گهڻن ئي آمريڪين کي اڃان تائين اها ڳالهه نه آئڙي آهي ته هو اليڪٽرڪ ڪار خريد ڪندا، جنهن جو خاص سبب اليڪٽرڪ ڪارن جا چوٽ تي چڙهيل اگهه ۽ چارجنگ اسٽيشنن جو گهٽ هجڻ آهي.
هڪ تازي سروي مان پتو پوي ٿو ته ڏهن منجهان چار آمريڪي ڪنهن حد تائين اليڪٽرڪ گاڏين جي طرف مائل ٿي سگهن ٿا جڏهن ته ٻين کي تيل سان هلڻ واريون گاڏيون وڌيڪ پسند آهن.
شڪاگو يونيورسٽيءَ جي انرجي پاليسي انسٽي ٽيوٽ ۽ ايسو سي ايٽڊ پريس جي سروي مان معلوم ٿئي ٿو ته بجليءَ سان هلڻ وارين گاڏين جي ڊرامائي حد تائين وڪرو وڌائڻ جي لاءِ بائيڊن انتظاميا جي رٿائن کي صارفين جي پاران مزاحمت درپيش اچي سگهي ٿي.
رڳو اٺ سيڪڙو بالغ آمريڪي اهو چيو ته هنن پاڻ يا سندن گهر جي ڪنهن ڀاتيءَ اليڪٽرڪ ڪار خريد ڪئي آهي يا ليز تي ورتي آهي، ۽ صرف 8 سيڪڙو بالغ آمريڪين چيو ته هن يا سندس گهر جي ڪنهن ڀاتيءَ وٽ ’پلگ ان’ گاڏي آهي.
نئين اليڪٽرڪ گاڏي خريد ڪرڻ تي حڪومت ٽيڪس ۾ 7500 ڊالر جي ڇوٽ ڏئي ٿي، ليڪن ان جي باوجود گاڏيون هلائڻ وارن جي اڪثريت کي ان ڏانهن مائل ڪرڻ ڏکيو ڪم لڳي رهيو آهي.
موٽر ٺاهيندڙ ڪمپنيون، ڪارخانا ۽ اليڪٽرڪ گاڏين جي لاءِ بيٽريءَ جي ٽيڪنالاجيءَ تي اربين ڊالرن جي سيڙپ ڪاري ڪري رهيون آهن ته جيئن آلودگي گهٽ ڪرڻ ۽ آب و هوا جي تبديليءَ جي مسئلن سان نبرڻ جي لاءِ اليڪٽرڪ گاڏين کي هٿي ڏياري سگهجي.
موسمياتي تحفظ جي متعلق اداري چيو آهي ته گرين هائوس گيسن جو اخراج گهٽائڻ لاءِ 2032 تائين نين گاڏين جو وڪرو لڳ ڀڳ ٽيون ڀاڱو اليڪٽرڪ گاڏين تي مشتمل هوندو.
ليڪن سروي ۾ شامل صرف 19 سيڪڙو بالغ آمريڪين چيو آهي ته ايندڙ ڀيري هو اليڪٽرڪ گاڏي خريد ڪند، جڏهن ته 22 سيڪڙي جو جواب هو ته ٿي سگهي ٿو ته هو اليڪٽرڪ ڪار جي باري ۾ سوچن جڏهن ته 47 سيڪڙو جو صاف جواب هو ته اهي اليڪٽرڪ گاڏي وٺڻ ۾ ڪا دلچسپي نه ٿا رکن.
جڏهن سندن انڪار جو سبب پڇيو ويو ته 10 مان 6 ٻڌايو ته اليڪٽرڪ گاڏين جي قيمت تمام گهڻي آهي.
سروي ۾ شامل رڳو 16 سيڪڙو ماڻهن چيو ته وڌيڪ قيمت جي ڪري هو اليڪٽرڪ گاڏي خريد نه ڪندا.
گاڏين جو وڪرو ۽ خريد اگهه ۽ ٻين ڳالهين متعلق هڪ آمريڪي ڪمپني، ڪيلي بليو بڪ جي مطابق، نين اليڪٽرڪ گاڏين جي سراسري قيمت 58،000 ڊالر کان مٿي آهي، جيڪا گهڻن ئي آمريڪي گهراڻن جي پهچ کان ٻاهر آهي. آمريڪا ۾ وڪامڻ وارين گاڏين جي سراسري قيمت 46،000 ڊالر کان گهٽ آهي.
(ايسو سي ايٽڊ پريس تان ورتل)