آمريڪي ايوان نمائندگان جي ميمبرن، بريڊ شرمن ۽ ڪيرولين ملوني چيو آهي ته وائس آف آمريڪا (وي او اي) پاران سنڌي زبان جي پروگرام شروع ڪرڻ لاءِ سندن ڪيترن ئي سالن جي ڪوششن آۡخر رنگ لاتو ۽ اداري سنڌي زبان جي ويب پيج جو اعلان ڪيو آهي، جنهن جي کين تمام گهڻي خوشي آهي.
پنهنجي هڪ بيان ۾ هنن چيو آهي ته عوامي سفارت ڪاريءَ ذريعي شدت پسنديءَ جو مقابلو ڪرڻ شايد ڪٿي به ايتري اهميت نه ٿو رکي جيتري پاڪستان ۾ان جي گهرج آهي، جيڪو جوهري طاقت جو حامل ملڪ آهي، ۽ جنهن کي سيڪيورٽيءَ جا اهم چيلنج درپيش آهن.
هنن چيو ته سنڌيءَ زبان ۾ وي او اي جي ابلاغ ذريعي پاڪستان ۾ وائس آف آمريڪا جي رسائي وڌيڪ موثر ثابت ٿيندي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته وي او اي اردو هن وقت متعدد ٽيلي ويزن ۽ ريڊيو ادارن سان سرگرميءَ سان لهه و چڙهه ۾ آهي، جنهن ذريعي آمريڪا جون تازه ترين خبرون پيش ڪيون وڃن ٿيون. اردو پاڪستانين جي اندازا‘‘محض 8 في صد آباديءَ جي مقامي زبان آهي. لڳ ڀڳ 14 في صد پاڪستاني، ٽي ڪروڙ کان وڌيڪ عوام سنڌي ڳالهائي ٿو، تنهن جي باوجود سنڌيءَ ۾ وائس آف آمريڪا جي ڪا سروس ڪانهي.
هنن چيو ته اپريل ۾ اسان فنڊ مختص ڪرڻ واري ڪاميٽيءَ جي ذيلي ڪاميٽي تي، جنهن جو تعلق رياست، بيرون ملڪ آپريشنز ۽ متعلقه پروگرامن سان آهي، زور ڀريو هو ته پاڪستان ۾ سنڌي زبان جي رسائيءَ جي حمايت ۾ وائس آف آمريڪا کي ويهه لک ڊالر فراهم ڪيا وڃن. بقول سندن، اسان کي خوشي آهي ته مالياتي سال 2023 جي لاءِ رقمون رکڻ واري بل ۾ وائس آف آمريڪا جي سنڌي سروس جي آغاز جي لاءِ رقم رکي وئي آهي، جنهن ۾ پاڪستان ۾ زبان جي سروس جي اسٽاف لاءِ ۽ ٻين ادارن سان شراڪت داريءَ لاءِ اضافي فنڊ جي حامي ڀري وئي آهي.
بريڊ شرمن ۽ ڪيرولين ملوني چيو آهي ته وي او اي سنڌي زبان جي ويب سائيٽ جو آغاز پاڪستان ۾ وائس آف آمريڪا جي رسائي ۽ پيغام کي وسعت ڏيڻ جي حوالي سان هڪ بامعني قدم جي مترادف آهي.
هنن ان اميد جو اظهار ڪيو ته وائس آف آمريڪا جي مڪمل سنڌي سروس جي حصول لاءِ هيءُ متعدد اقدامات منجهان هڪ قدم آهي.