اسلامو فوبيا کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ، ڪيناڊا پنهنجو پهريون خصوصي نمائندو مقرر ڪيو آهي. ان قدم جو مقصد تازن ورهن دوران ملڪ ۾ مسلمان ڪميونٽي جي ميمبرن کي نشانو بڻائڻ جي واقعن، حملن، نفرت ۽ امتيازي سلوڪ کي روڪڻ ۾ مدد ڏيڻ آهي.
وزير اعظم جسٽن ٽروڊو خميص ڏينهن اعلان ڪيو ته انساني حقن جي وڪيل اميره الغوابي اهو عهدو سنڀاليندي ۽ هوءَ اسلامو فوبيا جي خاتمي جي لاءِ سرڪاري پاليسين، قانون سازي ۽ ٻين پروگرامن جي باري ۾ صلاح مشورو ڏيندي.
پنهنجي بيان ۾ ٽروڊو چيو آهي ته ڪيناڊا جي حڪومت مختلف برادرين کي نمائندگي ڏيڻ تي ويساه رکندي آهي، جيڪا دراصل سندس طاقت جو اهڃاڻ آهي. پر ڪيترن ئي مسلمانن کي اسلاموفوبيا درپيش رهي آهي، جنهن صورت حال کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت هئي.
هن وڌيڪ چيو ته ڪوشش اها آهي ته اسان جي ملڪ ۾ ڪنهن کي به پنهنجي عقيدي جي ڪري نفرت ڏسڻي نه پوي.
الغوابيءَ جي تقرريءَ جو ذڪر ڪندي، هن اها اميد ظاهر ڪئي ته اسلاموفوبيا ۽ ان جي سمورين صورتن جي حوالي سان نفرت جي خاتمي آڻڻ جي لاءِ اهو هڪ مثبت قدم ثابت ٿيندو.
ڪيترن سالن کان وٺي ڪيناڊا جي مسلمان برادريءَ جا رهنما، ڪيناڊا جي عمل دارن کان نسل پرستي، نفرت تي ٻڌل تشدد جي واقعن ۽ انتهائي ساڄيءَ ڌر جي گروهن جي نفرت انگيزيءَ جي ڦهلاءَ کي روڪڻ جي لاءِ گهربل قدم کڻڻ جو مطالبو ڪندا رهيا آهن.
سنه 2020 جي هڪ تجزياتي رپورٽ ۾ چيو ويو هو ته گزريل ڪجهه سالن دوران ملڪ ۾ نفرت کي هوا ڏيڻ وارن گروهن جي تعداد ۾ ٽي ڀيرا واڌ آئي آهي.
مسلمان برادرين کي نشانو بنائڻ وارن هاڃيڪار ۽ پرتشدد واقعن جي هڪ سلسلي کان پوءِ خبردار ڪيو ويو هو، ۽ ٽروڊو جي حڪومت نفرت جي مسئلي سان نبرڻ ۾ هٿي ڏيڻ لاءِ هڪ سربراه اجلاس به سڏايو هو.
ياد رهي ته جون 2021 ۾ هڪ مسلمان خاندان جي چئن ڀاتين کي ان وقت ماريو ويو جڏهن اونٽاريو جي صوبي ۾ هڪ فرد پنهنجي ٽرڪ انهن تي چاڙهي هئي. ان کان اڳ 2017 ۾ ڪيوبيڪ جي شهر جي هڪ مسجد ۾ هڪ هٿياربند شخص ڇهن ڄڻن کي ان وقت ماريو جڏهن اهي نماز پڙهي رهيا هيا.
اميره الغوابيءَ کي مقرر ڪرڻ جي قدم کي ’ايمنسٽي ڪيناڊا’ ساراهيندي هڪ مثبت قدم قرار ڏنو آهي.
خميص ڏينهن ’نيشنل ڪائونسل آف ڪيناڊين’ نالي مسلمانن جي هڪ گروه الغوابيءَ کي مقرر ڪرڻ جي قدم کي مثبت قرار ڏيندي ساراهيو آهي.
پنهنجي بيان ۾ گروپ جي سي اي او، اسٽيفن برائون چيو آهي ته اهو پهريون موقعو آهي جڏهن ڪيناڊا جي حڪومت اسلاموفوبيا جي پاڙ پٽڻ لاءِ هڪ سنجيده ۽ ٺوس قدم کنئيو آهي.
(هيءَ خبر الجزيره تان کنئي وئي آهي)