رسائی کے لنکس

برف باري ۽ طوفان جي ڪري آمريڪا ۾ 55 ڄڻا هلاڪ، ڪيترن هنڌن تي زندگيءَ جو نظام بيهي رهيو


نيو يارڪ جي ايمرهسٽ شهر ۾، جيڪو بفلو جي خطي ۾ واقع آهي، سڙڪن تي گاڏين جو هلڻ مشڪل تر کان ناممڪن ٿي چڪو آهي. 25 ڊسمبر 2022.
نيو يارڪ جي ايمرهسٽ شهر ۾، جيڪو بفلو جي خطي ۾ واقع آهي، سڙڪن تي گاڏين جو هلڻ مشڪل تر کان ناممڪن ٿي چڪو آهي. 25 ڊسمبر 2022.

آمريڪا ۾ جاري سخت سيءُ ۽ برفاني طوفان جي ڪري متاثر رياستن ۾ هينئر تائين 55 ڄڻا هلاڪ ٿي چڪا آهن، جڏهن ته تيز برساتن جي ڪري لکين ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي چڪا آهن.

عهديدارن چيو آهي ته برف باريءَ جي ڪري هزارين گهرن ۽ ڪاروباري ادارن کي بجليءَ جي فراهمي منقطع آهي. اهو به خدشو آهي ته گهرن ۾ ڦاٿل رهواسين کي هلاڪتن جو خطرو آهي.

اها صورت حال خميص ڏينهن ان وقت شروع ٿي جڏهن ’بم سائڪلون’ نالي واريءَ هن آفت منهن ڪڍيو جنهن سان ماحولياتي دٻاءُ ۾ اوچتي ڪمي واقع ٿي جنهن جو سبب برف باري ۽ لڳاتار سرد هوائون هيون.

تيز هوائن سان گڏ طوفان آچر ڏينهن نيو يارڪ جي رياست جي ٻئي اهم شهر، بفلو سان ٽڪرايو، جنهن جي ڪري پوري علائقي ڄڻ ته اڇي رنگ جي چادر ويڙهي ڇڏي. انهيءَ صورت حال امرجينسي ريسپانس جي ڪوششن کي به بيڪار ڪري ڇڏيو آهي.

نيو يارڪ جي گورنر ڪيٿي هوڪل مطابق، ڇنڇر ڏينهن شهر ۾ تقريبا هر فائر ٽرڪ برف ۾ ڦاٿل رهي.

اطلاعن مطابق، سرديءَ جي موسم جي تازي برفاني طوفان جو ڪو مثال موجود ڪونهي، جيڪو ڪيناڊا جي ويجهو گريٽ ليڪس کان ميڪسيڪو جي سرحد سان مليل ريو گرانڊر تائين ڦهليل آهي.

عمل دارن جو چوڻ آهي ته بگڙيل موسم جي ڪري ٿيندڙ مختلف واقعن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 34 ڄڻا مري ويا آهن ۽ هن برفاني طوفان جي ڪري رياست نيويارڪ جو شهر، بفلو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي.

آمرڪا جي نيشنل ويدر سروس چيو آهي ته ملڪ جي تقريبا 60 في صد آباديءَ کي سرد موسم جي ايڊوائزري يا چتاءَ سان واسطو آهي. آمريڪا جي مشهور، راڪي پهاڙي علائقي جي اوڀر کان وٺي اتر اوڀر اپالاچين جي نالي سان ڄاتل سلسلي تائين درجه حرارت معمول کان گهڻو وڌيڪ آهي.

شديد برف باريءَ جي ڪري ڪيترين ئي وڌيڪ اڏامن جي منسوخ ٿيڻ جو خطرو آهي. آچر جي ٻن پهرن تائين تقريبا 1707 ملڪي ۽ بين الاقوامي اڏامون منسوخ ٿيون.

شديد موسم جي ڪري مسافرن جي پريشانين جو سلسلو جاري رهڻ جو امڪان آهي.

عهديدارن ٻڌايو آهي ته بفلو جو هوائي اڏو اڱاري ڏينهن جي صبح تائين بند رهندو، جڏهن ته نيشنل ويدر سروس چيو آهي ته بفلو نياگرا بين الاقوامي هوائي اڏي تي آچر جي صبح ستين وڳي تائين 109 سينٽر ميٽر تائين برف پئجي چڪي آهي.

بفلو ۾ سرديءَ جي هن طوفان کي هاڻي تائين جو ڊگهي ترين عرصي تائين جاري رهڻ وارو سيءَ جو طوفان چيو ٿو وڃي.

ان طوفان مئين جي رياست کان وٺي سياٽل جي شهر تائين ڪميونٽيز کي بجليءَ کان محروم ڪري ڇڏيو آهي. ليڪن ’پاور آئوٽيج ڊاٽ يو ايس’ ٻڌايو آهي ته آمريڪا ۾ بجليءَ کي مستقل طور تي بحال ڪيو پيو وڃي.

آچر ڏينهن شام جو ٽين بجي تائين ٻن لکن کان گهٽ صارفين بجليءَ جي سهولت کان وانجها هيا. اتر ڪيرولائنا جي رياست ۾ 6500 صارفين کي بجلي ميسر ناهي.

(هن رپورٽ ۾ شامل مواد خبرن جي اداري، ايسو سي ايٽڊ پريس تان ورتو ويو آهي)

XS
SM
MD
LG