رسائی کے لنکس

اکين جو نور ورھائيندڙ مسيحا، ڊاڪٽر بيربل گيناڻي ڪراچي ۾ قتل


ڊاڪٽر بيربل گيناڻي (فائيل فوٽو)
ڊاڪٽر بيربل گيناڻي (فائيل فوٽو)

سال 1947 جي ورهاڱي وقت جن کي وڃڻو ھو سي پنهنجا گهر ڇڏي ھليا ويا هئا، پر اسين جيڪي ويٺا رهيا سين تن سوچيو ته اسان جو جيئڻ مرڻ ھاڻ هتي ئي آهي. تنهن ڪري منھنجو پيءُ ٻڌائي ٿو ته پاڙيسرين اسان جي حفاظت ڪئي. ھو ڏنڊا کڻي اسان جي در ٻاهران بيٺا رهندا ھئا ته جيئن ڪو اسان کي نقصان نه رسائي.

اهي لفظ هئا اکين جي نامياري ماهر، ڊاڪٽر بيربل گيناڻي جا جنهن کي سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ ۾ اڻڄاتل هٿياربندن خميس جي شام ان وقت قتل ڪيو جڏهن هو پنهنجي ڪلينڪ تان اُٿي گهر وڃي رهيو هو.

اکين ڏٺي شاهدن موجب سندس گاڏي تي فائرنگ جو واقعو افطار کان ڪجهه وقت اڳ ٿيو.

پاڪستان جي قيام کي 75 سال پورا ٿيڻ تي وائس آف آمريڪا پاران اقليتن سان تعلق رکندڙ مختلف شخصيتن سان انٽرويوز ڪيا پئي ويا. انهن ۾ ھڪ نالو 62 سالن جي اکين جي ماهر ڊاڪٽر بيربل گيناڻي جو به هو. اها 21 جون 2022 جي شام هئي جڏهن منهنجي ساڻس پهرين ملاقات سندس ڪلينڪ تي ٿي.

اڌ ڪلاڪ جي ان انٽرويو ۾، جنهن جو موضوع هو ’اسان ھجرت ڇو نه ڪئي؟‘، ڊاڪٽر بيربل جي سموري گفتگو پاڪستان کان شروع ٿي پاڪستان تي ختم ٿي.

جڏھن اسان سندس انٽرويو ڪري نڪتاسين ته ان وقت سندس ڪلينڪ ۾ ڪيترائي اھڙا مريض به ويٺا هئا جيڪي وٽس مفت علاج لاءِ آيا هئا. ھو انهن کان فيس نه وٺندو ھو، بلڪه کين دوائون به پنھنجي هڙئون وڙئون ڏئي ڇڏيندو هو، جيڪي هر وقت سندس گاڏي ۾ پيل هونديون هيون.

پاڪستان ۾ اقليتن کي ملندڙ تحفظ بابت ڊاڪٽر بيربل جو چوڻ هو ته ”ننڍا وڏا واقعا هر جاءِ تي ٿين ٿا، جيڪڏهن رڳو دهشتگرديءَ جي ڳالهه ڪئي وڃي ته پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ نشانو مسلمان ئي بڻيا آهن، مسجدن ۾ به ڌماڪا ٿيا آهن. پر اھو چوڻ ته اقليتون غيرمحفوظ آھن صحيح ناهي. ھي اسان جو وطن آهي ۽ اوترو ئي آھي جيترو مسلمانن لاءِ آهي".

ھاڪاري سوچ رکندڙ ڊاڪٽر بيربل جو تعلق سنڌ صوبي جي ضلعي سانگهڙ سان هو. هو اکين جي اسپتال اسپينسر جو ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ پڻ رهيو. اکين جي ھن اسپتال جا ڪيترائي شعبا وڏي عرصي تائين پئسن جي کوٽ سبب بند رهيا پر ڊاڪٽر بيربل جي ڪاوشن سان ٻيهر اصل حالت ۾ بحال ٿي ويا.

ڊاڪٽر بيربل روٽري ۽ سري لنڪا جي سهڪار سان پاڪستان ۾ قرنيا جي پيوندڪاري جو پروگرام ٻيهر شروع ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ هزارين ماڻهن کي اکين جي نور جي نعمت ملڻ لڳي.

