متحده عرب امارات (يو اي اي) جو شمار دنيا جي انهن ملڪن منجهان ٿيندو آهي جنهن جي خوراڪ جو انحصار ٻين ملڪن مان ٿيندڙ درآمدات تي آهي. ليڪن هاڻي ملڪ جي صحرا ۾ اهڙو ٻوٽو پوکيو پيو وڃي جيڪو کاڌي ۾ استعمال ٿي رهيو آهي، جڏهن ته ملڪ جي سخت گرم موسم ۽ زير زمين کاري پاڻيءَ ۾ به وڌي ويجهي سگهي ٿو.
خبررسان اداري، اي ايف پي مطابق ملڪ جي صحرائن ۾ هينئر اهڙا کيت کيڙيا پيا وڃن جتي سخت جان ٻوٽو سليڪورنيا پوکي سگهجي.
يو اي ايءَ ۾ هيءُ ٻوٽو لوڻ جي متبادل جي طور تي برگر ۽ کائڻ جي ٻين شين ۾ پهريان ئي استعمال ٿي رهيو آهي.
کائڻ پيڻ جون شيون ٺاهڻ واريون ڪجهه ڪمپنيون به سليڪورنيا کي صحت لاءِ مفيد قرار ڏئي رهيون آهن. امارات جي معيشت جو دارومدار تيل جي برآمد تي آهي ۽ ان کي لڳ ڀڳ سموريون جنسون ٻاهران گهرائڻيون پون ٿيون. ان وقت سليڪورنيا جي پيداوار کي مستحڪم زراعت ڏانهن هڪ سٺو قدم قرار ڏنو پيو وڃي. هن ٻوٽي جون ٽاريون رسدار هونديون آهن.
امارات ۾ کائڻ پيڻ جون شيون ٺاهڻ واري ڪمپني، گوبل فوڊ انڊسٽريز جي مارڪيٽنگ جي سربراه، ٽينا سائيگزمنڊ سليڪورنيا بابت چون ٿيون ته کاڌي پيتي جي شين ۾ هن ٻوٽي جي استعمال سان ان ۾ موجود کارو ذائقو ته محسوس ٿئي ٿو پر ان سان سوڊيم جو مقدار گهٽ استعمال ٿيندو. ان سان گڏ ان جا ٻيا به ڪيترا ئي فائده آهن.
گلوبل فوڊ انڊسٽريز ان مان برگر ٺاهيندي آهي جنهن ۾ هن ٻوٽي جي استعمال سان سوڊيم جو مقدار 40 في صد تائين گهٽجي وڃي ٿو. انهيءَ جي ڪري ڪمپني انهن برگرن کي صحت بخش قرار ڏيندي آهي. انهن برگرن ۾ ڪڪڙ جو گوشت، گوبي ۽ ٻيون شيون وڌيون وينديون آهن.
سليڪورنيا جو ٻوٽو اتر آمريڪا، يورپ، ڏکڻ آفريقا ۽ ڏکڻ ايشيا جي ڪن حصن ۾ پيدا ٿيندو آهي. ان کي امارات جي گرم ترين موسم جي لاءِ انتهائي موزون چيو وڃي ٿو. ٽينا جي چوڻ مطابق هن ٻوٽي ۾اينٽي بيڪٽيرئل اثرات کان سواءِ ٻئي ڪيتريون ئي خصوصيات آهن.
متحده عرب امارات جي مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي) ۾ زراعت ۾ پيدا ٿيندڙ شين جو حصو هڪ في صد کان به گهٽ آهي. هتي عام طرح درجه حرارت 50 ڊگري سينٽي گريڊ هوندو آهي، جڏهن ته ماحولياتي تبديلين جي ڪري ان جي شدت ۾ اضافي جو انديشو ظاهر ڪيو پيو وڃي.
اي ايف پي مطابق امارات ۾ 2021 ۾ ڪيترن ئي علائقن ۾ اهڙا کيت آباد ڪيا ويا جتي سليڪورنيا پوکڻ جو تجربو ڪيو ويو. هي تجربو دبئي انٽرنيشنل سينٽر فار بايوسلين ايگريڪلچر (آئي سي پي اي) پاران ڪيو ويو هو.