اڄ ٽئين ڏينهن تي ترڪيه ۽ شام جي ڊٿل عمارتن جي ڍيرن هيٺان اڃان زنده بچي وڃڻ وارن کي ٻاهر ڪڍڻ جو ڪم جاري آهي. زلزلي جي متاثر ٻنهين ملڪن ۾ هاڻي تائين 11000 کان وڌيڪ ماڻهو مري ويا آهن جڏهن ته هزارين زخمي ٿيا آهن.
ترڪ عهديدارن ٻڌايو آهي ته ڇهين فيبروريءَ تي ايندڙ شديد زلزلي جي ڪري هاڻي تائين سوين ماڻهو ملبي هيٺان دٻيل آهن ۽ وقت گزرڻ سان گڏ سندن زنده بچي وڃڻ جي اميد پوين پساهن ۾ آهي.
خبرن جي اداري ايسو سي ايٽڊ پريس جي مطابق، ترڪيه جي ڊزاسٽر مينيجمنٽ ايجنسيءَ اربع ڏينهن ٻڌايو ته زلزلي جي ڪري مري ويلن جو انگ 8500 تائين پهچي چڪو آهي، جڏهن ته هزارين زخمي ٿيا آهن.
حڪام ٻڌايو آهي ته هاڻي تائين ملڪ جي 10 صوبن ۾ ملبي منجهان 8000 کان وڌيڪ ماڻهن کي ڪڍيو ويو آهي ۽ لڳ ڀڳ ٽي لک 80 هزار ماڻهن کي حڪومت پاران قائم ڪيل خيمن ۾ ترسايو ويو آهي.
شام جي صحت جي وزارت مطابق، حڪومت جي ڪنٽرول وارن علائقن ۾ 1200 فوتگيون ٿيون آهن جڏهن ته باغين جي قبضي واري علائقي ۾ 1400 ڄڻا مري ويا آهن.
صدر رجب طيب ايردوان چيو آهي ته زلزلي جي ڪري هڪ ڪروڙ 30 لک ماڻهو متاٿر ٿيا آهن. هن متاثر ٿيڻ وارن صوبن ۾ هنگامي حالت به نافذ ڪئي آهي.
ترڪيه جي عهديدارن تي امدادي سرگرمين ۾ سستيءَ جو الزام به لڳايو ويو آهي.
نور گل زلزلي جي متاثر صوبي خطائي جي شهر انطاڪيا جو رهواسي آهي. هن ايسو سي ايٽڊ پريس کي ٻڌايو ته گهر جي ملبي مان سندس ماءُ جو آواز اچي رهيو آهي. ليڪن کيس بچائڻ جي لاءِ پهچڻ وارن ريسڪيو اهل ڪارن وٽ ملبي هٽائڻ جي لاءِ سامان ڪونهي.
نور گل چيو ته جيڪڏهن ڪنڪريٽ جو هڪ ٽڪرو هٽايو وڃي ته هو پنهنجي ماءُ تائين پهچي سگهي ٿو. سندس لفظن ۾ ’’منهنجي ماءَ جي عمر 70 سال آهي ۽ وڌيڪ وقت گزرڻ جي ڪري اندر زنده رهڻ مشڪل آهي’’.
ترڪيه جي صحت جي وزير فرحتين ڪوڪا چيو آهي ته خطائي جي صوبي ۾ 1647 شهري هلاڪ ٿيا آهن جيڪو انگ زلزلي جي ڪري متاثر ملڪ جي ٻين صوبن کان وڌيڪ آهي.
هن چيو ته خطائي ايئرپورٽ جو رن وي ڊهي چڪو آهي، جنهن کي جهازن جي اڏام لاءِ بند ڪيو ويو آهي، جنهن جي ڪري امدادي ڪمن ۾ به ڏکيائي ٿي رهي آهي.
ايردوان جو زلزلي جي متاثر علائقن جو دورو
ترڪ صدر رجب طيب ايردوان اربع ڏينهن زلزلي جي متاثر ٿيل علائقن جو دورو ڪيو ۽ امدادي سرگرمين جو جائزو ورتو.
خبرن جي اداري ايسو سي ايٽڊ پريس مطابق، ترڪ صدر چيو آهي ته صرف ترڪيه ۾ زلزلي جي ڪري فوتگيون 8500 ٿي ويون آهن.
ايردوان ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته پهرئين ڏينهن امدادي سرگرمين ۾ ڪجهه خاميون هيون، ليڪن ان کان پوءَ صورت حال ۾ بهتري آئي آهي.
هن چيو ته اسان پنهنجي ڪنهن شهريءَ کي کليل آسمان هيٺ بي سهارو نه ڇڏيندا سين.
ترڪيه ۽ شام ۾ ايندڙ زلزلو 10 سالن جو بدترين زلزلو قرار
ترڪيه ۽ شام جي زلزلي کي پوئين ڏهن سالن جي دوران دنيا ۾ ايندڙ زلزلن ۾ سڀ کان بدترين قرار ڏنو پيو وڃي.
ماهرن جي مطابق، سنه 2015 ۾ نيپال ۾ ريڪٽر اسڪيل تي 7.8 شدت جي زلزلي ۾ 8800 ماڻهو مري ويا هيا.
ان کان پوءِ دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ زلزله آيا، ليڪن ترڪيه ۽ شام ۾ ايندڙ هي تازو زلزلو ڏهن سالن ۾ ايندڙ سڀ کان هاڃيڪار زلزلو آهي.
پاڪستان جو امدادي سامان ترڪيه ۽ شام پهچي ويو
پاڪستان فضائيه جو ٻيو سي 130 جهاز امدادي سامان کڻي اربع ڏينهن ترڪيه پهچي ويو آهي. پاڪستان جي حڪومت جي هدايت تي فضائيه جو ٻيو جهاز پي اي ايف بيس لاهور مان خيما، ڪمبل ۽ ٻيون 18 هزار 634 پائونڊ ضرورت جون شيون کڻي ترڪيه پهتو آهي.
حڪام ٻڌايو آهي ته ترڪيه ۾ ڦاٿل شاگردن کي ملڪ واپس آڻڻ جي لاءِ پرڏيهي وزارت ۽ ترڪيه ۾ پاڪستاني سفارت خاني جي سهڪار سان ڪوشش ڪئي پئي وڃي.