رسائی کے لنکس

ريپبلڪن اميدوار ميڪارٿي ايوان جو اسپيڪر چونڊجي ويو


ڪيون ميڪارٿي
ڪيون ميڪارٿي

ووٽنگ جي 15 رائونڊن ۽ پنجن ڏينهن جي ڪوششن جي نتيجي ۾ جمعي ۽ ڇنڇر جي رات ريپبلڪن اميدوار ڪيون ميڪارٿي آخر ڪار آمريڪي ايوان نمائندگان جو اسپيڪر منتخت ٿي ويو.

جمعي جي ڏينهن چوڏهين رائونڊ جي باوجود به اسپيڪر جي چونڊ نه ٿي سگهي هئي. ان کان پوءِ اجلاس سومر تائين ملتوي ڪرڻ جي تحريڪ سامهون آئي جنهن کي مسترد ڪيو ويو. ريپبلڪنز پنهنجي حڪمت عملي تبديلي ڪندي پندرهين رائونڊ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ جمعي ۽ ڇنڇر جي رات ميڪارٿي آخر ڪار ايوان نمائندگان جو اسپيڪر چونڊجي ويو.

ري پبلڪن پارٽيءَ سان تعلق رکڻ واري ساڄي ڌ رجا 20 قدامت پسند ميمبر اسيپڪر جي طور تي ڪيون ميڪارٿيءَ جي نامزدگيءَ جي مخالفت ڪري رهيا هيا ۽ اهو ئي سبب آهي جو ايوان جي ميمبرن جي اڪثريت جي باوجود ريپبلڪنز پنج ڏينهن تائين پنهنجو اسپيڪر منتخت نه ڪرائي سگهي هئي.

انهن ميمبرن جو خيال هو ته ميڪارٿي قدامت پسند ناهي.

ووٽنگ جي چوڏهين رائونڊ دوران ميڪارٿيءَ جي ريپبلڪن رڪن ميٽ گيٽز سان سخت لفظن جي ڏي وٺ ٿي. ميٽ گيٽز پاران ميڪارٿيءَ جي لاءِ ووٽ ڏيڻ جي بجاءِ صرف ايوان ۾ رهڻ تي رضامند ٿيو. جيڪڏهن گيٽز ميڪارٿيءِ جي لاءِ ووٽ وجهي ها ته هو چوڏهين رائونڊ ۾ ئي اسپيڪر چونڊجي وڃي ها.

اسپيڪر جي انتخاب جي لاءِ پنجن ڏينهن جي اينگهه جي باوجود ريپبلڪنز ميڪارٿيءَ جي نامزدگيءَ تان هٿ کڻڻ تي رضامندي نه ڏيکاري هئي.

ان کان اڳڪيترن ڏينهن کان جاري تعطل کان پوءِ جمعي جي ڏينهن اسپيڪر جي چونڊ ۾ هن وقت هڪ ڊرامائي تبديلي رونما ٿي جڏهن ڪيون ميڪارٿي پنهنجي هڪ درجن کان وڌيڪ ساٿين جي رائي تبديل ڪري کين پنهنجي حمايت تي راضي ڪري ورتو . چيمبر جي ’فريڊم ڪاڪس’ جي چيئرمين سميت قدامت پسندن جي ووٽن ميڪارٿيءَ کي اسپيڪر جي منصب جي ويجهو پهچائي ڇڏيو . هي پهريون موقعو هو جو کيس سڀ کان وڌيڪ ووٽ مليا. ليڪن، پوءِ به اهي اڪثريت کان گهٽ هيا.

تيرهين ووٽنگ تيزيءَ سان شروع ڪئي وئي جيڪا هن ڀيري ڪنهن ريپبلڪن چيلنجر کان سواءِ صرف ميڪارٿي ۽ ڊيموڪريٽ ليڊر جي وچ ۾ هئي، جنهن جي نتيجي ۾ ريپبلڪن ووٽ ورهائجڻ کان بچي پيا.

اها حيرت انگيز تبديلي ان وقت آئي جڏهن ميڪارٿيءَ مخالفن جي ڪيترن ئي مطالبن سان اتفاق ڪيو، بشمول ايوان جي هڪ ديرينا اصول جي بحاليءَ جي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪنهن به ميمبر کي ان عهدي تان هٽائڻ جي لاءِ ووٽ ڏيڻ جو موقعو ملندو.

