رسائی کے لنکس

سعودي عرب جي دوري کان پوءِ آرمي چيف عاصم منير متحده عرب امارات روانو


سومر ڏينهن پاڪستان آرمي چيف عاصم منير جي سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان سان ملاقات
سومر ڏينهن پاڪستان آرمي چيف عاصم منير جي سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان سان ملاقات

پاڪستان جي آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير سعودي عرب جو دورو مڪمل ڪري ورتو آهي ۽ هاڻي هو متحده عرب امارات (يو اي اي) پهچي رهيو آهي.

پنهنجي پهرئين غير ملڪي دوري ۾ هن سعودي عرب جي ولي عهد محمد بن سلمان سميت ٻين اعلي فوجي ۽ سياسي قيادت سان ملاقاتون ڪيون آهن. سرڪاري طور تي جاري ٿيڻ واري مختصر بيان ۾ وڌيڪ تفصيل بيان نه ڪيو ويو آهي پر ڪي مبصرن فوج جي نئين سربراه جي هن دوري کي اهميت جي نگاه سان ڏسي رهيا آهن.

سعودي عرب سان پاڪستان جي مختلف شعبن ۾ شراڪت داريءَ کان سواءِ فوجي سطح تي ويجها تعلقات آهن. مبصرن چيو آهي ته پاڪستان جي فوج جي نئين سربراه جو پنهنجي پهرئين دوري جي لاءِ سعودي عرب جو انتخاب غير معمولي اهميت ظاهر ڪري ٿو.

بچاءَ واري شعبي جي تجزيه ڪار، ليفٽيننٽ جنرل (ر) نعيم خالد لوڌي جو چوڻ آهي ته آرمي چيف جنرل عاصم منير جو رياض جي دوري جو انتخاب ان جي ڪري به اهم آهي ته مشرق وسطي جا ملڪ پنهنجي پاليسيءَ ۾ تبديلي آڻي رهيا آهن ۽ هاڻي انهن جو آمريڪا ۽ مغرب جي طرف جهڪاءُ ناهي.

هن چيو ته آرمي چيف روايتي طور تي پهرئين دوري جي لاءِ چين يا سعودي عرب جو انتخاب ڪندا رهيا آهن. سعودي عرب هاڻي آمريڪا جي زير اثر پرڏيهي پاليسيءَ ۾ به توازن آڻي رهيو آهي جيڪا هن دوري جو هڪ سبب ٿي سگهي ٿي.

نعيم لوڌيءَ وڌيڪ چيو ته سعودي عرب جي بحري، بري ۽ فضائي فوجن جا اهل ڪار پاڪستان ۾ تربيت حاصل ڪندا آهن ۽ هي دورو ٻنهين ملڪن جي وچ ۾ دفاعي سهڪار کي وڌائڻ جو باعث بڻبو.

معيشت جي ماهر ۽ خزاني جي اڳوڻي وزير، سلمان شاه جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گهرا ۽ ويجها دفاعي، معاشي ۽ سياسي ناتا آهن، جيڪي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان قائم آهن.

وائس آف آمريڪا سان گفتگو ڪندي، سلمان شاه چيو ته هن وقت پاڪستان جي معيشت قومي سلامتيءَ جو مسئلو بڻيل آهي ۽ آرمي چيف جي دوري جي مقصدن ۾ دوست ملڪ جو مالي سهڪار حاصل ڪرڻ به شامل ٿي سگهي ٿو.

جنرل عاصم منير هي دورو اهڙي وقت ڪيو آهي جڏهن پاڪستان مشڪل معاشي صورت حال مان نڪرڻ جي لاءِ دوست ملڪن کان توقعات لڳائي ويٺو آهي ۽ سعودي عرب به پنهنجي روايتي اتحادي آمريڪا کان فاصلو اختيار ڪندي چين ۽ روس ڏانهن ڏسي رهيو آهي.

اسلام آباد کي توقع آهي ته پرڏيهي ناڻي جي ڪرندڙ ذخيرن کي سهارو ڏيڻ جي لاءِ سعودي عرب ٽي ارب ڊالر ڏيندو.

پوئين هفتي خزاني جي وفاقي وزير اسحاق ڊار معيشت جي ڏيوالو نڪرڻ جي انديشي کي رد ڪندي چيو هو ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن اندر پاڪستان کي سعودي عرب کان مالي مدد ملي ويندي.

ان حوالي سان جنرل (ر) نعيم لوڌيءَ جو چوڻ آهي ته هن وقت معاشي استحڪام آڻڻ ملڪ جو وڏو مسئلو آهي. ممڪن آهي ته جنرل عاصم منير جي هن دوري ۾ دوست ملڪ جي پاران مالي معاونت تي به ڳالهه ٿيندي. فوج هڪ مستحڪم ادارو آهي ۽ ان جي پاليسيءَ ۾ تلسلسل جي ڪري ڪا به غير ملڪي حڪومت فوجي قيادت سان ضرور ڳالهائيندي آهي. اهڙيءَ طرح فوج حڪومت جي مدد ڪئي ۽ اهڙي مدد قومي مفاد ۾ ڪئي ويندي آهي.

(علي فرقان جي رپورٽ)

XS
SM
MD
LG