سابق فوجي آفيسرن تي مشتمل تنظيم ويٽرنز آف پاڪستان فوج جي سربراه جنرل قمر جاويد باجوه کان ملڪ ۾ فوري انتخابات ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي، جنهن تي بعض سياسي حلقن پاران تنقيد ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ڪجهه حلقه انهن جي موقف جي حمايت ڪري رهيا آهن.
ويٽرنز آف پاڪستان تازو اسلام آباد پريس ڪلب کان ٻاهر اخباري ڪانفرنس ڪئي هئي جنهن ۾ هنن گهر ڪئي ته آرمي چيف ملڪ جي سياسي صورت حال جو نوٽيس وٺن ۽ فوري انتخابات ڪرائن.
عاصم علي رانا اسلام آباد مان پنهنجيءَ رپورٽ ۾ ٻڌايو آهيد ته ساڳئي ئي ڏينهن وفاقي وزير قمر زمان ڪائره اسلام آباد ۾ هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ريٽائرڊ آفيسر پاڻ کي فوجي آفيسرن جا نمائنده نه سڏائن، ريٽائرڊ فوجي آفيسرن جو فورم سياست جي لاءِ ناهي.
پاڪستاني فوج جي هڪ سابق آفيسر ۽ وڪيل ڪرنل انعام الرحمان ايڊوڪيٽ چيو ته اهي آفيسر جيڪي فوج کي سياست ۾ مداخلت لاءِ چئي رهيا آهن انهن جي خلاف فوج کي بغاوت تي اڪسائڻ جي الزام تحت ڪيس داخل ٿي سگهي ٿو.
نيوٽرل رهڻ جي گنجائش ڪانهي، ليفٽيننٽ جنرل (ر) آصف ياسين ملڪ
سابق فوجي آفيسرن جي تنظيم جي رڪن، سابق ڪور ڪمانڊر پشاور، ليفٽيننٽ جنرل (ر) آصف ياسين ملڪ چيو ته جيڪڏهن فوجي قيادت جو چوڻ آهي ته هو نيوٽرل آهن جڏهن ته ملڪ ٻڏي رهيو آهي ته اهي به ان جا ذمه دار سڏائبا. انهيءَ جي ڪري هن وقت نيوٽرل رهڻ جي گنجائش ڪانهي.
وائس آف امريڪا سان گفتگو ڪندي جنرل (ر) آصف ياسين چيو ته هن ڪيترن ئي ورهن تائين پاڪستاني فوج ۾ نوڪري سائي جهنڊي کي بلند رکڻ لاءِ ڪئي هئي ۽ جڏهن اسان کي محسوس ٿيو ته ملڪ کي خطرو آهي ته هو قوم جي لاءِ ٻاهر نڪتا آهن.
هن دعوه ڪئي ته اڄ ملڪي معيشت خراب ٿي رهي آهي ۽ عوام پريشان آهي. ان ڪري اسان ٻاهر نڪتا آهيون ته ملڪ کي بچايو وڃي، باقي اسان جو ڪو سياسي مقصد ڪونهي.
آصف ياسين ملڪ چيو ته ملڪ کي موجوده بحران مان ڪڍڻ لاءِ فوجي قيادت جي براه راست ڪردار جي ضرورت ڪانهي، انهن جو اثر و رسوخ آهي جنهن کي استعمال ڪري هو ملڪ کي ان مشڪل مان ڪڍي سگهن ٿا.
پريس ڪانفرنس دوران تنظيم جي هڪ رڪن، برگيڊيئر (ر) ميان محمود دعوا ڪئي ته جڏهن حالتون خراب ٿيڻ شروع ٿيون ته سابق فوجي آفيسرن جي هڪ گروپ جنرل باجوه سان ملاقات ڪئي هئي جنهن ۾ ملڪ جي بگڙندڙ سياسي حالات تي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي.
هنن دعوا ڪئي ته ان وفد جي اڳواڻي جنرل (ر) علي قلي خان ڪري رهيو هو، جنهن ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه 90 ڏينهن اندر انتخابات ڪرائڻ جو وعدو هيو هو.
پاڪستان فوج پاران تنظيم جي ان دعوي تي تاحال ڪو رد عمل سامهون نه آيو آهي. بهرحال پاڪستان ۾ جاري سياسي بحران دوران پاڪستاني فوج ڪيترن ئي موقعن تي چئي چڪي آهي ته هو نيوٽرل آهي ان ڪري کين سياسي معاملات ۾ ملوث ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي.
