بين الاقوامي ادارن جي مدد سان تيار ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هن سال پاڪستان ۾ آيل تباه ڪن سيلاب ۽ ٻوڏ جي ڪري ملڪ ۾ 30 ارب ڊالر جي تباهي ۽ معاشي نقصان پهتو. اندازو لڳايو ويو آهي ته صورت حال بحال ٿيڻ ۾ ڪافي وقت درڪار آهي ۽ نقصان جي هن اندازي ۾ اڃان واڌ ايندي.
پاڪستان حڪومت آيل موسمياتي آفت کان پوءِ نقصان جو تخمينو تيار ڪيو آهي جنهن ۾ گڏيل قومن جي اداري، ايشيائي ترقياتي بينڪ، عالمي بينڪ ۽ يورپي يونين حصو ورتو ۽ رپورٽ جي صورت ۾ جمعي ڏينهن سندن فائنڊنگ سامهون آئي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جا مالي ذريعا ۽ وسيلا گهٽ آهن، ان ڪري معيشت جي مربوط بحاليءَ جي لاءَ اهم بين الاقوامي حمايت ۽ نجي سرمايه ڪاريءَ جي ضرورت آهي.
ٻوڏ جي تباه ڪن قدرتي آفت جي اثرات جي پيش نظر، پاڪستان جي حڪومت هلندڙ سال ملڪ جي مجموعي اقتصادي ترقيءَ جي شرح (جي ڊي پي) پنجن في صد جي هدف جي بجاءِ 2.2 في صد رهجي وڃڻ جآهي.ي اهڃاڻ کي ظاهر ڪيو آهي. جي ڊي پي جي تخميني ۾ 2.8 في صد جي نمايان نقصان ۾ زراعت جي شعبي ۾ سڀ کان وڌيڪ 0.9 في صد جي گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي.
وفاقي گاديءَ واري هنڌ اسلام آباد ۾ جمعي ڏينهن سيلاب جي تباه ڪارين جي نقصان جي تخميني ۽ بحاليءَ جي ضرورتن جي سلسلي جي تفصيلي هڪ رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي. هيءَ ’پوسٽ ڊزاسٽر اسيسمنٽ رپورٽ’ وزارت منصوبه بندي، ايشيائي ترقياتي بينڪ، يورپي يونين، گڏيل قومن جي اداري جي مختلف ايجنسين سيمت اقوام متحده جي ترقياتي پروگرام ۽ عالمي بينڪ مشترڪه طور تي تيار ڪئي آهي.
رپورٽ جي مطابق، نقصان جو تخمينو 14.9 ارب آمريڪي ڊالر کان وڌيڪ ٿيو آهي، جيڪو 15.2 ارب آمريڪي ڊالر جي مجموعي اقتصادي نقصان تائين پهچي چڪو آهي.ٻوڏ جي متاثره علائقن ۾ تعمير نو جي لاءِ تخمينو لڳايل ضرورتون گهٽ ۾ گهٽ 16.3 ارب ڊالر لڳايو ويو آهي.
اقوام متحده هن مهيني جي شروع ۾ تباهيءَ جي پيماني جو جائزو وٺڻ ۽ پاڻيءَ منجهان پيدا ٿيڻ وارين بيماريون وڌڻ سان گڏ خوراڪ جي عدم تحفظ جي وڌندڙ خدشي جي پيش نظر پاڪستان جي لاءِ پنهنجي بين الاقوامي انساني امداد جي اپيل کي 16 ڪروڙ ڊالر کان وڌائي 81 ڪروڙ 60 لک ڊالر ڪيو آهي.
رپورٽ جي مطابق گهرن، زراعت ۽ مال متاع ۽ ٽرانسپورٽ ۽ مواصلات جي شعبن کي بالترتيب 5.6 ارب ڊالر، 3.7 ارب ڊالر ۽ 3.3 ارب ڊالرجو نقصان پهتو آهي.
سيلاب جي ڪري سنڌ صوبو سڀني کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي جتي ڪل نقصان جو تقريبن 70 في صد ٿيو آهي جنهن کان پوءِ بلوچستان، خيبر پختونخوا ۽ پنجاب آهن.