ڊاڪٽر بيربل پنهنجي اباڻي شھر سانگهڙ ۽ ڀرپاسي جي پٺ تي پيل علائقن ۾ مفت ڪئمپ لڳائيندو هو، ۽ ضرورت مند مريضن جي اکين جو مفت علاج ڪري، کين دوائون ۽ عينڪون ڏئي سوين مسڪينن جون دعائون وٺندو ھو.

ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن (ڪي ايم سي) جي سينئر ڊائريڪٽر ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سروسز ھئڻ جي حيثيت سان هن ڪي ايم سي جي اھڙين اسپتالن ۾ به مريضن کي دوائون ۽ سهولتون مھيا ڪري ڏنيون جن ۾ فنڊز جي کوٽ سبب صورتحال خراب هئي.

ڊاڪٽر بيربل تازو ئي پنهنجي ڌيءَ سان گڏ جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي مان ايم بي اي جي ڊگري حاصل ڪئي ھئي. ايندڙ وقت ۾ سندس پي ايڇ ڊي ڪرڻ جو ارادو پڻ ھيو.

پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ هن ٻڌايو ھو ته سندس پٽ پرڏيهه ۾ رهندو آهي. هو جڏهن به ساڻن ملڻ ايندو آهي ته سندس خواهش هوندي آهي ته ھو جلد کان جلد وطن موٽي اچي، ڇو سندس دل ۽ دماغ ۾ اھا ڳالھ ويٺل آهي ته پاڪستان کيس گھڻوئي ڪجھ ڏنو آهي، ۽ هاڻ سندس موٽائڻ جو وقت آھي، جيڪو هو ضرورتمندن جو مفت علاج ڪري ئي موٽائي سگهي ٿو.

سندس خواهش هئي ته ھو اکين جي ھڪ اھڙي اسپتال ٺاهي جتي نه رڳو صوبي پر سڄي ملڪ جا ماڻهو اچي مفت ۽ معياري علاج ڪرائي سگهن.

ڊاڪٽر بيربل جي نياڻي ڊاڪٽر سپنا ڪماري وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي چيو ته هي وقت سندس خاندان لاءِ ڏاڍو ڏکيو آهي. سندس والد جو پوسٽ مارٽم مڪمل ٿي چڪو آھي، ۽ ھاڻ مڙھ کي گهر کڻي وڃڻ جي اجازت ملي وئي آهي.

ھن چيو ته "قتل پٺيان ڪهڙا مقصد آهن ان جو صحيح جواب ته پوليس ئي ڏئي سگهي ٿي. پر آئون اڄ پنهنجو پيءُ وڃائي ويٺي آهيان ۽ ان نقصان جو پورائو نٿو ڪري سگھجي".

عباسي شهيد اسپتال جي اڳوڻي سينئر ڊائريڪٽر ميڊيڪل هيلٿ ڊاڪٽر سلميٰ ڪوثر وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڊاڪٽر بيربل جي قتل جي خبر ھن لاءِ ڇرڪائيندڙ ھئي. ھن چيو ته آئون ڊاڪٽر بيربل کي 1983 کان سڃاڻان ٿي جڏهن هو سنڌ ميڊيڪل ڪاليج ۾ منهنجو سينئر هو.

سندس چوڻ موجب هن ڊاڪٽر بيربل سان گڏ ڪم ڪيو ۽ 10 سال ھو سندس ماتحت به رهيو.

هن چيو ته هڪ انسان جي حيثيت ۾ هو هڪ صحبتي ۽ رحمدل مسيحا هو. ڊاڪٽر سلميٰ ڪوثر جو چيو ته ھُن ڊاڪٽر بيربل کي ڪڏهن به سخت ايڊمنسٽريٽر (منتظم) طور نه ڏٺو، هر ڪنهن سان سندس لاڳاپا سٺا هئا.

سلميٰ ڪوثر جو وڌيڪ چوڻ هو ته هو ڪڏهن به متعصب نه رهيو ۽ نه ئي وري ڪڏهن کيس مذهب جي باري ۾ ڳالهائيندي يا ان تي راءِ ڏيندي ٻڌو ويو. هو سڀني عقيدن ۽ مذهبن جو احترام ڪندڙ شخص هو.

هن چيو ته جڏهن کيس ڊاڪٽر بيربل جي قتل جي خبر پئي ته سندس ذهن ۾ پهريون خيال اِهو آيو ته اهو معاملو مذهبي بنياد تي نه ٿو ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته ڊاڪٽر بيربل اهڙو انسان ئي نه هو جنهن کي مذھب جي بنياد تي نشانو بڻايو ويو ھجي.