تنظيم کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، دفاعي تجزيه ڪار طلعت مسعود
ليفٽيننٽ جنرل (ر) طلعت مسعود چيو آهي ته سابق فوجين کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي. هنن الزام لڳايو ته هڪ سياسي پارٽي معاشري ۾ موجود اڻبڻت جو فائدو وٺندي انهن فوجي آفيسرن کي استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.
هن چيو ته فوجي آفيسر ريٽائر ٿيڻ کان پوءِ سياست ۾ اچي سگهن ٿا ۽ هو به سياسي پارٽيءَ ۾ شامل ٿي سگهن ٿا، ليڪن ڪنهن فوجي آفيسر جي پاران آرمي چيف کي سياسي مداخلت ڪرڻ لاءِ نه ٿو چئي سگهجي.
اها فوج کي بغاوت تي اڪسائڻ جي ڪوشش آهي، ڪرنل (ر) انعام الرحيم ايڊووڪيٽ
پاڪستان فوج جي سابق آفيسر ۽ وڪيل ڪرنل (ر) انعام الرحيم چيو آهي ته ڪجهه عرصو اڳ مدت ملازمت ۾ توسيع جي معاملي تي جنرل باجوه کي تنقيدي خط لکڻ تي هڪ ريٽائرڊ ميجر جنرل جي پٽ کي پنج سال قيد بامشقت جي سزا ڏني وئي هئي. هيءُ خط پاڪستان فوج جي ٻين سينئر جنرلن کي پڻ لکيو ويو هو. جنهن تي فوج ۾ بغاوت جي الزام ۾ انهن کي سزا ڏني وئي.
سندس بقول، سابق فوجي آفيسر سڀني جي سامهون فوج کي سياست ۾ مداخلت جي دعوت ڏئي رهيا آهن، جيڪا آئين ۽ قانون موجب فوج کي بغاوت تي اڪسائڻ جي ڪوشش آهي، جنهن تي قانوني ڪاروائي ٿي سگهي ٿي.
وائس آف امريڪا سان گفتگو ڪندي ڪرنل (ر) انعام چيو ته اگر ڪو سابق فوجي آفيسر ڪنهن سياسي پارٽيءَ سان همدردي رکي ٿو ته هو ان جماعت ۾ باقاعده شامل ٿئي، ان لاءِ ڪم ڪري ۽ عملي سياست ۾ حصو وٺي. ليڪن پاڻ کي فوج جو نمائندو ظاهر ڪري حاضر سروس آفيسرن کان سياست ۾ مداخلت ڪرڻ جو مطالبو نه ٿو ڪري سگهجي.
آرمي چيف 90 ڏينهن ۾ اليڪشن ڪرائڻ جو ڪينئن ٿو چئي سگهي؟ ميجر جنرل (ر) سعد
سابق ميجر جنرل (ر) سعد خٽڪ چيو آهي ته سماج جوهر فرد چاهي هن جو تعلق ڪنهن به اداري سان رهي چڪو هجي، ڪنهن نه ڪنهن سياسي پارٽيءَ سان همدردي رکڻ جائز آهي. ليڪن سابق فوجين جي تنظيم بنائڻ لاءِ ضروري آهي ته ان جي رجسٽريشن ڪرائي وڃي جنهن جي جنرل هيڊڪوارٽر کان منظوري ورتي وڃي.
سندس چوڻ موجب هيءَ تنظيم انهن ضروري مرحلن مان نه گزري آهي. انهيءَ لاءِ هي محض ڪجهه هم خيال ماڻهن جو هڪ ٽولو آهي، جنهن ۾ هو پنهنجي جذبن ۽ خيالن جو اظهار ڪري رهيا آهن.
نوي ڏينهن ۾ انتخابات ڪرائڻ متعلق هن چيو ته مان ان بيان سان متفق ناهيان ڇو ته هن بيان جي تصديق جو ڪو ذريعو موجود ڪونهي. هن چيو ته آرمي چيف کي ڪهڙيءَ ريت اليڪشن ڪرائڻ جو چئي سگهجي ٿو. اليڪشن هڪ سياسي عمل آهي جنهن جو فيصلو سياسي قائدين ئي ڪري سگهن ٿا.
ڇا سابق فوجي آفيسرن کي پريس ڪلب ۾ روڪيو ويو؟
سابق فوجي آفيسرن کي پريس ڪانفرنس دوران سوشل ميڊيا تي مختلف ڪهاڻيون شائع ٿينديون رهيون ته کين اسلام آباد پريس ڪلب ۾اچڻ کان روڪيو ويو. نيشنل پريس ڪلب جي صدر انور رضا ان جي ترديد ڪندي چيو آهي ته سابق آفيسرن کي ڪلب ۾ نيوزڪانفرنس ڪرڻ کان نه روڪيو ويو هو.