ڪيٿولڪ چرچ جي اڳوڻي سربراه، پوپ بينيڊڪٽ 95 سالن جي ڄمار ۾ ويٽي ڪن سٽيءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
اڳوڻي پاپائي روم جو انتقال اهڙي وقت ٿيو آهي جڏهن پوپ فرانسس پنهنجي اڳوڻي پوپ جي صحت يابيءَ جي دعا ڪئي هئي. ڇنڇر ڏينهن ويٽي ڪن جي پاران اعلان ڪيو ويو هو ته وڌندڙ عمر جي ڪري بينيڊڪٽ جي حالت بگڙجي وئي آهي.
سال 2013 ۾ پوپ بينيڊڪٽ جي طرفان عهدو ڇڏڻ جو اعلان ڪيترن چاهڻ وارن جي لاءِ حيرانيءَ جو سبب بڻيو هو. سندس چوڻ هو ته هو ذهني ۽ جسماني طور تي انهيءَ قابل ڪونهي ته هو پوپ رهي سگهي.
ريٽائرمنٽ کان پوءِ هو عوامي سطح تي زياده متحرڪ نظر نه آيو بلڪه هن پنهنجي زندگي ويٽي ڪن سٽيءَ ۾ ئي عبادت ۽ مراقبي تائين محدود ڪري ڇڏي هئي.
سال 2018 ۾ اٽليءَ جي هڪ اخبار کي لکيل هڪ خط ۾ هن چيو هو ته ’’منهنجي جسماني قوت وقت گزرڻ سان مرجهائبي پئي وڃي ۽ مان لاڏاڻي جي سفر جي لاءِ تيار آهيان’’.
جرمنيءَ ۾ جنم وٺڻ واري اڳوڻي پوپ پنهنجي ابتدائي زندگي آسٽريا جي ويجهو اوڀر جرمنيءَ ۾ گزاري.
هو ٻي مها ڀاري لڙائيءَ کان هڪ سال اڳ هڪ مذهبي درسگاه ۾ داخل ٿيو. ليڪن بعد ۾ کيس جرمن فوج ۾ شامل ڪيو ويوجتي هن جنگ ختم ٿيڻ کان ڪجهه عرصو اڳ تائين ’اينٽي ايئرڪرافٽ يونٽ’ ۾ خدمت انجام ڏني.
بعد ۾ هن مذهبي علمن جي تعليم جو سلسلو ٻيهر شروع ڪيو ۽ 1951 ۾ پادري ٺهيو.
ٻي ويٽي ڪن ڪائونسل ۾ بطور صلاح ڪار خدماتون انجام ڏيڻ کان پوءِ پوپ پال کيس ميونخ جو آرچ پشپ لڳايو.
سندس شمار پوپ جان پال ٻئي جي ويجهن صلاح ڪارن ۾ ٿئي ٿو. سنه 2005۾ هن جان پال جي لاڏاڻي کان پوءِ سندس آخري رسمن جي اڳواڻي ڪئي جنهن کان پوءِ هن کي 265 هون پوپ منتخب ڪيو ويو.
پوپ بينيڊڪٽ جي دور ۾ ٻارن سان جنسي استحصال جي اسڪينڊل منهن ڪڍيو جنهن ۾ ڪيترن تي لڳايل الزام سامهون آيا. انهيءَ دوران ڪيترن پادرين کي برطرف ڪرڻ ۽ متاثر ماڻهن کان معافي گهرڻ سندس دور جي اهم واقعن منجهان هڪ هيو.
(هن رپورٽ جي معلومات خبرن جي اداري رائيٽرز، ايسو سي ايٽڊ پريس ۽ اي ايف پيءَ تان ورتي وئي آهي)