رسائی کے لنکس

ريحام خان جي مڙس سان تصويرن تي سوشل ميڊيا تي ڏي وٺ


ريحام خان ۽ مرزا بلال بيگ
ريحام خان ۽ مرزا بلال بيگ

تازو پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزير اعظم عمران خان جي اڳوڻي گهري واري، ريحام خان ٽئين شادي ڪئي آهي جنهن کان پوءِ سوشل ميڊيا تي پنهنجي نوعيت جو هڪ دلچسپ بحث ڇڙي ويو آهي.

ريحام جي شاديءَ جي خبر سامهون ايندي ئي ٽوئٽر تي سندس نالي پٺيان ’هيش ٽيگ’ ٽرينڊ ڪري رهيو هو ۽ صارفين جي پاران کيس مبارڪون ڏنيون پئي ويون.

شاديءَ جي اعلان کان پوءِ ريحام ۽ سندس مڙس مرزا بلال بيگ جي طرفان پنهنجي اڪائونٽس تي گهمڻ ڦرڻ جون تصويرون شيئر ڪيون ويون. ليڪن، انهن تصويرن تي ڪيترن ئي صارفين اعتراض اٿاريو.

ريحام خان جي مڙس جي نالي سان هڪ فيڪ اڪائونٽ ٻنهين جون تصويرون شيئر ڪيون جنهن ۾ طنزيه انداز ۾ ڪيپشن لکيل هو ته ’’هيءَ برف ڏاڍي ٿڌي آهي، پر ڪنهن جي لاءِ باه جو ڪم ڪري رهي آهي’’.

انهيءَ تصوير کي شيئر ڪندي، علي زئي وي لاگر نالي اڪائونٽ چيو ته، ’’دنيا جي ڪهڙي معاشري ۾ هڪ مڙس زال جون تصويرون لڳائي سندس پراڻن مڙسن کي ساڙڻ جي ڪوشش ڪندو آهي؟’’.

ريحام خان ان ٽوئيٽ کي ري ٽوئيٽ ڪندي چيو ته ’’هڪ فيڪ اڪائونٽ ۽ فيڪ ٽوئيٽ به ’هوٿيا’ جي حالت جو ٺيڪ اندازو لڳائي رهيو آهي’’.

سائره پي ٽي آئي نالي اڪائونٽ به ريحام خان ۽ سندس مڙس جون تصويرون شيئر ڪندي لکيو آهي ته ’’هيءُ جوڙو پاڻ چاهي ٿو ته اسان جي ڳالهه ڪئي وڃي’’.

هن وڌيڪ چيو ته ’’زال پنهنجي لاءِ هوندي آهي نه نمائش جي لاءِ’’.

ان ٽوئيٽ جو جواب ڏيندي، ريحام خان لکيو ته ’’معافي ٿي گهران ’هوٿيا بريگيڊ’ مان ڀلجي وئي هيس ته ڪنهن ٻئي جي زال يا مڙس سان رومانس ڪرڻ حلال آهي!’’.

ريحام خان جي مڙس، مرزا بلال بيگ پنهنجي آفيشل اڪائونٽ تان ريحام سان گڏ تصوير شيئر ڪئي ۽ لکيو ته ’’هيءَ اصلي برف ۽ منهنجو اصلي اڪائونٽ آهي ۽ اسان جي ڪا ٻي برانچ ڪانهي’’.

هڪ فيڪ خبر تي رد عمل ڏيندي، ريحام به چيو ته ميڊيا وارئو صحيح اڪائونٽ جو حوالو ڏيڻ ته سکيو.

ياد رهي ته ريحام خان 23 ڊسمبر تي ٽوئٽر اڪائونٽ تي پنهنجي ٽئين شاديءَ جو اعلان ڪيو هو. ريحام خان جو مڙس مرزا بلال بيگ کيس کان 13 ورهه ننڍو آهي.

XS
SM
MD
LG