رسائی کے لنکس

پورو خاندان وڇڙي ويو، بس عمارت جي ڍير مان نئين ڄاول ٻارڙي زنده بچي


نئين ڄاول ٻارڙي
نئين ڄاول ٻارڙي

ترڪيه جي ڏاکڻين علائقي ۽ شام ۾ تباهي ڦهلائڻ واري زلزلي کان پوءِ شام جي هڪ قصبي ۾ امدادي ڪارڪنن کي عمارت جي ڍير جي کوٽائي ڪندي نئين ڄاول ٻارڙي زنده سلامت ملي، جيڪا ڪجهه دير اڳ ڄائي هئي ۽ جنهن جو ناڙو ماءُ جي جسم سان مليل هو. ماءُ زلزلي ۾ دٻجي مري چڪي هئي.

ٿڃ پياڪ ٻارڙي هڪ ويجهي عزيز، خليل السويديءَ جي ڀاڪر ۾ هئي. هن اها اي ايف پيءَ کي ڏيکاريندي چيو ته ٻارڙي پنهنجي خاندان جو اڪيلو زنده بچڻ وارو فرد آهي. سندس گهر جا سمورا ڀاتي زلزلي جي لپيٽ ۾ اچي فوت ٿي ويا. هي علائقو شام جي باغين جي قبضي ۾ آهي.

السويديءَ ٻڌايو ته هن کي ٻارڙيءَ جي موجودگيءَ جو احساس ان وقت ٿيو جڏهن، سندس بقول، ’’کوٽائي ڪندي اسان رئڻ جو آواز ٻڌو’’.

هن چيو ته اسان مٽي صاف ڪئي ۽ ٻارڙيءَ کي سندس مئل ماءُ جي ٻانهن کان جدا ڪري اسپتال پهچايو.

نئين ڄاول جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي چڪي آهي.

فوٽيج ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته هڪ شخص تباه ٿيل چار ماڙ عمارت جي ملبي منجهان هڪ نئين ڄاول ٻارڙيءَ کي ڪڍي ٻاهر کڻي اچي رهيو آهي، جنهن جي مٿان ڌوڙ ۽ مٽي ڄميل آهي.

ٻارڙي کي علاج جي لاءِ عفرين جي ويجهي وسنديءَ ۾ آندو ويو، جڏهن ته خاندان جا ٻيا ڀاتي ڪيترن ڪلاڪن جي تلاش کان پوءِ به ٻارڙيءَ جو پيءُ عبدالله، ماءُ افرا، ان جا چار ڀاءُ ڀينرون ۽ ماسيءَ جا لاش مٽي کوٽي ٻاهر ڪڍيا ويا.

هي گهر جنديارس جي تقريبا 50 گهرن ۾ شامل هيو جيڪي زلزلي جو ڍير بڻجي ويا آهن.

عفرين جي اسپتال ۾ نئين ڄاول ٻارڙيءَ کي انڪيوبيٽر ۾ رکيو ويو آهي ۽ ان کي ڊرپ لڳائي وئي آهي. سندس جسم تي زخمن جا نشان آهن ۽ ان جي کاٻي هٿ تي پٽي ٻڌي وئي.

سخت سيءَ جي ڪري هن جي پيشاني ۽ آنڱريون اڃان تائين نيريون آهن.

ڊاڪٽر هاني معروف ٻڌايو ته ٻارڙيءَ کي اسپتال آندو ويو ته هوءَ ٿڌ (بايو ٿرميا) جي اثر هيٺ هئي. ان کي ٿڌ جي اثر مان نڪرڻ جي لاءِ اسان کي ان جي جسم کي گرم رکڻو پوندو ۽ ان کي ڪيلشيم جي خوراڪ ڏيڻي پوندي.

ڊاڪٽر ٻڌايو ته ان جي جسم تي ڪيترا ئي زخم آهن.

شام جي ان علائقي تي ٻاغي فورسز قابض آهن. هتي زلزلي زدگان جي مدد هڪ ريسڪيو گروپ ’وائيٽ هيلميٽس’ ڪري رهيو آهي.

گروپ ٻڌايو آهي ته هن علائقي ۾ 210 کان وڌيڪ عمارتون مڪمل طور تي تباه ٿي چڪيون آهن. 520 جزوي طور تي ڪري پيون آهن، جڏهن ته ٻين هزارين عمارتن جو ٿورو گهڻو نقصان ٿيو آهي.

ريسڪيو گروپ چيو آهي ته اسان دنيا کي تڪڙي امداد پهچائڻ جي اپيل ڪري رهيا آهيون، ڇو ته وقت تيزيءَ سان گزري رهيو آهي. سوين ماڻهو اڃان تائين مٽيءَ جي ڍيرن ۾ دٻيل آهن، هر سيڪنڊ جو مطلب جان بچائڻ آهي.

(هن رپورٽ جي لاءِ ڪجهه معلومات اي ايف پيءَ تان ورتي وئي آهي)

XS
SM
MD
LG