رسائی کے لنکس

ڊونرز ڪانفرنس ۾ پاڪستان کي پوڻا نون ارب ڊالر ملڻ جا وعدا


وزير اعظم شهباز شريف موسمياتي تبديليءَ جي ڪري پاڪستان تي پوندڙ شديد اثرات متعلق جينيوا ۾ منعقد ’ڊونرز ڪانفرنس’ کي خطاب ڪندي. 9 جنوري 2023.
وزير اعظم شهباز شريف موسمياتي تبديليءَ جي ڪري پاڪستان تي پوندڙ شديد اثرات متعلق جينيوا ۾ منعقد ’ڊونرز ڪانفرنس’ کي خطاب ڪندي. 9 جنوري 2023.

اطلاعات جي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته سومر ڏينهن جينيوا ۾ ٿيڻ واري ڊورنرز ڪانفرنس ۾ پاڪستان ۾ گزريل سال ايندڙ ٻوڏ کان متاثر ٿيڻ وارن علائقن ۾ بحاليءَ ۽ نئين سر اڏاوت جي لاءِ مالياتي ادارن ۽ ملڪن جي طرفان اٺ ارب 57 ڪروڙ ڊالر مي مدد فراهم ڪرڻ جو وعدو ڪيو ويو آهي.

ان ڳالهه جو اعلان پاڪستان ۽ گڏيل قومن جي اداري جي ميزبانيءَ ۾ سوٽزرلينڊ جي شهر جينيوا ۾ ٿيڻ واري عالمي ڊونرز ڪانفرنس ۾ مختلف عالمي مالياتي ادارن ۽ پاڪستان جي دوست ملڪن جي پاران ڪيو ويو آهي.

سومر جي ڏينهن ڪانفرنس جي پهرئين اجلاس جي پڄاڻيءَ تي عالمي مالياتي ادارن ۽ مختلف ملڪن جي پاران اٺ ارب 57 ڪروڙ ڊالر فراهم ڪرڻ جو وعدو ڪيو ويو ۽ توقع ڪئي پئي وڃي ته اختتامي اجلاس ۾ پاڪستان کي وڌيڪ فنڊ فراهم ڪرڻ جا اعلان ٿي سگهن ٿا.

مريم اورنگزيب هڪ ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو ته يورپي يونين نون ڪروڙ 30 لک ڊالر، جرمنيءَ اٺ ڪروڙ 80 لک ڊالر، چين 10 ڪروڙ ڊالر، اسلامي ترقيات بينڪ چار ارب 20 لک ڊالر، عالمي بينڪ ٻه ارب ڊالر، جاپان ست ڪروڙ 70 لک ڊالر، ايشيائي ترقياتي بينڪ هڪ ارب 50 لک ڊالر ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان کان علاوه سعودي عرب هڪ ارب ڊالر، يو ايس ايڊ 10 ڪروڙ ڊالر ۽ فرانس 34 ڪروڙ 50 لک ڊالر ڏيڻ جو وعدو ڪيو آهي.

ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي وزير اعظم شهباز شريف، گڏيل قومن جي اداري جي سيڪريٽري جنرل اينتونيو گوئيترس، پاڪستان جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽي زرداريءَ کان سواءِ ڪانفرنس ۾ مختلف ملڪن جي حڪومتن جي نمائندن، عالمي مالياتي ادارن جي نمائندن سميت سول سوسائٽيءَ جي نمائندن به شرڪت ڪئي. ڪانفرنس فرانس جي صدر ايمانوئيل ميڪخوان به خطاب ڪيو.

ياد رهي ته پوئين سال پاڪستان ۾ اچڻ واري شديد ترين سيلاب جي ڪري، پاڪستاني عهديدارن مطابق، 30 ارب ڊالر جو نقصان پهتو.

پاڪستان جي وزير اعظم شهباز شريف سومر ڏينهن جينيوا ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان کي سيلاب جي ڪري متاثر علائقن ۾ نئين سر اڏاوت جي لاءِ 16 ارب ڊالر فنڊ جي ضرورت آهي.

پاڪستاني عمل دارن جو چوڻ آهي ته انهن منجهان اڌ رقم پنهنجي وسيلن مان فراهم ڪندو جڏهن ته پاڪستان کي توقع آهي ته سومر ڏينهن ٿيڻ واري ڪانفرنس جي ذريعي باقي اٺ ارب ڊالر عالمي برادري فراهم ڪندي.

جينيوا ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان گڏجي اخباري ڪانفرنس ڪندي، وزير اعظم شهباز شريف عالمي برادريءَ جي طرفان سيلاب کان متاثر علائقن ۾ نئين سر اڏاوت جي لاءِ ملڻ واري امداد جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته ان امداد کي مڪمل شفافيت سان خرچ ڪيو ويندو.

ان کان اڳ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شهباز شريف پاڪستان جي تاريخ جي شديد ترين ٻوڏ جي ڪري بي گهر ٿيڻ وارن 30 لک ماڻهن جي بحاليءَ ۽ سيلاب کان متاثر علائقن ۾ بحاليءَ جي لاءِ عالمي برادريءَ جي تعاون تي شڪريو ادا ڪيو. ان موقعي تي پاڪستان جي طرفان سيلاب جي ڪري متاثر علائقن ۾ نئين سر اڏاوت جي تجويز ڪيل قدمن جو ’فريم ورڪ’ پيش ڪيو.

ياد رهي ته پوئين سال اچڻ واري سيلاب کان پهريان ئي ڪرونا وائرس جي عالمي وبا ۽ عالمي سطح تي توانائي جي وڌندڙ قيمتن جي ڪري معاشي مشڪل درپيش هئي، ليڪن ٻوڏ جي ڪري پاڪستان کي مشڪل ترين چيلينج سامهون آيو، جڏهن مون سون جي شديد برساتن جي ڪري 80 لک ماڻهو بي گهر ٿيا، 1700 کان وڌيڪ ماڻهو هلاڪ ٿيار ۽ هرازين زخمي ٿيا.

پاڪستان عهديدارن جي مطابق، ٻوڏ ۽ برساتن جي ڪري 20 لکن کان مٿي گهر تباه ٿيا، بنيادي ڍانچي کي شديد نقصان پهتو ۽ سيلاب جي ڪري متاثر علائقن ۾ صحت ۽ تعليم جا مرڪز تباه ٿيا ۽ انهن علائقن ۾ نئين سر اڏاوت ۽ بحاليءَ جي لاءِ پاڪستان کي ايندڙ ٽن سالن ۾ 16 ارب کان وڌيڪ مالي وسيلن جي ضرورت پوندي.

اينتونيو گوئتيرس وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ جي ڪري تباه ٿيڻ واري انفرا اسٽرڪچر جي بحاليءَ جي لاءِ وڏا قدم کڻڻ جي ضرورت آهي جيڪو عالمي ماحولياتي تبديليءَ جي هاڃيڪار اثرات جو شڪار ٿيو آهي.

(محمد جليل اختر جي رپورٽ)

XS
SM
MD
LG