قتل کي مذهبي رنگ ڏسڻ درست ناهي

وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي اقليت سان تعلق رکندڙ سياستدان رميش ڪمار جو چوڻ هو ته ڊاڪٽر بيربل جنهن طريقي سان اسپينسر اسپتال ۾ قرنيا ٽرانسپلانٽ پروگرام بحال ڪرايو اھو تمام گھٽ ڊاڪٽر ئي ڪري سگھن ٿا. کيس عوام جي بي غرض خدمت ڪرڻ جو جذبو هو.

رميش ڪمار موجب کيس ڊاڪٽر بيربل جي قتل تي تمام گهڻي ڳڻتي آهي ۽ ان حوالي سان هن آئي جي سنڌ غلام نبي ميمڻ سان ڳالهايو آهي ته ھو ان واقعي جي جلد کان جلد جانچ ڪرائي.

رميش ڪمار چيو ته هن قتل کي سڌو سئون مذهبي رنگ ڏيڻ درست ناهي، جيستائين جانچ مڪمل نه ٿي ٿئي تيستائين ڪنهن نتيجي تي پهچڻ درست نه هوندو.

حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر ڌرم ديو راٺي جي قتل جو ذڪر ڪندي هن چيو ته جڏهن پوليس ان جي جاچ ڪئي ته ان جو ڪارڻ پئسن جي ڏيتي ليتي هو پر اُن وقت تائين واقعي کي مذهبي رنگ ڏئي سوشل ميڊيا تي ھلايو ويو. اهڙي وقت ۾ جڏهن پاڪستان مشڪل وقت مان گذري رهيو آهي، دهشتگردي جي واقعن ۽ ڏوهن کي مذهب سان ڳنڍڻ جانچ جي عمل کي پڻ متاثر ڪري سگهي ٿو.

جنهن وقت ڊاڪٽر بيربل تي حملو ٿيو ان وقت ھن سان گڏ سندس اسسٽنٽ نرس قرت العين به ڪار ۾ گڏ هئي. فائرنگ جي نتيجي ۾ قرت العين پڻ زخمي ٿي، جنهن طبي امداد بعد پوليس کي ٻڌايو ته هوءَ 10 سالن کان ڊاڪٽر بيربل سان گڏ ڪم ڪري رهي آهي.

ھن ٻڌايو ته واقعي وقت اسين رام سوامي کان پاڪ ڪالوني وڃي رهيا هئا سين ته اوچتو اڻڄاتل ماڻهن گاڏي تي فائرنگ ڪئي. ان مهل منھنجي اکين آڏو ڄڻ چڻنگون ٻرڻ لڳيون ۽ ڪجهه گھڙين کان پوءِ مون ڏٺو ته مون کي گوليون لڳل آهن ۽ ڊاڪٽر بيربل جي مٿي مان رت وهي رهيو آهي، جنهن کان پوءِ مون پنهنجي پاسي جو دروازو کوليو ۽ مدد لاءِ رڙيون ڪيون.

ميڊيا سان ڳالهائيندي ايس ايس پي عارف عزيز چيو ته ڊاڪٽر بيربل کي مٿي ۾ ٻه گوليون لڳيون آهن، جڏهن ته واقعي واري هنڌ تان نائن ايم ايم پستول جا خول هٿ ڪيا ويا آهن. بظاهر واقعو ’ٽارگيٽ ڪلنگ’ جو لڳي ٿو پر جانچ پوري ٿيڻ تائين ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي.

واقعي کانپوءِ جناح اسپتال ۾ ينگ ڊاڪٽرز ايسوسي ايشن جي عهديدارن جو هنگامي اجلاس سڏايو ويو، جنهن ۾ سڄي سنڌ ۾ ٽن ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪيو ويو.

ڊاڪٽرن جي تنظيم جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر محبوب علي نوناري چيو ته جمعي کان آچر تائين سڄي سنڌ جي اسپتالن ۾ ڊاڪٽر ڪاريون پٽيون ٻڌي "ڪارو ڏينهن" ملهائيندا.

هن آئي جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽر بيربل جي قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي، ۽ اعلان ڪيو ته جيڪڏهن 48 ڪلاڪن اندر قاتل گرفتار نه ٿيا ته سڄي سنڌ ۾ اسپتالن جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو.

(سدره ڊار جي رپورٽ)

XS
SM
MD
LG