احتجاج ۽ مذهبي رهنمائن جي دٻاءَ تي، پاڪستان جي خيبر پختونخوا صوبي جي شهر بنونءَ ۾ عورتن جي لاءِ مخصوص فيملي پارڪ کي بند ڪيو ويو آهي، جنهن تي ڪن حلقن جي پاران تحفظات جو اظهار ڪيو پيو وڃي.
شهر جي فوجي ڇاوڻيءَ جي حدن ۾ قائم عورتن جي هن پارڪ کي ڪيترا ئي سال اڳ تعمير ڪيو ويو هو۽ ان ۾ صرف خواتين کي وڃڻ جي اجازت هئي.
بنون پريس ڪلب جي عهديدار، محمد وسيم خان وائس آف آمريڪا کي ٻڌايو ته هن پارڪ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ عورتن کي ڏهن سالن کان گهٽ عمر وارا ٻار وٺي اچڻ جي اجازت هئي. ڏهه يا ان کان مٿي عمر وارن ٻارن جي پارڪ ۾ داخلا ممنوع هئي.
شميم شاهد پنهنجيءَ رپورٽ ۾ وسيم خان جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته چوڏهين آگسٽ تي يوم آزادي جي موقعي تي هن فيملي پارڪ ۾ وڏي تعداد ۾ عورتن جي جمع ٿيڻ کان پوءِ مقامي عالمن ۽ مذهبي شخصن اعتراض اٿارڻ شروع ڪيو.
عورتن جي حقن جي تحفظ لاءِ سرگرم، عورت فائونڊيشن سان واسطو رکندڙ، صائمه منير بنونءَ ۾ عورتن جي پارڪ جي بندش تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
هن جو چوڻ آهي ته مخصوص ذهنيت رکندڙ شخص هاڻي پاڪستان، خاص طور تي خيبرپختونخوا ۾ به افغانستان جي طرز تي طالبان جو نظام رائج ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن ۽ ان سلسلي ۾ سڀ کان اڳ عورتن تي پابنديون لڳايون پيون وڃن. هن صوبائي حڪومت تي زور ڀريو ته اها هن بندش کي فوري طور تي ختم ڪري.
پارڪ جي بندش جي آڙ ۾ سياسي مخالفت
خيبر پختونخوا اسمبليءَ جي رڪن ۽ عوامي نيشنل پارٽيءَ جي رهنما، شگفته ملڪ به خواتين فيملي پارڪ جي بندش جي مذمت ڪئي آهي. سندس چوڻ آهي ته هوءَ ان مسئلي تي اسمبليءَ ۾ تحريڪ التوا پيش ڪنديون.
هن چيو ته هڪ ٻئي جي سياسي مخالفت ۾ انتها تائين وڃڻ وارا پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ جمعيت علمائي اسلام (ف) جا رڪن، مبينه طور تي، عورتن جي پارڪ تي بندش جي معاملي ۾ متحد ٿي چڪا آهن. هن پارڪ جي بندش کي سازش جو حصو قرار ڏنو جنهن تحت ڪجهه ڏينهن اڳ سوات جي ڪن علائقن ۾ طالبان جي موجودگيءَ جي اطلاع عوام جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون هيون.
پارڪ ۾ تفريح جي نالي تي فحاشي جاري هئي؟
ان ڏس ۾ احتجاج متعلق صحافي محمد وسيم ٻڌايو ته اڱاري ڏينهن عالمن جي هڪ 32 رڪني ڪاميٽيءَ فوجي حڪام سان ملاقات ڪئي، جنهن کان پوءِ پارڪ کي مستقل طور تي بند ڪرڻ جو اعلان سامهون آيو.
انهن مذهبي شخصن ۾ جمعيت علمائي اسلام (ف) جو رهمنا ۽ جي يو آئي (س) منجهان پي ٽي آئي ۾ شامل ٿيڻ وارو مولانا نسيم علي شاه سرفهرست ٻڌايو ٿو وڃي.
مولانا نسيم علي شاه فوجي اهل ڪارن سان ملاقات کان پوءِ ذرائع ابلاغ جي نمائندن سان ڳالهائيندي دعوي ڪئي ته هن پارڪ ۾ تفريح جي نالي تي عرياني ۽ فحاشي جاري هئي، جنهن تي سمورين مذهبي ۽ سياسي جماعتن جي مقامي رهنمائن ۽ ڪارڪنن احتجاج ڪيو هو.
سندس چوڻ آهي ته ماڻهن جي احتجاج جي نتيجي ۾ پارڪ کي بند ڪيو ويو آهي. هن پارڪ جي بندش تي فوجي حڪام جو شڪريو ادا ڪيو. البته فوجي حڪام پاران ان معاملي تي ڪو باضابطه بيان سامنهون نه آيو آهي.
عالمن ۽ چڱن مڙسن جي صلاح سان پارڪ کولهڻ جو فيصلو ڪيو ويندو
ٻئي پاسي، خيبرپختونخوا حڪومت جي ترجمان، بيرسٽر محمد سيف وائس آف آمريڪا کي ٻڌايو ته هيءُ مقامي مسئلو آهي ۽ وقتي طور تي ضلعي انتظاميا اهو قدم کنيون آهي. البته، صوبائي سطح تي عورتن جي پارڪ تي بندش جو ڪو فيصلو نه ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته حالتون عام رواجي ٿيڻ تي مقامي عالمن ۽ چڱن مڙسن کي اعتماد ۾ وٺي، عورتن جي هن پارڪ کي کولهڻ جو فيصلو ڪيو ويندو، جنهن متعلق مقامي روايتن مطابق، قاعدا ۽ ضابطا طئي ڪيا ويندا.
هوڏانهن ميڊيا جي رپورٽن مطابق، بنونءَ جي ضلعي پوليس آفيسر (ڊي پي او)، ڊاڪٽر محمد اقبال دعوي ڪئي آهي ته پارڪ کي بند نه ڪيو ويو آهي. البته، ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڳالهه ٻولهه جاري آهي.