رسائی کے لنکس

عمران خان پاران آچر ڏينهن مينار پاڪستان تي جلسي ڪرڻ جو اعلان


تحريڪ انصاف جي ريليءَ جي قيادت عمران خان پاڻ ڪري رهيو آهي
تحريڪ انصاف جي ريليءَ جي قيادت عمران خان پاڻ ڪري رهيو آهي

پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزير اعظم عمران خان ايندڙ آچر ڏينهن لاهور ۾ مينار پاڪستان ۾ جلسو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

لاهور ۾ تحريڪ انصاف جي ريلي سندس اڳواڻيءَ ۾ زمان پارڪ کان داتا درٻار پهتي.

داتا درٻار پهچڻ تي عمران خان گاڏيءَ جي اندران خطاب ڪيو. هن چيو ته توشا خانه ڪيس ۾ هر ڳالهه جي ڇنڊ ڇاڻ ٿي وئي آهي.

ان کان اڳ عمران خان ريليءَ جي سرواڻي ڪرڻ جي لاءَ جڏهن زمان پارڪ ۾ پنهنجي رهائش گاه کان روانو ٿيو ته ڪارڪنن جو وڏو تعداد ۽ سيڪيورٽي عمل دار ان سان گڏ هيا.

پي ٽي آءِ جي هيءَ ريلي آچر ڏينهن نڪرڻ واري هئي، ليڪن صوبائي حڪومت پاران قلم 144 لڳائڻ ۽ امن امان جي لاءِ وفاق کان رينجرز جون خدمتون گهرڻ جي اعلان کان پوءِ عمران خان ريلي ملتوي ڪئي.

پي ٽي آءِ اعلان ڪيو هو ته سومر ڏينهن ٻيهر لاهور ۾ زمان پارڪ ۾ عمران خان جي رهائش گاه کان داتا درٻار تائين ريلي ڪڍي ويندي.

تحريڪ انصاف ريليءَ منعقد ڪرڻ جي لاءِ ضلعي انتظاميه کان باقاعده اجازت ورتي هئي.

پي ٽي آءِ اليڪشن ڪميشن کي به درخواست ڪئي هئي ته لاهور ۾ قلم 144 جي نفاذ کي رد ڪيو وڃي. پي ٽي آءِ جو موقف آهي ته صوبي ۾ چونڊن جي تاريخ جو اعلان ٿي چڪو آهي. ان ڪري ٻين جماعتن وانگر ان کي به چونڊن جي مهم هلائڻ جي اجازت ڏني وڃي.

اها ريلي اهڙي وقت ڪڍي پئي وڃي جڏهن اسلام آباد جي ٻن مختلف عدالتن ۾ توشا خانه ڪيس ۾ عمران خان جا گرفتاريءَ جا ناقابل ضمانت وارنٽ بحال ۽ خاتون جج کي ڌمڪي ڏيڻ جي ڪيس ۾ وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن.

XS
SM
MD
LG