رسائی کے لنکس

ڏياري کڻي ڪاٿي به هجي، مٺائي ته ضرور هوندي


آمريڪا ۾ رهڻ واري هندو برادري به ’روشنين جو ڏڻ’ پنهنجي روايتي رنگن سان ملهائيندي آهي، جنهن ۾ مٺايون ورهائڻ به روايت جو اهم حصو آهي
آمريڪا ۾ رهڻ واري هندو برادري به ’روشنين جو ڏڻ’ پنهنجي روايتي رنگن سان ملهائيندي آهي، جنهن ۾ مٺايون ورهائڻ به روايت جو اهم حصو آهي

هندو برادريءَ جي ڏڻ ڏياريءَ کي روشنين جو تهوار چيو ويندو آهي ۽ آمريڪا ۾ به ان جي روايتي رنگن جي جهلڪ ڏسڻ وٽان هوندي آهي.

آمريڪا ۾ به ڏياري ملهائڻ لاءِ خاص تياريون ڪيون وينديون آهن. تهوار کان اڳ گهر جي صفائي ڪئي ويندي آهي ۽ نئين وڳي جي خريداري، سنگتين، ساٿين ۽ مٽن مائٽن جي پاڻ ۾ ملڻ سان گڏ خاص طور تي لذيذ پڪوانن جي تياريءَ جو بندوبست ضرور ڪيو ويندو آهي.

ڏياريءَ تي خاص طور تي ’لڪشمي’ جي پوڄا ڪئي ويندي آهي، جنهن کي هندو عقيدي جي مطابق، ’خوش حاليءَ جي ديوي’ مڃيو ويندو آهي. هن تهوار تي ’روشنيءَ کي اونده تي ۽ ڀلائيءَ کي برائيءَ تي فتح’ جو جشن ملهايو ويندو آهي.

فائيل فوٽو
فائيل فوٽو

هن ڏڻ جي لاءِ تيار ڪيل پڪوان مختلف ڪلچرز ۾ مختلف آهن، پر مٺائيون هن تهوار جو لازمي حصو آهن.

قسمن قسمن جون مٺايون

’روني موزمدار’ نيو يارڪ شهر ۾ ڪيترا ئي ريستوران هلائيندو آهي. هو’ان اپوليجيٽڪ فوڊز’ ڪمپنيءَ جو چيف اگزيڪٽو آفيسر آهي. هو 12 ورهن جي عمر ۾ ڀارت جي شهر ڪولڪتا مان آمريڪا اچي آباد ٿيو هو ۽ اڄ به ٻاراڻي عمر جي ڏياريءَ کي ياد ڪندو آهي.

هن ٻڌايو ته ڀارت ۾ ڏياريءَ جي موقعي تي سمورا مٽ مائٽ ڪٺا ٿيندا هيا، جيڪا ئي هن تهوار جي اصلي خوشي هوندي هئي.

رونيءَ چيو ته منهنجي لاءِ ڏياريءَ جي مٺاڻ جو مطلب ’رس گلا’ آهن، جيڪي بينگال جي خاص مٺائي آهي. ’’توهان اهو سوچو ته سڄو ڏينهن توهان کي پنير مان تيار ٿيل، کنڊ جي سيري ۾ ٽٻويل رس گلا ملندا رهن، ته ٻيو ڇا کپي! رس گلا ته انسان جي لاءِ قدرت جو هڪ تحفو هوندا آهن’’.

ڏياريءَ ۾ تمام گهڻي اهتمام سان تيار ٿيل رس گلا، ’نولن گڙ’ ۾ ٺاهيا ويندا آهن. اهو ڳڙ کجور مان تيار ڪيو ويندو آهي.

مٺائين جي تياري
مٺائين جي تياري

رونيءَ جو چوڻ آهي ته ڪولڪتا ۽ ڀارت جي اوڀر واري علائقي ۾ تيار ٿيندڙ مٺائين جي آميزي ۾ کير هڪ اهم جزو آهي، جنهن سان تيار ڪيل ’ڪچا گلا’ کي تمام گهڻو پسند ڪيو ويندو آهي ۽ اهو ڪيترين ئي مٺائين جي تياريءَ ۾ به استعمال ٿيندو آهي. هن چيو ته ’ڪچا گلا’ کي به هڪ خاص قسم جو پنير به سڏيو ويندو آهي.

