رسائی کے لنکس

ڪولمبيا ۾ روڊ مٿان مٽيءَ جي ڇپ ڪرڻ جي ڪري 34 ڄڻا هلاڪ


ڪولمبيا لينڊ سلائيڊنگ (فائيل فوٽو)
ڪولمبيا لينڊ سلائيڊنگ (فائيل فوٽو)

ڪولمبا جي اتر اولهندي علائقن ۾ تيز بارش جي ڪري ويجهي روڊ تي ٽڪريءَ تان مٽيءَ جي ڇپ ڪرڻ جي ڪري هڪ بس ۽ ڪيتريون ئي موٽر گاڏيون هيٺان اچي ويون جنهن جي ڪري 34 ڄڻا هلاڪ ٿيا.

مٽيءَ جي ڪرڻ کان پوءِ وڏي پيماني تي ريسڪيو جي ڪاروائي شروع ڪئي وئي. ان دوران اوزارن ۽ ڪرينن جي مدد سان مٽيءَ ۾ ڦاٿل ماڻهن جي ڳولها جو ڪم ڪيو ويو.

قدرتي آفتن جي قومي اداري مطابق ملڪ جي ڏورانهين علائقي ۾ واقع واهڻ پيوبلو ريڪو ۾ ٿيڻ واري هن حادثي ۾ اٺ ٻار فوت ٿيا ۽ نون ڄڻا زخمي به ٿيا.

هي حادثو اينڊيز جي جابلو علائقي ۾ پيش آيو. حادثي جو شڪار ٿيڻ واري بس ملڪ جي وڏي شهر مان هلي ۽ مٽيءَ جي ڍڳ ڪرڻ تائين 270 ڪلوميٽر جي فاصلو طئي ڪري اتي پهتي هئي.

ڪولمبيا جي ميڊيا رپورٽ ڏني آهي ته ان واقعي ۾ هڪ ٻار کي بچايو ويو آهي جيڪو پنهنجي ماءُ جي ڪڇ ۾ هيو. هن جي ماءُ حادثي ۾ فوت ٿي وئي هئي.

زنده بچڻ واري هڪ شخص ٻڌايو ته بس ڊرائيور ابتدا ۾ بس کي مٽيءَ جي ڪرندڙ ڍڳ کان بچائي ورتو، ليڪن بس ان جي زد ۾ تڏهن آئي جڏهن ڊرائيور بس کي ريورس ڪري رهيو هو.

ڪولمبيا جي حڪومت مطابق، هلندڙ سال جي شروع کان وٺي پوندڙ برساتين 40 سالن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي. ان دوران مختلف حادثن ۾هينئر تائين 270 ماڻهو هلاڪ ٿي ويا آهن.

ملڪ ۾ ٿيندڙ بارشن کي قومي آفت قرار ڏنو ويو آهي.

(هن خبر جو مواد اي ايف پيءَ تان ورتو ويو آهي)

XS
SM
MD
LG