رسائی کے لنکس

ڪوئٽا: فوجي قافلي تي حملي ۾ هڪ سپاهي هلاڪ 12 ڄڻا زخمي


فائيل فوٽو
فائيل فوٽو

بلوچستان جي گاديءَ واري هنڌ ڪوئٽا ۾ آچر ڏينهن ٿيڻ واري بم ڌماڪي ۾ هڪ سپاهي فوت جڏهن ته 12 ڄڻا، جن ۾ شهري به شامل آهن، زخمي ٿيا.

رهواسين ۽ عهديدارن ٻڌايو آهي ته حملو ڪوئٽا جي ان علائقي جي چوڪيءَ تي ٿيو جتي سخت چوڪسي جاري رهندي آهي.

ڪوئٽا جي هن ڌماڪي ۽ ان ۾ ٿيڻ وارين هلاڪتن جي باري ۾ صوبائي پوليس ۽ فوج جي ميڊيا جي شعبي پاران تفصيل جاري نه ڪيا ويا آهن.

پاڪستان جي باغي طالبان گروپ، جنهن کي تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) به چيو ويندو آهي، ڌماڪي جي ذمي داري قبول ڪندي چيو آهي ته سندس خود ڪش حمله آورن فوجي قافلي تي اها ڪاروائي ڪئي آهي. سرڪش عناصر ڌماڪي ۾ ٿيڻ وارين فوتگين جو انگ گهڻو وڌيڪ ٻڌايو آهي، ليڪن هو اڪثر اهڙن حملن جا تفصيل وڌائي بيان ڪندا آهن.

بچاءَ وارن ڪارڪنن هن ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ پنج لانگهائو زخمي ٿيا، جن کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ان حملي کان ڪجهه ڏينهن اڳ خيبرپختونخوا صوبي جي گاديءَ واري هنڌ پشاور جي نمازين سان ڀريل مسجد ۾ بم ڌماڪو ٿيو هو جنهن ۾ 100 کان مٿي ماڻهو هلاڪ ۽ 150 کان وڌيڪ زخمي ٿيا هيا.

پشاور جي بم حملي ۾ گهڻي ڀاڱي صوبائي پوليس جا اهل ڪار هلاڪ ٿيا هيا. پاڪستاني عهديدارن چيو آهي ته خودڪش بم حمله آور پوليس آفيسر جو روپ ڌاري اندر داخل ٿيو هو۽ مسجد ۾ پهچي اها تباه ڪن ڪاروائي ڪئي هئي.

پشاور جي قتل عام جي ڪنهن گروه به ذمي داري قبول نه ڪئي آهي. سرڪاري عهديدارن ٽي ٽي پيءَ تي الزام مڙهيو آهي جڏهن ته باغين مداخلت جي ترديد ڪئي آهي.

(اياز گل جي رپورٽ)

XS
SM
MD
LG