رسائی کے لنکس

ڇا روس کان تيل جي خريداري پاڪستان جي لاءِ قابل عمل آهي؟


پيٽروليم جو مملڪتي وزير، مصدق ملڪ (فائيل فوٽو)
پيٽروليم جو مملڪتي وزير، مصدق ملڪ (فائيل فوٽو)

پاڪستان جي پيٽروليم جي مملڪتي وزير، مصدق ملڪ جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ اعلي سطحي وفد ماسڪو جي سرڪاري دوري تي آهي جتي اهو روسي اختياريءَ وارين سان گهٽ اگهن تي تيل جي درآمد جي امڪان تي ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو آهي.

هن دوري دوران ٿيڻ واري پيش رفت جي حوالي سان ٻهنين ملڪن جي حڪومتن پاران ڪي تفصيل اڃان جاري نه ٿيا آهن. پر توانائيءَ جي وڌندڙ قيمتن کي ڏسندي پاڪستان حڪومت روس کان سستو خام تيل خريدڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي.

ان حوالي سان هلندڙ مهيني جي آغاز تي مصدق ملڪ ٻڌايو هو ته پاڪستان روس کي پنهنجي توانائيءَ جي گهرجن جي حوالي سان خط لکيو آهي ۽ اسان گيس ۽ تيل جي خريداريءَ جي لاءِ تيار آهيون.

هي دورو اهڙي وقت ٿي رهيو آهي جڏهن ڏکڻ ايشيائي ملڪ سرديءَ جي موسم ايندي ئي گهريلو گيس جي سپلائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ مشڪل جو شڪار آهن. ٻئي پاسي، توانائيءَ جي مد ۾ ادائگين جي ڪري ڪرنٽ اڪائونٽ خساري تي قابو پائڻ به چيلينج جي برابر آهي.

واضح رهي ته روس ۽ يوڪرين جي جنگ کان پوءِ روسي تيل ۽ گيس تي انحصار ختم ڪرڻ جي ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي ته جيئن روس جي آمدنيءَ کي نقصان پهچائي سگهجي. ليڪن ڀارت ان صورت حال ۾ روس کان تيل جي درآمد ڪيترا ڀيرا وڌائي ڇڏي آهي.

ڀارت روس کان تيل خريد ڪري سگهي ٿو ته اسان ڇو نه ٿا ڪري سگهون؟

پاڪستان جي حڪومت جا وزير چيو آهي ته جيڪڏهن ڀارت روس کان تيل خريد ڪري سگهي ٿو ته پاڪستان ڇو نه ٿو ڪري سگهي. ياد رهي تو تازو ئي پاڪستان جي اقتصادي رابطي جي ڪاميٽيءَ روس کان ڪڻڪ جي خريداريءَ جي منظوري ڏني آهي.

پيٽروليم جي وزارت جي ذريعن مطابق، مصدق ملڪ جي سربراهيءَ ۾ پاڪستاني وفد تيل جي فراهمي جي مقدار، قيمت، ادائگين جي طريقه ڪار، روٽ ۽ شپ منيٽ جي لاڳت تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. ان کان سواءِ، روس سان ’نارٿ سائوٿ پائيپ لائين’ (پاڪستان اسٽريم گيس پائيپ لائين) تي ڪم جلد شروع ڪرڻ متعلق به ڳالهه ڪئي آهي جيڪا ڪراچيءَ کان لاهور تائين تعمير ڪئي ويندي.

مملڪتي وزير جي اڳواڻيءَ ۾ روس وڃڻ واري سرڪاري وفد ۾ سيڪريٽري پيٽروليم محمد محمود ۽ پيٽروليم ڊويزن جا ٻيا متعلقه عمل دار به شامل آهن. خزاني جي وفاقي وزير اسحاق ڊار به گزريل هفتي چيو هو ته مصدق ملڪ جي قيادت ۾ وفد تيل جي معاهدي تي ڳالهه ٻولهه لاءِ روس وڃي رهيو آهي.

