گڏيل قومن جي اداري جي سربراه، اينٽونيو گوٽيئرس جي سهڪار سان پاڪستان جو وزير اعظم شهباز شريف نائين جنوريءَ تي جينيوا ۾ هڪ ڏينهن جي بين الاقوامي ڪانفرنس منعقد ڪندو، جنهن جو عنوان ’موسمياتي تبديليءَ کي منهن ڏيڻ وارو پاڪستان’ آهي.
هڪ بيان ۾ پاڪستان جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته اجلاس جو مقصد لڳاتار تيز مينهوڳيءَ جي ڪري ايندڙ سيلاب جي تباهيءَ کان پوءِ بحاليءَ جي ڪم ۾ پاڪستان بين الاقوامي برادريءَ جو ڌيان ڇڪائيندو ۽ سندن مدد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته هاڃيڪار ٻوڏ پاڪستان جي وڏي علائقي کي متاثر ڪيو جنهن کان پوءِ بچاءَ ۽ امداد جي مرحلي کان پوءِ، بحالي ۽ نئين سر اڏاوت جي وڏي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
ان بين الاقوامي اجلاس ۾ پاڪستان بچاءَ، بحالي ۽ نئين سر اڏاوت جي اهم مرحلي جا تفصيل بيان ڪندو ته جيئن نئين سر اڏاوت واري مرحلي جي لاءِ بين الاقوامي برادري جي مدد سان اڏاوت جو طويل مدتي ڪم هٿ ۾ کڻي سگهجي.
ترجمان چيو ته ان سلسلي ۾ پاڪستان پاران نقصان، ضرورتن ۽ ترجيحات جو دستاويز پيش ڪيو ويندو، جنهن ۾ وفاقي ۽ صوبائي سطحن تي فراهم ڪيل تفصيل ڏنا ويندا ۽ شفاف طريقي سان منصوبن کي بيان ڪيو ويندو ته جيئن منظم طريقه ڪار تي ٻڌل مالي گهرج کي پيش ڪيو وڃي.
ڪانفرنس جي ايجنڊا مطابق، ان جي اعلي سطحي افتتاحي اجلاس جي صدارت پاڪستاني وزير اعظم ۽ گڏيل قومن جي اداري جو سيڪريٽري جنرل ڪندو، جنهن کان پوءِ ’فور آر ايف ڊاڪيومنٽ’ جو سرڪاري افتتاح ڪيو ويندو، جنهن ۾ حاصل ٿيل سهڪار کي نمايان ڪيو ويندو.
اجلاس جي پڄاڻيءَ تي وزير اعظم شهباز شريف ۽ گڏيل قومن جي اداري جو سيڪريٽري جنرل اينٽونيو گوٽيئرس گڏيل اخباري ڪانفرنس ڪندا.
هوڏانهن، بين الاقوامي ادارن جي مدد سان تيار ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هن سال پاڪستان ۾ آيل تباه ڪن سيلاب ۽ ٻوڏ جي ڪري ملڪ ۾ 30 ارب ڊالر جي تباهي ۽ معاشي نقصان پهتو. اندازو لڳايو ويو آهي ته صورت حال بحال ٿيڻ ۾ ڪافي وقت درڪار آهي ۽ نقصان جي هن اندازي ۾ اڃان واڌ ايندي.
پاڪستان حڪومت آيل موسمياتي آفت کان پوءِ نقصان جو تخمينو تيار ڪيو آهي جنهن ۾ گڏيل قومن جي اداري، ايشيائي ترقياتي بينڪ، عالمي بينڪ ۽ يورپي يونين حصو ورتو ۽ رپورٽ جي صورت ۾ سندن فائنڊنگ سامهون آئي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جا مالي ذريعا ۽ وسيلا گهٽ آهن، ان ڪري معيشت جي مربوط بحاليءَ جي لاءَ اهم بين الاقوامي حمايت ۽ نجي سرمايه ڪاريءَ جي ضرورت آهي.
ٻوڏ جي تباه ڪن قدرتي آفت جي اثرات جي پيش نظر، پاڪستان جي حڪومت هلندڙ سال ملڪ جي مجموعي اقتصادي ترقيءَ جي شرح (جي ڊي پي) پنجن في صد جي هدف جي بجاءِ 2.2 في صد رهجي وڃڻ جي اهڃاڻ کي ظاهر ڪيو آهي. جي ڊي پي جي تخميني ۾ 2.8 في صد جي نمايان نقصان ۾ زراعت جي شعبي ۾ سڀ کان وڌيڪ 0.9 في صد جي گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي.
