چين افغانستان جي گاديءَ واري هنڌ، ڪابل ۾ سومر ڏينهن هڪ هوٽل کي نشانو بنائڻ واري خوفناڪ بم ڌماڪي ۽ فائرنگ جي واقعي ۾ ملڪ جي پنجن شهرين جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪندي، پنهنجي شهرين کي جلد از جلد افغانستان مان نڪري وڃڻ جي لاءِ چيو آهي.
اسلامڪ اسٽيٽ (داعش) سومر ڏينهن ڪيل حملي جي ذمي داري قبول ڪئي آهي. ان جي علاقائي سنگتي تنظيم، ’آئي ايس آئي ايس ڪي’، يعني خراسان گروپ اهو حملو ڪيو هو ۽ چيني شهرين سان گڏ و گڏ طالبان ميمبرن کي به نشانو بنايو.
چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان وين ين بيجنگ ۾ هڪ اخباري ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته سندس حڪومت کي ان واقعي تي شديد صدمو ٿيو آهي.
ترجمان افغان گاديءَ واري هنڌ جي تجارتي علائقي، ’شهر نو’ ۾ ٿيڻ واري هن حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته جيسيتائين اسان ڄاڻون ٿا ته ان دهشت گرد حملي ۾ پنج چيني شهري زخمي ٿيا آهن ۽ ڪيترا ئي افغان فوجي ۽ پوليس عمل دار به مارجي ويا آهن.
هن افغانستان جي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته چيني باشندن کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي معاملي ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي وڃي، حملي جي تفصيلي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وڃي ۽ حملو ڪرڻ وارن کي سخت سزا ڏني وڃي.
وين ين وڌيڪ چيو ته افغان حڪومت ملڪ ۾ موجود چيني شهرين ۽ تنظيمن جي تحفظ کي يقيني بنائڻ جي لاءِ گهربل قدم کڻي.
هوڏانهن طالبان حڪومت جي ترجمان، ذبيح الله مجاهد سومر ڏينهن چيو آهي ته ٽن هٿياربند فردن ٻن پهرن جي وقت ڪابل جي مرڪزي علائقي ۾ قائم هڪ وڏيءَ ماڙ واري هوٽل تي هلان ڪئي ۽ سيڪيورٽي فورسز سان جهڙپ ۾ ٽي حملو ڪندڙ ماريا ويا. هن ٻڌايو ته هن دهشت گرد واقعي ۾ ڪو غير ملڪي باشندو هلاڪ نه ٿيو.
اٽليءَ جي هڪ ’اين جي او’ جي زير انتظام هلڻ واريءَ هن اسپتال جي انتظاميه ٻڌايو آهي ته سومر جي ڏينهن حملي کان پوءِ اسپتال ۾ 21 ماڻهن کي آندو ويو، جن منجهان 18 زخمي هيا، جڏهن ته ٽن جو اتي پهچڻ کان پوءِ دم ٽٽي پيو. هيءَ اسپتال هوٽل جي لڳ واقع آهي.
افغانستان ۾ تازو ڪيترا ئي بم ڌماڪا ٿيا آهن، جن ۾ هن مهيني جي شروع ۾ پاڪستاني سفارت خاني تي حملو ۽ سيپٽمبر ۾ روسي سفارت خاني جي ويجهو خودڪش ڌماڪو شامل آهن. ٻنهين حملن جي ذمي داري اسلامڪ اسٽيٽ يعني داعش قبول ڪئي آهي.
افغان تجزيه ڪارن جو چوڻ آهي ته ڪابل ۾ غير ملڪي مشنز تي تازو ٿيل حملا ظاهر ڪن ٿا ته افغانستان ۾ داعش ۽ ٻيا شدت پسند گروه سگهارا ٿي رهيا آهن.
طالبان، جن آگسٽ 2021 ۾ افغانستان جو ڪنٽرول سنڀاليو هو، چيو آهي ته اهي ملڪ جي سيڪيورٽي ۽ امن و امان جي صورت حال بهتر بنائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهن.
(هن رپورٽ جي ڪجهه معلومات ايسو سي ايٽڊ پريس تان ورتي وئي آهي)