إسحاق ڊار اها اميد ظاهر ڪئي هئي ته دورو ڪامياب ٿيندو ۽ پاڪستان حڪومت جلد ئي روس کان سستي اگهه تي تيل ۽ گيس حاصل ڪرڻ جو معاهدو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندي.

پاڪستان بين الاقوامي مارڪيٽ مان مائع گيس (ايل اين جي) حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي ڇو ته ’اسپاٽ’ قيمتون سندس حد کان ٻاهر آهن ۽ وڏي مدت تائين سودن هيٺ فراهمي وڌندڙ طلب کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ڪافي ڪونهي.

روس سستو تيل ڏئي تڏهن فائدو ٿيندو

ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪستاني وفد جو روس جو دورو اقتصادي سهڪار کان وڌيڪ سفارتي نوعيت جو ڏسجي رهيو آهي. ان جي ڪاميابيءَ جي نتيجي ۾ پاڪستان کي پنهنجي توانائيءَ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.

توانائي جي معاملن جي ماهر، عمران الحق چيو آهي ته پاڪستان کي خام ۽ قابل استعمال ٻنهين قسم جي تيل ۽ گيس جي ضرورت آهي جيڪي روس کان حاصل ٿي سگهن ٿيون.

وائس آف آمريڪا سان گفتگو ڪندي هن چيو ته ڏسڻو اهو آهي ته روس اسان کي ڪهڙي رعايت تي تيل جي پيش ڪش ڪري ٿو.

ڇا آمريڪا روس کان تيل خريد ڪرڻ تي اعتراض ڪري سگهي ٿو؟

آمريڪا ۽ يورپي ملڪ روس کان تيل ۽ گيس جي خريداريءَ تي پابندي لڳائڻ گهرن ٿا ته جيئن ان کي مالي طور تي نقصان پهچائي سگهجي. ان ڳالهه تي خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته ڇا آمريڪا پاڪستان جي پاران روس کان تيل ۽ گيس جي خريداريءَ تي اعتراض ته نه ڪندو.

پاڪستاني وفد جي روس جي دوري جي باري ۾ گفتگو ڪندي تازو آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان جي تيل جي ضرورت سمجهه ۾ اچي ٿي، ٻين ملڪن تي به سستو تيل خريد ڪرڻ جو دٻاءُ آهي.

آمريڪي محڪمه خارجه چيو آهي ته آمريڪا روس کان تيل برآمد ڪرڻ جي لاءِ هاڻي تائين پابندي نه لڳائي آهي، اتحادين سان گڏ ملي مهانگي تيل جي عالمي مارڪيٽ تي اثر جو مقابلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

اڳوڻي حڪومتي عمل دار چيو ته آمريڪا اعلانيه طور تي پاڪستان کي روس کان تيل حاصل ڪرڻ جي مخالفت نه ڪندو، ليڪن ان قدم تي هو خوش به نه ٿيندو.

هن چيو ته حڪومتي وفد جو روس جو دورو توانائي جي حصول کان وڌيڪ سياسي مقصدن جي لاءِ ڏسڻ ۾ پيو اچي ڇو ته تحريڪ انصاف اهو چوندي رهي آهي ته سندس حڪومت روس کان سستو تيل حاصل ڪرڻ جي معاهدي جي ويجهو هئي جڏهن ان کي عدم اعتماد جي ذريعي ختم ڪيو ويو.

توانائيءَ جي ماهر، عمران الحق جو خيال آهي ته آمريڪي پرڏيهي محڪمي جي بيان کان پوءِ پاڪستان تي روس کان تيل ۽ گيس جي خريداري تي ڪا پابندي يا رڪاوٽ نه هوندي.

پاڪستان پنهنجي ضرورت جو85 في صد تيل برآمد ڪندو آهي جنهن ۾ خام تيل ۽ قابل استعمال تيل ٻئي شامل آهن.

(علي فرقان جي رپورٽ)

XS
SM
MD
LG