’راگهون اير’ کاڌن جي ترڪيبن متعلق ڪتاب جو ليکڪ آهي ۽ ممبئيءَ ۾ ڏياريءَ جي رونقن کي ياد ڪندو آهي، جتي هو 21 ورهن جي ڄمار تائين رهندو هو.

هن کي خاص طور تي ميدي ۽ اٽي مان تيار ٿيل ’ڊمپلنگ’ جي ڊش، ’ڪوڪٽي’ ياد آهي جيڪا مٺي ۽ نمڪين، ٻنهين ذائقن ۾ تيار ڪئي ويندي آهي ۽ ڀارت جي ڏاکڻين علائقي جي روايتي ڊش آهي. ان کي سنڌ ۾ مٺي ۽ کاري ’ڪوڪي’ چوندا آهن. چانورن جي اٽي مان تيار ٿيڻ واري هيءَ ڊش ڪوئلي جي ٽانڊن جي ٻاڦ تي پچائي ويندي آهي.

ان کان سواءِ، ڏياريءَ ۾ خاص طور تي ڪاجو، گهيه ۽ کنڊ مان تيار ٿيڻ واري ’ڪاجو برفي’ جو نالو وٺڻ سان ئي وات ۾ پاڻي اچي ٿو وڃي. کنڊ جي سيري ۾ ٻوڙي تيار ڪيل مٺائين ۾ هن کي ’جليبي’ تمام گهڻو پسند آهي.

پرساد جي تياري

نيو يارڪ ۾ رهڻ واري ليلا ماسي ديواليءَ تي بيسن جي لڏن جي تياريءَ جو به چاه سان ذڪر ڪندي آهي اهي لڏون چڻن جي اٽي ۽ هيڊ کي گهيه ۾ ڀڃين تيار ڪيا ويندا آهن، ۽ انهن ۾کنڊ ۽ مائو شامل ڪيو ويندو آهي.

روشنيءَ جي فتح جو ڏڻ
روشنيءَ جي فتح جو ڏڻ

ماسي ڏياريءَ جي لاءَ پرساد به تيار ڪندي آهي جنهن ۾ ميدو، سوجي ۽ گهيه وجهندي آهي. ان جي لاءِ الڳ ٿانون ۾ کير کي چڱيءَ ريت ڪاڙهي ان ۾ ڪشمش، دالچيني ۽ ننڊا ڦوٽا وڌا ويندا آهن. کير مان تيار ڪيل ان آميزي کي ڀڳل ميدي ۽ سوجيءَ ۾ شامل ڪيو ويندو آهي ۽ کير خشڪ ٿيڻ تائين ان کي پچايو ويندو آهي. کير جي سڪڻ تي اهو حلوي وانگر پڪو ٿي ويندو آهي ۽ ان کي پرساد جي طور تي ورهايو ويندو آهي.

منشا شرما پيشي جي لحاظ کان وڪيل آهي. هوءَ نيو يارڪ ۾ پنهنجي ٽن ٻارن سان رهندي آهي ۽ هتي پنهنجي خاندان سان گڏ ڀارت جي اوڀر جي علائقي جي ڪلچر مطابق ڏياري ملهائيندي آهي.

هوءَ ڏياريءَ ۾ سجاوٽ، چراغان ۽ خاص طور تي پڪوانن کي ياد ڪندي آهي ۽ نيويارڪ ۾ به هن ڏڻ جي روايت کي برقرار رکيو اچي.

هوءَ ٻڌائي ٿي ته ڏياريءَ جي موقعي تي تحفا ڏيڻ جي ريت به پراڻي آهي. اهي تحفا ورهائڻ واري مٺائي به ٿي سگهي ٿي ۽ تحفن جي دٻن تي ديوتائن گڻيش ۽ لڪشميءَ جون مورتيون ٺهيل هونديون آهن.

منشا شرما چيو ته ڏياريءَ جي مٺائين ۾ خشڪ ميوا سوڻ جي طور تي عقيدت ساڻ دولت منديءَ جي اظهار لاءِ شامل ڪيا ويندا آهن. خشڪ ميون ۾ پستا ۽ بادام وڌيڪ استعمال ٿيندا آهن.

(هن خبر جو مواد ايسو سي ايٽڊ پريس تان ورتو ويو آهي)

XS
SM
MD
LG