اڱاري ڏينهن پاڪستان ۽ ٻاهرين ملڪن ۾پيپلز پارٽيءَ جي باني ۽ اڳوڻي وزير اعظم، ذوالفقار علي ڀٽي جي 44هين ورسيءَ جو ڏهاڙو ملهايو ويو.
نئين ديري ۾ ورسيءَ جي موقعي تي شام افطاريءَ جي تقريب ٿي جنهن ۾ پيپلز پارٽيءَ جي سربراه بلاول ڀٽي زرداريءَ مرحوم ڀٽي صاحب کي خراج عقيدت پيش ڪندي، ملڪ ۽ قوم جي لاءِ سندس خدمتن جو تفصيلي ذڪر ڪيو.
هن چيو ته ڀٽي صاحب هارين، نارين، مزدورن ۽ هيڻي طبقي جي مفاد جي ڳالهه ڪئي ۽ سندن زندگيءَ ۾ بهتري آڻڻ ۽ ڀلائيءَ جي لاءِ قانوني ۽ عملي قدم کنئيان. اهو ئي سبب آهي جو هيٺيون طبقو اڄ تائين سندس احسان مند آهي.
بلاول ڀٽي عدالتن جي ڪارڪردگيءَ تي تنقيد ڪئي. جن سندس بقول،’’ ملڪ ٺهڻ کان اڄ تائين، انصاف جو ساٿ نه ڏنو، بلڪه هميشه ’نظريه ضرورت’ کي پروان چڙهايو، ملڪ جي آئين کي ٽوڙڻ وارن آمرن جي ها ۾ ها ملائي ۽ سندن ڪڌن ڪمن کي قانوني قرار ڏنو ۽ سندس هٿ مضبوط ڪيا’’.
هن چيو ته ’’هئڻ ته ائين کپي ها ته آئين کي ٽوڙڻ وارن آمرن کي سزا ڏني وڃي ها، ان جي برعڪس پاڪستان ۾ آپيشاهي ۽ آمرن کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ سندن اقدامات کي اڄ تائين جائز ۽ عين قانوني قرار ڏنو ويو، ۽ اها ڪنهن هڪ دور جي ڳالهه ڪانهي، هميشه ئي ائين ٿيندو رهيو آهي’’.
بلاول چيو ته ڀٽي صاحب کي ڦاسي ڏيڻ وارن ججن کي اڄ ڪو به ياد نه ٿو ڪري. ڪنهن کي خبر ڪانهي ته مولوي مشتاق ۽ انوار الحق جي قبر ڪاٿي آهي، ۽ سندن ورسي ڪهڙي ڏينهن تي آهي. سندس چواڻي، ’’اهو ئي تاريخ جو فيصلو، انصاف ۽ سبق آهي’’.
هلندڙ دور جي ڳالهه ڪندي، هن چيو ته سپريم ڪورٽ کي فل ڪورٽ بينچ ٺاهڻ گهرجي تڏهن ئي چونڊن متعلق ڪيس جي فيصلي کي قوم تسليم ڪندي. سندس لفظن ۾، ’’فيصلا مڙهڻ وارو وقت لنگهي ويو’’.
هن چيو ته’’ پيپلز پارٽي عدالت جي آمريت کي قبول نه ڪندي’’. سندس لفظن ۾،’’لاهور جي تخت جي لڙائي ملڪ جي لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي. ائين ٿيو ته ملڪ جو جاري بحران وڌي ويندو ۽ ان جا اگرا نتيجا نڪري سگهن ٿا. صورت حال سڀني جي هٿان نڪري سگهي ٿي’’.
هن افسوس ظاهر ڪيو ته سپريم ڪورٽ ۾ هن وقت جج پاڻ ۾ ويجها ڪونهن، ۽ تقريبن سمورن سياسي پارٽين جي پاران ڪيل مطالبي جي باوجود فل ڪورٽ بينچ نه ٺاهڻ ظاهر ڪري ٿو ته، سندس لفظن ۾، ’’ عدالت کي انصاف ڪرڻ ۾ڪا دلچسپي ڪانهي، جيڪا ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي’’.
هوڏانهن، ان موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ فريال ٽالپر چيو ته ’’قائد عوام اسان کي سيکاريو ته طاقت جو سرچشمو عوام آهي’’. سندس چواڻي، ’’ڀٽي صاحب جهڙا اڳواڻ صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن’’.
ريٽائرڊ جنرل ضيا الحق قتل جي هڪ مقدمي ۾ چوٿين اپريل 1979 تي ذوالفقار علي کي ڦاسي ڏني.
ڀٽو صاحب پنجين جنوري 1928 تي لاڙڪاڻي ضلعي جي رتي ديري شهر ۾ پيدا ٿيو. هو سر شاهنواز ڀٽي جو پٽ هو، جيڪو جونا ڳڙه جي رياست جو ديوان هو.
هن ممبئيءَ جي ’وورلي سي فيس’ جي علاقي ۾ 1860 ۾ قائم ٿيڻ واري خانگي تعليمي اداري ’دي ڪيٿيڊرل اينڊ جون ڪينن اسڪول’ مان ابتدائي تعليم حاصل ڪئي، جتان هو ’سينٽ زيويئر ڪاليج’ مان ثانوي تعليمي اداري مان تعليم ورتي.
سال 1943 ۾ ڀٽي صاحب جي پهرين شادي شيرين امير بيگم سان ٿي، جڏهن ته ٻي شادي 1951 ۾ ڪرد نجاد ايراني شهري نصرت ڀٽي سان ٿي، جنهن جو تعلق ايراني شهراصفهان سان هو ۽ هن ڪراچيءَ يونيورسٽيءَ مان تعليم ورتي هئي. سندن چار ٻار بي نظير، مير مرتضيٰ، صنم ۽ شاهنواز هيا.
ڀٽي صاحب 1947 ۾ سياست (پوليٽيڪل سائنس) جي تعليم جي لاءِ آمريڪا جي ’يونيورسٽي آف سدرن ڪيلي فورنيا’ ۾ داخلا ورتي، جتان ٻن سالن جي تعليم کان پوءِ برڪلي منتقل ٿيو، جتان هن 1950 ۾ سياست ۾ بي اي آنرز جي ڊگري حاصل ڪئي. اهو ئي وقت هو جڏهن هي نوجوان ’سوشلزم ’ جي نظرين کان متاثر ٿيو، جيڪو ايندڙ حياتيءَ دوران سندس دلچسپيءَ جو محور رهيو.
سال 1950 جي جون جي مهيني ۾ ذوالفقار علي ڀٽي برطانيه جي آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جي ’ڪرائيٽ چرچ ڪاليج’ مان قانون جي شعبي ۾ بي اي جي ڊگري حاصل ڪئي. ڪن ذريعن جي مطابق اتي ئي هن پهرين قانون ۽ پوءِ سياست ۾ به ايل ايل بي جو ڊگري ورتي، ۽ 1953 ۾ لنڊن جي ڄاتل سڃاتل اداري، ’لنڪنز ان’ مان بيرسٽر جو خطاب حاصل ڪيو.
پنجاه جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان جي سياسي منظر تي نمايان ٿيڻ وارو ذوالفقار علي ڀٽو پرڏيهي وزير ٺهيو ۽ ان کان پوءِ صدر ۽ وزير اعظم بڻيو. هن ملڪ کي متفقه آئين ڏنو، ڪيترين ئي شعبن ۾ انقلابي اصلاحات آنديون، اسلامي ڪانفرنس منعقد ڪرائي ۽ جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي وس آهر ڪم ڪيو.