رسائی کے لنکس

ڇهين جنوريءَ جي حملي جو اصلي سبب ٽرمپ هو، ايوان جي ڪاميٽيءَ جي آخري رپورٽ


فائيل فوٽو
فائيل فوٽو

واشنگٽن ۾ ڇهين جنوري 2021 تي يو ايس ڪيپيٽل تي حملي جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ واري ايوان نمائندگان جي ٺاهيل ڪاميٽيءَ خميص ڏينهن پنهنجي آخري رپورٽ جاري ڪئي آهي.

اها رپورٽ 845 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ڏنل دستاويز ڪاميٽيءَ جي ان دعوا کي پختو ڪن ٿا ته اهو حملو سڌو سنئون اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڪري ٿيو هو ۽ ان ۾ ڪيترن حصن تي ٻڌل اهڙيءَ سازش جي آخري قدم جو اهڃاڻ پڌرو ڪيو ويو آهي، جنهن جو مقصد 2020 جي عام چونڊن جي قانوني نتيجن کي تبديل ڪرڻ هيو.

سترهن مهينن کان وڌيڪ عرصي تي مشتمل ان ڇنڊ ڇاڻ کان پوءِ سامهون اچڻ واري هيءَ رپورٽ هزارين گواهن جي انٽرويوز، دستاويزن ۽ اليڪٽرانڪ ڪميونيڪيشنز منجهان ڪٺيون ڪيون ويون آهن.

ڪاميٽيءَ مطابق، اهي شاهديون هڪ سڌي ۽ غالب نتيجي جي طرف وڃن ٿيون ته ڇهين جنوريءَ جي انهن واقعن جو مرڪزي سبب هڪ ئي شخص هيو ۽ اهو هو اڳوڻو صدر ڊونلڊ ٽرمپ، جنهن تي ٻين ڪيترين ئي ماڻهن تنقيد ڪئي آهي. ڇهين جنوريءَ جو واقعو انهن کان سواءِ رونما نه ٿئي ها.

پاڻ اڳوڻي صدر ٽرمپ ان تحقيقاتي ڪاميٽيءَ ۽ ان جي ڪم جي مسلسل مذمت ڪندو رهيو آهي ۽ غلط طور تي زور ڏيندو رهيو آهي ته 2020 جي چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪري کيس ناڪام بنايو ويو هو.

رپورٽ ۾ حملي جي جائزي کان سواءِ ٽرمپ جي پاران آمريڪي عهديدارن، رياستن، قانون سازن ۽ ان وقت جي نائب صدر مائيڪ پينس تي نظام ۾ هيرا ڦيري يا قانون جي ڀڃڪڙيءَ جي لاءِ دٻاءُ وجھڻ کي بيان ڪيو ويو آهي.

ڪاميٽيءَ پاران هيءَ رپورٽ سومر ڏينهن آخري پيشيءَ کان پوءِ جاري ڪئي وئي جنهن ۾ ميمبرن اڳوڻي صدر تي ڪيترن ئي ڏوهن جو الزام لڳايو ۽ هن تي قانوني ڪاروائيءَ جي لاءِ انصاف جي کاتي کي ريفر ڪرڻ جي لاءِ چيو ويو آهي.

انهن الزامن ۾ بغاوت، سرڪاري ڪاروائيءَ ۾ رڪاوٽ وجهڻ، آمريڪا کي ڌوکو ڏيڻ جي سازش ڪرڻ ۽ ڪوڙو بيان ڏيڻ جي سازش شامل آهي.

خميص ڏينهن جاري ٿيل ان رپورٽ ۾ اڳوڻي صدر ٽرمپ جي خلاف هڪ ڪيس قائم ڪيو ويو آهي ته هو 2020 جي صدارتي انتخابات جي نتيجن کي تبديل ڪرڻ جي سازش جو مرڪزي ڪردار هيو جنهن ۾ ڪيتريون ئي حڪمت عمليون استعمال ڪيون ويون، جيڪي سڀئي آخر ڪار ناڪام ٿي ويون.

رپورٽ ۾ انهن ڪوششن کي دستاويزي شڪل ۾ بيان ڪيو ويو آهي جن ۾ رياستي ۽ مقامي عهديدارن تي انهن چونڊن جي نتيجن کي چيلينج ڪرڻ يا مسترد ڪرڻ جي لاءِ دٻاءُ وڌو ويو هو، جن ۾ بائيڊن جي ڪاميابي ظاهر ٿي هئي، ان جي باوجود عدالت ۾ انهن جي ننتيجن کي چيلنج ڪرڻ وارن درجن کان وڌيڪ مقدما مسترد ڪيا ويا هيا.

ريفر ۾ ڪو قانوني وزن ڪونهي، ليڪن ڪاميٽيءَ جي طرفان تيار ڪيل وڏا رڪارڊ انصاف جي محڪمي جي طرفان پنهنجي تحقيقات ۾ ڪٺيون ڪيل شاهدين جي تڪميل ڪندا ۽ اڳوڻي صدر جي خلاف مقدما هلائڻ يا نه هلائڻ جي آخري فيصلي تي اثرانداز ٿي سگهن ٿا.

ايوان جي ري پبلڪنز جي رپورٽ

ان رپورٽ جي ڀيٽ ۾ اربع جي ڏينهن ايوان جي انهن پنجن ري پبليڪن ميمبرن هڪ رپورٽ جاري ڪئي آهي جن کي ابتدا ۾ ڇهين جنوريءَ جي ڪاميٽيءَ جي لاءِ نامزد ڪيو ويو هو.

رپورٽ بنيادي طور تي سيڪيورٽي جي انهن ناڪامين تي ٻڌل آهي جن جي نتيجي ۾ ڪيپيٽل پوليس ۽ واشنگٽن ميٽروپوليٽن پوليس جي محڪمي، ان تشدد جي روڪٿام جي لاءِ پوريءُ ريت تيار نه ٿي سگهي.

ان ۾ وڳوڙ جي نتيجن جو گهڻي ڀاڱي الزام نينسي پيلوسيءَ تي عائد ڪيو ويو آهي ۽ دعوا ڪئي وئي آهي ته هن وڳوڙ کان اڳ نيشنل گارڊ سيمت واڌو سيڪيورٽي نه لڳائڻ جو فيصلو ڪيو هو.

ري پبلڪن رپورٽ ۾ وڳوڙ جي اصل سبب، اڳوڻي صدر ٽرمپ جي ڇهين جنوريءَ ۽ ان کان اڳ پهريان جا اقدامات يا چونڊن جا نتيجا بدلائڻ جي گهڻن ئي ڪوششن جو ذڪر نه ڪيو ويو آهي.

(وي او اي نيوز)

XS
SM
MD
LG