آمريڪا هڪ مشتبه چيني ’جاسوس ڦوڪڻي’ جو سراغ لڳائي رهيو آهي جنهن کي ڪجهه ڏينهن کان وٺي آمريڪي فضائي حدن اندر ڏٺو ويو آهي. خميص ڏينهن پينٽاگان ٻڌايو ته ان کي نشانو بنائي ڪيرائڻ جو فيصلو نه ڪيو ويو ڇو ته ان سان زمين تي موجود ماڻهن کي نقصان پهچي سگهي ها.
خبرن جي اداري ايسو سي ايٽڊ پريس مطابق، هڪ سينئر دفاعي عمل دار پينٽاگان جي اخباري نمائندن کي ٻڌايو ته آمريڪا کي ’’تمام گهڻو يقين’’ آهي ته هيءُ چين جو تمام بلنديءَ تي اڏڻ وارو ڦوڪڻو آهي جيڪو معلومات ڪٺي ڪرڻ جي لاءِ حساس هنڌن مٿان اڏي رهيو هو.
ان ڦوڪڻي کي جن جاين تي ڏٺو ويو انهن منجهان هڪ مونٽانا جي رياست هئي. مونٽانا ۾ مالمسٽروم ايئر فورس بيس ملڪ جي ٽن جوهري ميزائل تنصيبات منجهان هڪ آهي.
اهل ڪار نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ان حساس معلومات جي باري ۾ ٻڌايو.
ٻئي پاسي، پينٽاگان جي پريس سيڪريٽري برگيڊيئر جنرل پيٽرڪ رائيڊر ان معاملي تي مختصر بيان ڏيندي چيو ته حڪومت ڦوڪڻي بابت پڇا ڳاڇا ڪري رهي آهي. اهو ڦوڪڻو في الحال تجارتي هوائي چر پر تي گهڻي اوچائيءَ تي هليو ويو آهي ۽ ان سان زمين تي موجود ماڻهن کي فوجي يا جسماني خطرو درپيش ناهي.
هن چيو ته آمريڪا ان ڳالهه کي يقيني بنائڻ جي لاءِ چيني حڪام سان رابطو ڪيو آهي ۽ کين معاملي جي سنگينيءَ متعلق آگاه ڪيو آهي.
چين جي مبينه جاسوس ڦوڪڻي کي آمريڪي فضائي حدن اندر اڏام جو هيءُ واقعو اهڙي وقت پيش آيو آهي جڏهن آمريڪا جو پرڏيهي وزير اينٽني بلنڪن چين جي پهرئين دوري جي تيارين ۾ مصروف آهي ۽ اهو دورو هن هفتي جي آخر ۾ متوقع آهي.
ڦوڪڻو ميزائيل فيلڊز تي اڏام ڀرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو
جڏهن ته بلنڪن جي دوري جو اڃان باضابطه اعلان نه ڪيو ويو آهي، ٻنهين ملڪن جي وچ ۾ ان باري ۾ ڳالهه ٻولهه جاري آهي. تڪڙ ۾ اهو واضح نه ٿي سگهيو آهي ته ڦوڪڻي جي آمريڪي فضائي حدن ۾ اڏام جو معاملو پرڏيهي وزير بلنڪن جي بيجنگ جي دوري تي اثرانداز ٿيندو يا نه.
اي پي جي مطابق، اهو واضح ناهي ته فوج ڦوڪڻي جي حساس معلومات ڪٺي ڪرڻ کان روڪڻ جي لاءِ ڇا ڪري رهي آهي يا جيڪڏهن ان کي ڪيرايو ويو ته ڇا ٿيندو.
بچاءَ واري سينئر اهل ڪار چيو آهي ته آمريڪا وٽ ايف 22 سميت لڙاڪا جهاز آهن، جيڪڏهن وائيٽ هائوس حڪم ڏنو ته اهي ڦوڪڻي کي ڪيرائڻ لاءِ تيار آهن.
(هن خبر ۾ شامل معلومات ايسو سي ايٽڊ پريس تان ورتي وئي آهي)