رسائی کے لنکس

نئين برطانوي وزيراعظم جي چونڊ، اميدوار چين خلاف سخت موقف جا حامي


10 ڊائوننگ اسٽريٽ
10 ڊائوننگ اسٽريٽ

بورس جانسن جي خالي ڪيل عهدي جي لاءِ بيٺل ٻنهين اميدوارن وزير اعظم جي عهدي تي انتخاب کٽڻ کان پوءِ چين جي خلاف سخت موقف اختيار ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي.

سابق چانسلر رشي سونڪ، جنهن هن ئي مهيني سرڪاري نوڪري تان استعيفي ڏني، ۽ برطانيه جي موجوده وزير خارجه، لز ٽرس هن وقت بورس جانسن جي جاءِ تي انتخاب وڙهي رهيا آهن، جنهن هن مهيني جي شروعات ۾ وزير اعظم جي عهدي تان مستعفي ٿيڻ جو اعلان ڪيو، جنهن جو سبب بدناميءَ جا ڪيئي واقعا هيا.

ٽيڪس محصول ۽ افراط زر توجه طلب داخلي معاملا سمجهيا وڃن ٿا، جڏهن ته خارجه امور جي ميدان ۾ چين سان تعلقات جو معاملو چوٽ تي چڙهيل آهي.

ٽيلي ويزن تي هڪ تازي مباحثي دوران ٽرس چيو ته هوءَ چين جي ملڪيت وارن ادارن جي خلاف قدم کڻندي، جيئن ٽڪ ٽاڪ.

مباحثي جو انعقاد بي بي سيءَ ڪيو هو. ٽرس چيو ته اسان کي هن قسم جي ادارن جي خلاف قدم کڻڻ گهرجي ۽ اسان کي آمرانه حڪومتن کي ٽيڪنالاجيءَ جي برآمدات کي محدود ڪرڻ گهرجي.

هن چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته چين خلاف سخت موقف اختيار ڪيو وڃي.

انساني حق

ٽرس چيو ته سنڪيانگ ۾ چين جي خوفناڪ رويي، هانگ ڪانگ ۾ تازو اختيار ڪيل ڀيانڪ طرز عمل ۽ چين ۽ روس طرفان يوڪرين جي لڙائيءَ ۾ ملي ڪم ڪرڻ جي عمل کي ڏسندي اسان کي انهن خلاف سخت رويو اختيار ڪرڻ کپي. اسان کي پنهنجي غلطين مان سکڻ گهرجي جيئن ته اسان سميت يورپ تيل ۽ گيس جي شعبي ۾ روس تي انحصار ڪيو هو. اسان کي چين سان اهڙي ڪنهن به قسم جو انداز نه اپنائڻ کپي. ۽ آزادي هڪ اهڙو اصول آهي جنهن جي لاءِ هرڪا قرباني ڏئي سگهجي ٿي.

سندس حريف، رشي سونڪ چين کي داخلي ۽ عالمي سيڪيورٽيءَ لاءِ پهريون نمبر خطرو قرار ڏنو.

سونڪ چيو ته وزير اعظم طور مان چين خلاف انتهائي سخت نقطه نظر اختيار ڪندس، اسان پنهنجن قدرن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ۽ جن کان خطرو آهي انهن جي خلاف گهربل قدم کڻنداسين، ڇو ته سيڪيورٽي جو معاملو اهم آهي ان ۾ درڪار قدم کڻڻ ضروري آهن.

آئنده هفتن دوران وزير اعظم جي ووٽنگ لاءِ ڪنزرويٽو پارٽي جا ٻن لکن کان گهٽ ميمبر ووٽ ڏيندا، جڏهن ته رجسٽرڊ ووٽرن جوڪل تعداد چار ڪروڙ، 65 لک آهي.

ووٽنگ جو نتيجو پنجين سيپٽمبر تي سامهون ايندو.

XS
SM
MD
LG