انهن تبديلين جو مطلب اهو آهي ته جنهن منصب کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ هنن ايتري محنت ڪئي هئي اها ڪنهن حد تائين پوئتي رهجي وئي.

ان تعطل جي باري ۾ ماهر ڇا ٿا چون؟

مبصرن جي چوڻ مطابق اسپيڪر جي انتخاب جي بظاهر سادي نظر ايندڙ عمل ۾ پيدا ٿيڻ وارو هي ڊيڊلاڪ آمريڪا ۾ وڌندڙ سياسي تقسيم جو عڪس پيش ڪري ٿو. ليڪن ان سان گڏ و گڏ آمريڪا جي قانون ساز ادارن ۾ سياسي جماعتن جي ڪردار متعلق ڪيترايون ئي دلچسپ حقيقتون آڏو اچن ٿيون.

گزريل سال نومبر ۾ آمريڪا ۾ ٿيڻ واري وچ مدتي چونڊن ۾ آمريڪي ايوان نمائندگان جي سمورن 435 ميمبرن ۽ سينيٽ جي 100 مان 35 ميمبرن جو انتخاب ٿيو هو.

آمريڪا ۾ نمائندن جي ايوان ۾ آباديءَ جي تناسب سان نمائندگي ڏني ويندي آهي ۽ ان جا ميمبر ٻن سالن جي لاءِ چونڊبا آهن.

منتخب ٿيڻ وارا ميمبر جنوريءَ ۾ ڪم جو آغاز ڪندا آهن. ليڪن نوان چونڊيل ميمبر حلف کڻڻ کان به اڳ ايوان جي اسپيڪر جو انتخاب ڪندا آهن، ڇو ته بعد ۾ ايوان جي ڪاروائي اسپيڪر جي ئي صدارت ۾ اڳتي وڌندي آهي.

چونڊ جو طريقه ڪار

اسپيڪر جي لاءِ ايوان ۾ رائي شماري ٿيڻ کان اڳ ايوان نمائندگان جون ٻئي جماعتون پنهنجا اميدوار نامزد ڪنديون آهن. ميمبر غير رسمي طور تي پنهنجي جماعت جي اميدوار جي نامزدگيءَ جي لاءِ ووٽ ڏيندا آهن.

حالانڪه روايت اها رهي آهي ته اسپيڪر جو اميدوار ايوان جي رڪن هوندو آهي، ليڪن ان انتخاب ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ ايوان جو ميمبر هئڻ ضروري ناهي. انهيءَ جي ڪري ماضيءَ ۾ صدر جو بائيڊن، اڳوڻو صدر ٽرمپ ۽ ريپبلڪن سينيٽر رينڊ پال ايوان جا ميمبر نه هئڻ جي باوجود کين جي لاءِ اسپيڪر جا ووٽ وڌا ويا هيا.

نئين منتخب ايوان جي اسپيڪر جي لاءِ انهيءَ ئي طريقه ڪار هيٺ ريپبلڪن پارٽيءَ مان ڪيون ميڪارٿي ۽ ڊيموڪريٽ پارٽيءَ مان حڪيم جيفريز اڪثريتي ووٽ وٺي پنهنجي پنهنجي جماعت جي اميدوار طور تي ميدان ۾ لٿا.

واضح رهي ته حڪيم جيفريز آمريڪا جي تاريخ ۾ ايوان نمائندگان جي اسپيڪر جي لاءَ نامزد ٿيڻ وارو پهريون سياه فام اميدوار آهي.

هائوس جو ڪورم مڪمل ٿيڻ تي اميدوار جي لاءِ رائي شماريءَ جو آغاز ٿئي ٿو جنهن ۾ اعلانيه ووٽ ڏنو ويندو آهي. اسپيڪر چونڊجڻ جي لاءِ ايوان جي 435 ميمبرن منجهان اڪثريت يعني 218 ميمبرن جا ووٽ درڪار هوندا آهن.

هن وقت ايوان ۾ ريپبلڪن نمائندن جو تعداد 222 آهي ۽ ڊيموڪريٽ نمائندن جو تعداد 213 آهي.

بظاهر ريپبلڪن پارٽيءَ کي ايوان ۾ حاصل برتريءَ سان اسپيڪر جو انتخاب سولو ٿو لڳي پر آمريڪا ۾ ايوان نمائندگان جا ميمبر اسپيڪر جي لاءِ پنهنجي پارٽيءَ جي اميدوار کي ووٽ ڏيڻ جا پابند ناهن.

