رسائی کے لنکس

آمريڪا يوڪرين جي مدد جاري رکندو، بلنڪن


بلنڪن ۽ لاوروف وچ ۾ مختصر ملاقات نئين دهلي ۾ ٿي. 2 مارچ 2023.
بلنڪن ۽ لاوروف وچ ۾ مختصر ملاقات نئين دهلي ۾ ٿي. 2 مارچ 2023.

نئين دهليءَ ۾ جي 20 گروپ جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس جي موقعي تي خميص ڏينهن آمريڪي پرڏيهي وزير اينٽني بلنڪن ۽ روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف ٻنهين ملڪن جي وچ ۾ ڪيترن ئي مهينن کان پوءِ پهرين اعليٰ سطحي اجلاس ۾ مختصر گفتگو ڪئي.

آمريڪي اهل ڪارن ٻڌايو آهي ته نئين دهليءَ ۾ جي 20 جي اجلاس ۾ بلنڪن ۽ لاوروف لڳ ڀڳ ڏهن منٽن تائين ڳالهه ٻولهه ڪئي. اها مختصر ملاقات اهڙي وقت ٿي جڏهن واشنگٽن ۽ ماسڪو جي وچ ۾ روس جي يوڪرين ۾ جنگ جي ڪري ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي.

هڪ سينئر آمريڪي اهل ڪار ٻڌايو ته بلنڪن لاوروف سان ڳالهه ٻولهه ۾ ٽي نڪتا واضح ڪيا، ته جيسيتائين روس جنگ ختم نه ٿو ڪري، آمريڪا ان تنازعي ۾ يوڪرين جي مدد جاري رکندو، ۽ اهو ته روس کي جوهري هٿيارن تي ڪنٽرول متعلق ’نيو اسٽارٽ’ معاهدي ۾ پنهنجي شرڪت معطل ڪرڻ جي فيصلي کي واپس وٺڻ کپي، ۽ ماسڪو کي حراست ۾ ورتل آمريڪي شهري پال وهيلان کي رها ڪرڻ گهرجي.

نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي، ان اهل ڪارصحافين کي ٻڌايو ته اها هڪ قسم جي غير رسمي ڳالهه ٻولهه هئي، جنهن ۾ بلنڪن لاوروف جي ڪنهن به اهڙي سوچ کي غير درست قرار ڏنو ته يوڪرين جي لاءِ آمريڪي حمايت ختم ٿي رهي آهي.

اهل ڪار اهو نه ٻڌايو ته لاوروف جي رد عمل ڇا هيو. ليڪن هن چيو ته بلنڪن کي اهڙو ڪو تاثر نه مليو ته روس جي روئي ۾ ويجهي مستقبل ۾ ڪا تبديلي ايندي.

روس ان ڳالهه ٻولهه جي تفصيل تي ترت ئي ڪو تبصرو نه ڪيو، پر روسي پرڏيهي وزارت جي ترجمان، ماريا زاخارووا چيو ته لاوروف سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي لاءِ بلنڪن چيو هو.

سيءَ جي موسم کان پوءِ هي سندن پهريون رابطو آهي، جڏهن ته روس ۾ حراست ۾ ورتل وهيلان ۽ اڳوڻي ’ڊبليو اين بي اي’ اسٽار، برٽني گرائينر کي رها ڪرڻ جي آمريڪي تجويز جي باري ۾ لاوروف کي فون ڪئي هئي.

برٽني گرائينر کي روسي هٿيارن جي ڊيلر وڪٽر نائوٽ جي عوض رها ڪيو ويو، جيڪو آمريڪا ۾ قيد هو. ليڪن، وهيلان جاسوسيءَ جي الزام ۾ اڃان تائين روس ۾ حراست ۾ آهي.

بلنڪن ۽ لاوروف جي آخري آمهون سامهون ملاقات جينيوا، سوٽزرلينڊ ۾ جنوري 2022 ۾ ٿي هئي.

ان ملاقات ۾ بلنڪن لاوروف کي خبردار ڪيو هو ته روس يوڪرين تي فوجي آپريشن جي پنهنجي ارادي کان پري رهي نه ته کيس ان جا نتيجا ڀوڳڻا پوندا. ليڪن ان سان گڏ هن ان شڪايت کي دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪو روسي صدر ولاديمير پوٽن جي آمريڪا ۽ نيٽو جي باري ۾ هئي.

ليڪن اها ڳالهه ٻولهه نتيجا خيز ثابت نه ٿي ڇو ته روس يوڪرين تي پنهنجي منصوبي مطابق حملو ڪيو جنهن کان پوءِ بلنڪن لاوروف سان ان ’فالو اپ’ ملاقات کي منسوخ ڪيو، جيڪا ماسڪو پاران يوڪرين تي حملي جي صرف ٻه ڏينهن اڳ 24 فيبروريءَ تي ٿيڻي هئي.

جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ ٻنهين وزيرن ڪيترين ئي بين الاقوامي ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪئي آهي، خاص طور تي پوئين سال انڊونيشيا جي شهر باليءَ ۾ ٿيندڙ جي 20 پرڏيهي وزيرن جو اجلاس ٿيو، پر خميص تي نئين دهليءَ جي اجلاس کان اڳ اهي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون نه آيا هيا.

(خبر جو ڪجهه مواد ايسو سي ايٽڊ پريس تان ورتو ويو آهي)

XS
SM
MD
LG