِ هڪ ٻئي کان گوءِ کڻڻ جو سخت مقابلو ڪري رهيا آهن.
اجلاس جي لاءِ آمريڪي عمل دارن بلنڪن جي نئين دهليءَ ۾ چيني پرڏيهي وزير جن گانگ يا روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاوريف سان ملاقات جي امڪان جي باري ۾ خاموشي اختيار ڪئي. ليڪن اهي ٽئي اعليٰ سفارت ڪار ’جي 20’جي لاءِ ڀارتي گاديءَ واري هنڌ موجود هوندا. آمريڪي محڪمه خارجه رڳو اهو چيو آهي ته ڪا به ملاقات طئي ناهي ٿي.
آخري ڀيرو گروپ جو اجلاس 2022 ۾ انڊونيشيا جي ٻيٽ، باليءَ ۾ ٿيو هو.
بلنڪن چين جي ان وقت جي پرڏيهي وزير وانگ يي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ نومبر ۾ صدر جو بائيڊن ۽ چيني اڳواڻ شي جنگ پن جي وچ ۾ سربراهي ملاقات ٿي هئي.
پوئين هفتي جي پڄاڻيءَ تي وانگ جرمنيءَ ۾ ’ميونخ سيڪيورٽي ڪانفرنس’ جي موقعي تي بلنڪن سان هڪ دفعو ٻيهر ملاقات ڪئي. تازو آمريڪا چين جي نگرانيءَ واري هڪ چيني ڦوڪڻي کي ڪيرايو هو ۽ بلنڪن بيجنگ جو پنهنجو طئي ٿيل دورو ملتوي ڪري ڇڏيو هو، جنهن کان پوءِاها اعلي سطحي ڳالهه ٻولهه ٿي.
جي 20 جي اجلاس ۾ اميد آهي ته خوراڪ ۽ توانائيءَ جي سلامتيءَ تي ڌيان ڏنو ويندو، خاص طور تي ترقي ڪندڙ ملڪن جي لاءِ، جيڪي يوڪرين جي تنازعي جي نتيجي ۾ متاثر ٿيا آهن. باليءَ ۾ گهڻن ئي ملڪن، جن ۾ يوڪرين جنگ تي روس جي مذمت تائين نه ڪئي آهي، خوراڪ ۽ ٻارڻ جي قيمتن ۽ فراهميءَ تي ان جي اثرات جي باري ۾ سخت تشويش جو اظهار ڪري رهيا آهن.
نئين دهليءَ جي سفر کان اڳ بلنڪن قزاقستان جي دارالحڪومت آستانه جو دورو ڪندو ۽ اتي جي رهنمائن سان ڳالهه ٻولهه سان گڏ ’سي فائيو پلس ون’ جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. هي گروپ اڳوڻي سوويت جمهوريه قزاقستان، ڪرغيزستان، تاجڪستان، ترڪمانستان ۽ ازبڪستان ۽ آمريڪا تي مشتمل آهي.
هڪ بيان ۾ آمريڪا جي پرڏيهي محڪمي چيو آهي ته ان ميٽنگ ۾ هو ان موقف کي ورجائيدو ته وچ ايشيائي ملڪن جي آزادي، خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي لاءِ آمريڪا بدستور پر عزم آهي ۽ هي انهن ئي لفظن جو عڪس آهي جيڪو هو روس جي خلاف يوڪرين جي حمايت جي لاءِ استعمال ڪندو رهيو آهي.
ان کان پوءِ بلنڪن ازبڪ عهديدارن سان ڳالهه ٻولهه لاءِ تاشقند ويندو.
(خبر جو مواد ايسو سي ايٽڊ پريس تان ورتل آهي)