جهاز تيار ڪرڻ واري آمريڪي ڪمپني، بوئنگ پنهنجي 747 جمبو جيٽ کي الوداع چئي ڇڏيو آهي. هن هوائي جهاز کي پنهنجي هڪ غير معمولي اڏاوت ۽ گنجائش جي ڪري ڪڏهن ’وهيل’ ته ڪڏهن ’آسمان جي ملڪه’ به چيو ويندو هو.
ان هوائي جهاز جي پهرين پرواز 1969 ۾ ٿي. ان کان پوءِ 747 جهاز ڪارگو، 500 مسافرن جي گنجائش وارن ڪمرشل اڏامن، ناسا جي اسپيس شٽل جي نقل و حرڪت ۽ آمريڪا جي صدارتي طياري ’ايئر فورس ون’ جي طور تي به استعمال ٿيو.
هوائي سفر ۾ هن جهاز انقلاب برپا ڪري ڇڏيو هو. انهن هوائي جهازن جي ڪري انهن شهرن جي وچ ۾ سڌيون اڏامون ممڪن ٿيون جنهن جو تصور به ڏکيو هو. سفر جي ان آسانيءَ جي ڪري بين الاقوامي سطح تي ماڻهن جي هڪ ٻئي سان رابطا به وڌيا.
پر گزريل 15 سالن جي دوران بوئنگ ۽ ان جي يورپي حريف، ’ايئر بس’ ڪمپنيءَ گهڻا نفعي وارا، توانائي گهٽ استعمال ڪرڻ وارا، وڌيڪ گنجائش رکڻ وارا جهاز تيار ڪيا. انهن نون جهازن ۾ هڪ خاص ڳالهه اها به هئي ته 747 جي چئن انجن وارن جهازن جي برعڪس ان ۾ رڳو ٻه انجن هيا.
بوئنگ 747 جو آخري جهاز واشنگٽن رياست ۾ تيار ڪيو. ڪمپنيءَ مجموعي طور تي 1574 بوئنگ 747 جهاز تيار ڪيا.
بوئنگ 747 کي الوداع چوڻ جي لاءِ ڪمپنيءَ جي موجوده ۽ اڳوڻن ملازمن تي مشتمل هن ماڊل جو آخري جهاز ’اٽلس ايئر’ کي ڪارگو جي ڪم جي لاءِ فراهم ڪيو ويندو.
اهو ڏينهن اچڻو ئي هيو
هوابازيءَ جي صنعت جي ماهر رچرڊ ايولفيا چيو آهي ته جيڪڏهن توهان ان ڪاروبار کي پسند ڪندا آهيو ته بوئنگ جي پيداوار بند ٿيڻ کان پوءِ توهان ان جا ڏينهن ڳڻڻ شروع ڪري ڏنا هوندا.
هن چيو ته ڪا به ايئرلائين چئن انجڻين سان هلڻ وارا جهاز پسند نه ڪندي هئي. ليڪن ان جو اهو مطلب ناهي ته 747 هوابازيءَ جي صنعت کي ترقي ڏيڻ جي لاءِ جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي ان کي فراموش ڪري سگهجي ٿو. هي جهاز شاندار ورثو پٺيان ڇڏي ويو آهي.
بوئنگ جو پهريون جهاز 50 هزار کان وڌيڪ ڪارڪنن جي 16 مهينن ۾ ٺاهيو. هن منصوبي جي لاءِ سياٽل جي اتر ۾ هڪ وڏي فيڪٽري ٺاهي وئي هئي.
هن جهاز جي فيوزلاج يا باڊي جي ڊگهائي 225 فٽ ۽ پڇ جي اچائي ڇهه ماڙ عمارت جي برابر هئي. ان جهاز جي اندر ٽئين حصي تي ٻيو ڊيڪ بنايو ويو هو يا ائين چئون ته هڪ ماڙ ٺاهي وئي هئي. ايڏي وڏي جسامت جي ڪري هن جهاز کي ’وهيل’ به چيو ويندو هو. بوئنگ 747 کي ’آسمانن جي ملڪه’ جو شاعرانه نالو به ڏنو ويو.
جهاز جي ٻئي ڊيڪ کي ڪن ايئرلائنز ’فرسٽ ڪلاس ڪوڪٽيل لائونج’ ۾ بدلائي ڇڏيو. اهڙيءَ طرح هيٺين ڊيڪ ۾ به ڪيترا ئي ڀيرا لائونجز ۽ پيانو بار به ٺاهيا ويا.
آمريڪا ۾ ’ڊيلٽا’ بوئنگ جا 747 جهاز استعمال ڪرڻ واري آخري ايئرلائين هئي. ان ايئرلائين 2017 ۾ هن جهاز جو استعمال بند ڪري ڇڏيو هو. ليڪن جرمن ڪمپني، ’لفٿانزا’ سميت ڪيترين ٻين بين الاقوامي ايئرلائنز ان کي استعمال ڪندا رهيا.
پوئين سال جي شروع ۾ ’اٽلس ايئر’ نالي جي ايئرلائين چئن 747 فريٽ جهازن جو آرڊر ڪيو هو. انهن منجهان آخري جهاز اڱاري ڏينهن تيار ڪيو ويو ۽ ڪمپني هاڻي اهي جهاز تيار نه ڪندي.
(هن خبر جي معلومات خبرن جي اداري ايسو سي ايٽڊ پريس تان ورتي وئي آهي)