وفاقي گاديءَ واري هنڌ اسلام آباد ۾ سيلاب جي تباه ڪارين جي نقصان جي تخميني ۽ بحاليءَ جي ضرورتن جي سلسلي جي تفصيلي هڪ رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي. هيءَ ’پوسٽ ڊزاسٽر اسيسمنٽ رپورٽ’ وزارت منصوبه بندي، ايشيائي ترقياتي بينڪ، يورپي يونين، گڏيل قومن جي اداري جي مختلف ايجنسين سيمت اقوام متحده جي ترقياتي پروگرام ۽ عالمي بينڪ مشترڪه طور تي تيار ڪئي آهي.
رپورٽ جي مطابق، نقصان جو تخمينو 14.9 ارب آمريڪي ڊالر کان وڌيڪ ٿيو آهي، جيڪو 15.2 ارب آمريڪي ڊالر جي مجموعي اقتصادي نقصان تائين پهچي چڪو آهي.ٻوڏ جي متاثره علائقن ۾ تعمير نو جي لاءِ تخمينو لڳايل ضرورتون گهٽ ۾ گهٽ 16.3 ارب ڊالر لڳايو ويو آهي.
اقوام متحده هن مهيني جي شروع ۾ تباهيءَ جي پيماني جو جائزو وٺڻ ۽ پاڻيءَ منجهان پيدا ٿيڻ وارين بيماريون وڌڻ سان گڏ خوراڪ جي عدم تحفظ جي وڌندڙ خدشي جي پيش نظر پاڪستان جي لاءِ پنهنجي بين الاقوامي انساني امداد جي اپيل کي 16 ڪروڙ ڊالر کان وڌائي 81 ڪروڙ 60 لک ڊالر ڪيو آهي.
رپورٽ جي مطابق گهرن، زراعت ۽ مال متاع ۽ ٽرانسپورٽ ۽ مواصلات جي شعبن کي بالترتيب 5.6 ارب ڊالر، 3.7 ارب ڊالر ۽ 3.3 ارب ڊالرجو نقصان پهتو آهي.
سيلاب جي ڪري سنڌ صوبو سڀني کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي جتي ڪل نقصان جو تقريبن 70 في صد ٿيو آهي جنهن کان پوءِ بلوچستان، خيبر پختونخوا ۽ پنجاب آهن.
هن رپورٽ کان اڳ اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان 2.4 في صد آبادي جي اوسر جو تخمينو لڳايو آهي، جڏهن ته حڪومت جي پاران جاري ٿيڻ واري هلندڙ سال جي لاءِ 2.2 في صد پيداوار جي شرح جو تخمينو مرڪزي بينڪ جي اندازي کان به گهٽ رکيو ويو آهي.
رپورٽ مطابق، سيلاب جي ڪري ٽي ڪروڙ 30 لک ماڻهو متاثر ٿيا ۽ 1730 ڄڻا هلاڪ ٿيا. انهيءَ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٻوڏ جي نقصانن جي سبب ملڪ ۾ وڌيڪ 90 لک ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ هليا ويا آهن.
قدرتي آفت جي سبب غربت جي بلند شرح ۾ به واڌ آئي آهي غربت جي قومي شرح 3.7 کان وڌي 4.0 تائين وڃي پهتي آهي، جيڪي انگ اکر 8.4 ملين مان وڌي 9.1 ملين ٿي ويا آهن.
ان کان علاوه سيلاب جي ڪري غذائي کوٽ جو مسئلو به درپيش رهندو ۽ اضافي 7.6 ملين ماڻهن کي خوراڪ جي عدم تحفظ سان واسطو رهندو.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 80 لکن کان وڌيڪ بي گهر ماڻهن کي هاڻي صحت جو بحران آڏو آهي، هڪ ڪروڙ 70 لک عورتن ۽ ٻارن کي بيماريءَ جو خطرو آهي.
ٻئي طرف گڏيل قومن جي اداري چيو آهي ته پاڪستان جي ست في صد زمين اڃان تائين زير آب آهي. اداري چتاءُ ڏنو آهي ته ساهه کڻڻ جي بيمارين ۾ اضافي کان علاوه ٻين مرضن جو خطرو وڌي رهيو آهي.