پاڪستان اليڪشن ڪميشن پنجاب اسيمبلي۽ جي لاءِ 30 اپريل تي ٿيندڙ چونڊون ملتوي ڪرڻ جو حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي.
اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته پنجاب ۾ چونڊون 8 آڪٽوبر تي ٿينديون.
ان کان اڳ هلندڙ مهيني ۾ ئي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان آچر، 30 اپريل تي پنجاب ۾ صوبائي اسيمبليءَ جي چونڊن جي لاءِ پولنگ جو شڊول جاري ڪيو هو.
پاڪستان جي صدر ڊاڪٽر عارف علويءَ ٽين مارچ تي پنجاب اسيمبليءَ جا عام انتخابات آچر ڏينهن، 30 اپريل تي ڪرائڻ جي تجويز ڏني هئي.
انهيءَ کان به اڳ ۾ لاهور هائي ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي پنجاب اسيمبليءَ جي چونڊن جي مقرر وقت تي ڪرائڻ جي لاءِ پابند ڪرڻ جي درخواست ٻڌڻ جي جي قابل نه قرار ڏئي رد ڪئي هئي.
لاهور هائي ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ محفوظ فيصلو ٻڌايو هو.
جسٽس چوڌري محمد اقبال جي اڳواڻيءَ ۾ ٻه رڪني بينچ هڪ شهري، منير احمد جي التجا تي اهو فيصلو ڏنو هو.
درخواست ڏيندڙ التجا ڪئي هئي ته لڳي ائين رهيو آهي ته اليڪشن نه ٿيندا، ان ڪري اليڪشن ڪميشن کي چونڊون ڪرائڻ جو پابند ڪيو وڃي.