ميمبرن کي حاصل انهيءَ ئي اختيار جي ڪري هن وقت آمريڪا ۾ اسپيڪر جي انتخاب جو عمل اينگهه پڪڙي رهيو آهي، ڇو ته 19 کان 20 ميمبر پنهنجي پارٽيءَ جي نمائندي ڪيون ميڪارٿيءَ کي ووٽ ڏيڻ جي لاءِ تيار ناهن.

وري وري ووٽنگ ڇو ٿي رهي آهي؟

آمريڪا ۾ ايوان جا منتخب ميمبر ڪنهن به سياسي، فڪري يا نسلي وابستگيءَ جي بنياد تي ’ڪاڪس’ يا انجمن ٺاهيندا آهن. ان ۾ ڪنهن هڪ ئي جماعت جا ميمبر به هوندا آهن ۽ مختلف جماعتن جا رڪن به ڪاڪس ٺاهي سگهن ٿا.

ميڪارٿيءَ جي مخالفت ڪرڻ وارن 19 کان 20 ميمبرن جو تعلق ’هائوس فريڊم ڪاڪس’ سان آهي. اهو ريپبلڪن پارٽيءَ جي قدامت پسند ميمبرن جو ڪاڪس آهي. ان جي ميمبرن جو تعداد 50 جي لڳ ڀڳ ٻڌايو ٿو وڃي.

ان ڪاڪس جا ميمبر آمريڪي نظام حڪومت جا ناقد آهن ۽ کين ’اينٽي اسٽيبلشمينٽ’ به چيو ويندو آهي. انهن ميمبرن ڪيون مڪارٿيءَ کي بطور اسپيڪر جي اميدوار نامزدگيءَ جي به مخالفت ڪئي هئي. آمريڪي ميڊيا ۾ کين ’نيور ميڪارٿي’ گروپ به چيو ٿو وڃي.

انهن ميمبرن جي خيال ۾ ڪيون ميڪارٿي آمريڪا ۾ ’’ناقص نظام حڪومت جو حامي آهي’’ جڏهن ته، سندن بقول، ’’هيءُ ڪاڪس سياسي ۽ معاشي نظام ۾ تبديلين جو خواهش مند آهي’’.

هلندڙ سال ٽين جنوريءَ تي ايوان نمائندگان جي اجلاس ۾ جڏهن اسپيڪر جي انتخاب جي لاءِ رائي شماريءَ جو آغاز ٿيو ته انهن ميمبرن ڪيون ميڪارٿيءَ کي ووٽ نه ڏنا جنهن جي ڪري هو چونڊ کٽڻ جي لاءِ گهربل 218 ووٽ حاصل نه ڪري سگهيو.

ان جي مقابلي ۾ ڊيموڪريٽ اميدوار حڪيم جيفريز پنهنجي جماعت جا 212 ووٽ حاصل ڪيا، ليڪن ٻئي اميدوار 218 جو اڪثريتي انگ حاصل نه ڪري سگهيا، جنهن جي ڪري وري وري ووٽنگ ڪرائي پئي وڃي.

هينئر تائين اسپيڪر جي انتخاب جي لاءِ رائي شماريءَ جا 11 دور ٿي چڪا آهن، ليڪن ميڪارٿي پنهنجي جماعت جا 222 ميمبر هئڻ جي باوجود اڪثريت حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي.

جڏهن 133 ڀيرا ووٽنگ ٿي

ماضيءَ ۾ آمريڪا جي ايوان نمائندگان جي اسپيڪر جي چونڊ جي لاءِ هڪ کان وڌيڪ ڀيرا ووٽنگ جي گهرج پئي، جيڪا 100سال اڳ 1923 ۾ پيش آئي هئي.

ان وقت به ريپبلڪن پارٽيءَ جي منحرف ميمبر پنهنجي پارٽيءَ جي اميدوار کي ووٽ نه ڏنو هو جنهن جي ڪري رائي شماريءَ جا نون رائونڊ ٿيا هيا. ليڪن اسپيڪر جي ڊگهي ترين چونڊ 1855 ۾ ٿي هئي جڏهن اسپيڪر جي انتخاب جي لاءِ ٻه مهينا ووٽنگ ٿيندي رهي هئي جنهن ۾ رائي شماريءَ جا 133 رائونڊ ٿيا هيا.

XS
SM
MD
LG