چين جي وزارت خارجه چيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا جي ايوان نمائندگان جي اسپيڪر، نينسي پيلوسيءَ تائيوان وڃڻ جي ارادي تي عمل ڪيو ته چين سخت اقدام ڪندو.
نينسي پيلوسي جيڪا آمريڪا ۾ پنهنجي عهدي جي لحاظ کان صدر ۽ نائب صدر کان پوءِ ٽئين نمبر تي آهي، خودمختيار ٻيٽ جو آگسٽ ۾ دورو ڪرڻ واري آهي. چين ان خطي کي پنهنجو علائقو قرار ڏيندو آهي.
ايوان نمائدنگان جي اسپيڪر کي اپريل ۾ هيءُ دورو ڪرڻو هيو، ليڪن هن ڪرونا ٽيسٽ مثبت اچڻ جي ڪري پروگرام ملتوي ڪري ڇڏيو هو.
نينسي پيلوسي پنهنجي اڳئين پيش رو، نيوٽ گنگرچ کان پوءِ تائيوان جو دورو ڪرڻ واري پهرين اعلي ترين عمل دار هوندي. گنگرچ 25 سال اڳ تائيوان جي دورو ڪيو هو.
چين تائيوان جي فضائي حدن ويجهو پروازن ۽ ڪنهن حملي جي صورت ۾ ممڪنه جوابي ڪاروائيءَ جي اظهار لاءِ مشقون ڪيون آهن.
بيجنگ جي وزارت خارجه جي ترجمان، زائي ليجانگ معمول جي روزانه بريفنگ دوران چيو آهي ته نينسي پيلوسي جو دورو، چين جي خودمختياريءَ ۽ علائقائي سلامتي کي نقصان پهچائيندو ۽ چين آمريڪا تعلقات جي بنياد جي لاءِ تباه ڪن اثرات مرتب ڪندو.
سندس لفظن ۾، اگر آمريڪا غلط رستي تي هلڻ جي چال اختيار ڪري ٿو ته چين پنهنجي خود مختياريءَ ۽ علائقائي سلامتيءَ جي تحفظ جي لاءِ سخت ۽ ٺوس اقدامات ڪندو.
چين تازو آمريڪا پاران تائيوان کي هٿيارن جي وڪري تي به سخت بيان ڏنا آهن ۽ مطالبو ڪيو آهي ته واشنگٽن 10 ڪروڙ ۽ 80 لک ڊالر جو اسلحو تائيوان کي وڪرو نه ڪري.
چين جي وزارت دفاع اڱاري ڏينهن پنهنجي ويب سائيٽ تي لکيو آهي ته عليحدگي جي ڪنهن منصوبي ۽ غير ملڪي فورسز جي مداخلت کي سختيءَ سان ڪچليو ويندو.
ٻئي پاسي، واشنگٽن ان باري ۾ سفارتي تحفظات جي حڪمت عملي تي ڪاربند آهي آيا هو تائيوان سان چين جي تنازعي جي صورت ۾ ان جو دفاع ڪري يا نه.
نينسي پيلوسي ۽ ان جو وفد، فائننشل ٽائمز مطابق، ايندڙ مهيني تائيوان جو دورو ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. هي وفد جاپان، مليشيا ۽ سنگاپور جو به دورو ڪندو ۽ يو ايس انڊو پيسيفڪ ڪمانڊ جي هوائيءَ ۾ هيڊ ڪوارٽر ۾ به وقت گزاريندو.