رسائی کے لنکس

مذهب جي توهين جي الزام ۾ داسو ڊيم تي ڪم ڪرڻ وارو چيني انجنيئر گرفتار


فائيل فوٽو
فائيل فوٽو

پاڪستان جي خيبرپختونخوا صوبي جي علائقي اپر ڪوهستان ۾ داسو ڊيم جي رٿائن تي ڪم ڪرڻ واري چيني انجئينر کي پوليس مبينه طور تي مذهب جي توهين جي الزام ۾ تحويل ۾ ورتو آهي.

داسو پوليس اسٽيشن جي هڪ عمل دار نالو نه وٺڻ جي شرط تي وائس آف آمريڪا کي ٻڌايو ته ابتدائي رپورٽ جي مطابق هيءُ واقعو ڪجهه ڏينهن اڳ ان وقت پيش آيو جڏهن چيني انجنيئر مزدورن جي ڪم جي سست رفتاريءَ تي اعتراض ڪيو، جنهن جي جواب ۾ مزدورن نماز جي وقفي ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي هئي.

پوليس اهل ڪار مطابق مزدورن ۽ چيني انجنيئر جي وچ ۾ تڪرار لفظن جي جنگ ۾ بدلجي ويو ۽ اهڙيءَ طرح مزدورن سائيٽ تي ڪم روڪي ڇڏيو، جنهن کان پوءِ هنن احتجاج ڪندي چيني انجنيئر تي مذهب جي توهين جو الزام لڳائي قراقرم شاهراه کي بلاڪ ڪيو.

ان معاملي جي اهميت کي ڏسندي ضلعي انتظاميه جي عهديدار وائس آف آمريڪا کي نالي نه ظاهر ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته برسين جي علائقي ۾ ٿيڻ واري هن احتجاج ۾ 400 کان 600 مظاهرو ڪندڙ شريڪ هيا. هي احتجاج ان وقت ختم ٿيو جڏهن احتجاج ڪرڻ وارن کي چيني انجنيئر پوليس جي تحويل ۾ وٺڻ جو يقين ڏياريو ويو.

سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ واري هڪ تصوير ۾ هڪ چيني باشندو پوليس جي تحويل ۾ ورتل ڏسي سگهجي ٿو.

پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ پوين ڪجهه ڏهاڪن جي دوران مذهب جي توهين جا ڪيترا واقعا رپورٽ ٿيندا رهيا آهن. گزريل هفتي ئي پنجاب صوبي ۾ هڪ عورت ۽ ان جي پٽ کي مذهب جي توهين جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو.

ليڪن پهريون ڀيرو پاڪستان ۾ ڪنهن غير ملڪيءَ کي مذهب جي توهين ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته اپر ڪوهستان جي مختلف علائقن ۽ گلگت بلتستان جي ديامير ڀاشا ۾ ڪيترا چيني شهري پاڻي ڪٺو ڪرڻ ۽ بجلي پيدا ڪرڻ جي رٿائن جي اڏاوت تي ڪم ڪري رهيا آهن.

XS
SM
MD
LG