هن رپورٽ کان اڳ اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان 2.4 في صد آبادي جي اوسر جو تخمينو لڳايو آهي، جڏهن ته حڪومت جي پاران جاري ٿيڻ واري هلندڙ سال جي لاءِ 2.2 في صد پيداوار جي شرح جو تخمينو مرڪزي بينڪ جي اندازي کان به گهٽ رکيو ويو آهي.
رپورٽ مطابق، سيلاب جي ڪري ٽي ڪروڙ 30 لک ماڻهو متاثر ٿيا ۽ 1730 ڄڻا هلاڪ ٿيا. انهيءَ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٻوڏ جي نقصانن جي سبب ملڪ ۾ وڌيڪ 90 لک ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ هليا ويا آهن.
قدرتي آفت جي سبب غربت جي بلند شرح ۾ به واڌ آئي آهي غربت جي قومي شرح 3.7 کان وڌي 4.0 تائين وڃي پهتي آهي، جيڪي انگ اکر 8.4 ملين مان وڌي 9.1 ملين ٿي ويا آهن.
ان کان علاوه سيلاب جي ڪري غذائي کوٽ جو مسئلو به درپيش رهندو ۽ اضافي 7.6 ملين ماڻهن کي خوراڪ جي عدم تحفظ سان واسطو رهندو.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 80 لکن کان وڌيڪ بي گهر ماڻهن کي هاڻي صحت جو بحران آڏو آهي، هڪ ڪروڙ 70 لک عورتن ۽ ٻارن کي بيماريءَ جو خطرو آهي.
ٻئي طرف گڏيل قومن جي اداري چيو آهي ته پاڪستان جي ست في صد زمين اڃان تائين زير آب آهي. اداري چتاءُ ڏنو آهي ته ساهه کڻڻ جي بيمارين ۾ اضافي کان علاوه ٻين مرضن جو خطرو وڌي رهيو آهي.
وفاقي وزير احسن اقبال تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته پاڪستان آئي ايم ايف کي درخواست ڪئي آهي ته پاڪستان جي ترقياتي فنڊز کي قدرتي آفت ۾ ڦاٿل علائقن جي بحاليءَ جي لاءِ استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي.
هن چيو ته عالمي مالياتي فنڊ کي ان تي نظرثاني ڪرڻ کپي، خاص طور تي ’پي ايس ڊي پي’ جو گهٽ ۾ گهٽ 40 في صد صرف مالي سال جي آخري ٽه ماهي ۾ خرچ ڪرڻ جو شرط جيڪو موجوده حالتن ۾ غير ضروري آهي، تنهن کي ختم ڪيو وڃي.
احسن اقبال چيو ته غير ملڪي قرضن ۾ 130 ارب ڊالر ۽ صرف 8 ارب ڊالر جي غير ملڪي زرمبادله جي ذخيرن سان پاڪستان 27 ارب ڊالر ماليت جو ’نان پيرس ڪلب’ جو قرض گهري رهيو آهي.
پاڪستان جو موقف آهي ته پاڪستان عالمي سطح تي گرين هائوس گيسن جي اخراج جي هڪ في صد کان به گهٽ جو ذمه دار آهي، جڏهن ته موسمياتي تبديليءَ جي ڪري پاڪستان جو شمار آفتن جي شڪار ٿيڻ وارن ڏهن سرفهرست ملڪن ۾ ٿئي ٿو.
رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته صورت حال هاڻي به بلدجي رهي آهي. ڪيترن علائقن ۾ سيلاب جو پاڻي بيٺل آهي جنهن جي ڪري پاڻيءَ مان پيدا ٿيندڙ بيماريون ڦهلجي رهيون آهن ۽ 80 لکن کان وڌيڪ بي گهر ماڻهن کي هاڻي صحت جو بحران آڏو آهي.
اهڙيءَ طرح، رپورٽ ۾ نشاندهي ڪئي وئي آهي ته هي بحران زندگيءَ ۽ معاش تي گهرا ۽ ديرپه اثرات مرتب ڪرڻ جي خطري جو حامل آهي. گهريلو آمدنيءَ جو نقصان، ملڪيت، خوراڪ جا وڌندڙ اگهه ۽ بيميارين جي ڦهلجڻ جي ڪري معاشري جو ڪمزور ترين گروه متاٿر ٿي رهيو آهي.